سوال/سروي نواز شريف ڪڏهن ۽ ڪنهن جي چوڻ تي ايندو، جيل ويندو يا وزيراعظم ٿيندو؟ عوام جي اڳڪٿي

0
267
سوال/سروي نواز شريف ڪڏهن ۽ ڪنهن جي چوڻ تي ايندو، جيل ويندو يا وزيراعظم ٿيندو؟ عوام جي اڳڪٿي

   ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته وفاقي سرڪار چيو آهي ته نوازشريف پاڻ نه ايندو، اسان کيس واپس آڻينداسين،حڪومت ڪيرائڻ جو اپوزيشن ۾ دم ئي ناهي، ڇا نواز شريف واپس ايندو؟ جيڪڏهن نواز شريف واپس آيو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ جنهن تي عوام جي راءِ ورهايل رهي، ڪجهه ماڻهن چيو ته نواز شريف واپس ايندو ۽ وزيراعظم ٿيندو، ڪجهه ماڻهن چيو ته نواز شريف واپس نه ايندو، جيڪڏهن آيو ته جيل ويندو، نواز شريف ڪنهن جي چوڻ تي ايندو ان بابت به راءِ جو اظهار ڪيو ويو، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي  آصف علي راڄپر لکيو ته حڪومت نواز شريف کي واپس نٿي آڻي سگهي نواز شريف واپس اچڻ جو اعلان ڪيو آهي ته ھنن جا منهن لھي ويا آهن، ايندڙ وزيراعظم نواز شريف هوندو،

محمد ايوب لکيو ته نواز شريف جيل جي ڊپ کان ٻاھر رھي پيو جيستائين ملڪ ۾ پي، ٽي،آئي، جي حڪومت آھي تيستائين نواز شريف جو اچڻ مشڪل آھي، نياز ڪلوئي لکيو ته بلڪل نواز شريف ايندو ڪيسن کان آجو ٿي ايندو، شيراز چانگ لکيو ته نواز شريف واپس به ايندو،۽ اليڪشن کٽي پاڪستان جو وزيراعظم بڻجندو، علي مراد چانگ لکيو ته نواز شريف اسبلشمينٽ جي چوڻ تي ايندو، علي گوهر سومرو لکيو ته نواز شريف جيل ۾ پوندو، گل حسن شر لکيو ته نوازشريف ضرور ايندو حڪومت چاھي ٿي ته واپس نه اچي جيئن مشڪلاتون نه وڌن، آصف جوکيو لکيو ته وفاقي حڪومت صرف نواز شريف جي واپس اچڻ جي خبر تي ئي بوکلاھٽ جو شڪار ٿي وئي آهي، باقي نواز شريف بلڪل واپس ايندو جڏهن سندس مٿين ڌرين سان ڊيل ٿي وئي، نواز شريف واپس آيو ته جيل ويندو پر ان صورت ۾ مريم نواز اليڪشن مهم هلائيندي ۽ نواز ليگ اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيندي، شهمير مهر لکيو ته نواز شريف ايندو ڪونه اگر آڻڻ وارا آڻيندا ته مظلوم ڪري پيش ڪيو ويندو جئين اڳ۾ اهڙا قصا ٿيندا رهيا آھن،

گلزار احمد درس لکيو ته نواز شريف پراڻو سياستدان آهي تحريڪ انصاف آساني سان کيس جيل ۾ نٿي وجھي سگھي، راسول مل لکيو ته نواز شريف اليڪشن کان اڳ نه ايندو، فقير علي لکيو ته نواز شريف ايندو ته ضرور پر فلحال ڪونه ايندو نواز شريف تڏهن ايندو جڏهن نگران وزيراعظم ويھندو، ايندڙ حڪومت به پي ٽي آءِ جي ٿيندي، حيدر سهندڙو لکيو ته نواز شريف واپس ايندو ۽ جيل ويندو، مريم چونڊمهم هلائيندي ۽نوازليگ اليڪشن۾ ڪامياب ٿيندي، ظفر رند لکيو ته نوازشريف اليڪشن کان ٿورو اڳ ۾ ايندو، جاويد زرداري لکيو ته نواز شريف اچي ويندو پر حڪومت ڪيرائڻ جي طاقت ڪنهن پارٽي ۾ ناهي، اياز علي راهوجو لکيو ته نواز شريف کي جيستائين سگنل نه ملندو تيستائين ڪڏهن به واپس نه ايندو، بشير ميراڻي لکيو ته نواز شريف کي جيڪڏهن اسٽبلشمينٽ چاهيو ته واپس ايندو، حڪومت کي ڪو لهر لوڏو ناهي. ڪاشف حسين ڪنڀر لکيو ته نواز شريف ڪونه ايندو اگر آيو ته مريض هوندو ڪنهن نه ڪنهن بيماري ۾ متبلا هوندو،

نعمت الله نهڙي لکيو ته نواز شريف نه ايندو پر اچي ته جيل اماڻيو وڃي، پاڪستان کي ڪنگال ڪرڻ وارو نوازشريف آھي. قادر بخش زئور لکيو ته تبديلي سرڪار بوکلائجي وئي آھي، سنتوش ڪمار لکيو ته اهي صرف ڳالهيون آهن ڪجهه به نه ٿيندو، غلام نبي بلوچ لکيو ته نواز شريف جيل ويندو اتان ٿي سگهي ٿو ڪجهه رليف مليس، لجپت راءِ ميگهواڙ لکيو ته نواز شريف واپس نه ايندو، وفاقي حڪومت بوکلاهٽ جو شڪار ٿي وئي آهي، هزار خان لکيو ته نواز شريف لاھور جو رھواسي آهي ان لا ڪو به رستو بند نٿو ڪري سگھجي، علي محمد لغاري لکيو ته نواز شريف في الحال نه ايندو، نواز ليگ اقتدار ۾ نه ايندي، سائين بخش لکيو ته لڳي ٿو ته نواز شريف جون ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن، حسين ٽانوري لکيو ته  پي ٽي آءِ جي سڄي سياست صرف نواز شريف جي خلاف بيانن تائين محدود رھي آھي پنھنجي ڪارڪردگي نه ڏيکاري آھي،

پرتاب راءِ سيبرا لکيو ته نواز شريف ايندو  ۽ حڪومت ڪجهه نه ڪندي، راشد الطاف لکيو ته نواز شريف آيو ته کيس جيل نٿا موڪلي سگهن، عابد ڀٽي لکيو ته نواز شريف جو اندروني ٺاهه ٿي ويو آهي، لال محمد رند لکيو ته نواز شريف کي آڻڻ حڪومت جي وس جي ڳالهه ناهي، مخدوم مينهل مڱريو لکيو ته نواز شريف واپس ايندو، ڊاڪٽر خليق الزمان لکيو ته حڪومت واپس نٿي آڻي سگهي، شهزاد علي ميمڻ لکيو ته نيازي سرڪار عوام کي رڳو دلاسن کانسواءِ ڇا ڏنو آهي؟ وزير علي پنهور لکيو ته نواز شريف في الحال نه ايندو، عيدل ڪنڀر، غلام رسول راهمون لکيو ته نواز شريف ايندو، محمد حنيف خاصخيلي، آسودومل لوهاڻو، ساگر علي رضا ۽ ٻين به سروي ۾ حصو ورتو.