حيات پتافي ويجهو 4 سالن جو نينگر واهه ۾ ڪري فوت

0
238

حيات پتافي (ن پ ا) حيات پتافي ويجهو 4 سالن جو نينگر واهه ۾ ڪري فوت، لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو آهي، ڳوٺ گل محمد بوزدار جي رهواسي رياض احمد بوزدار جو 4 سالن جو پٽ فراز احمد بوزدار واهه ڪراس ڪري رهيو هو ته ڪري ٻڏي فوت ٿي ويو آهي، نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ امڙ کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا، هوڏانهن نينگر جي چاچي معشوق بوزدار ٻڌايو ته اسان سارين جي رونبي تي ويل هئا سين ٻار اسان جي پٺيان آيو ته واهه ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويو آهي.