ڪراچي ۾ ايندڙ هفتي برسات جي اڳڪٿي

0
392
ڪراچي ۾ ايندڙ هفتي برسات جي اڳڪٿي
ڪراچي ۾ ايندڙ هفتي برسات جي اڳڪٿي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ايندڙ هفتي برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آھي، موسميات کاتي ايندڙ هفتي ڪراچي ۾ ٻئين برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي

چيف ميٽولوجسٽ سردار سرفراز موجب ڪراچي ۾ 5 ۽ 6 جنوري تي سياري جي ٻي برسات جو امڪان آهي ۽ ان کان اڳ 4 جنوري کان شهر ۾ برسات جو امڪان آهي

سردار سرفراز جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ گجگوڙ سان وچولي کان تيز برسات جو امڪان آهي جڏهن ته 31 ڊسمبر تي بلوچستان کان ملڪ ۾ مغربي برساتن جو نئون سسٽم داخل ٿيندو

موسميات کاتي جي چيف سيڪريٽري موجب ڪراچي ۾ 3 جنوري تائين ٿڌيون هوائون هلنديون رهنديون، جنهن دوران ڏينهن جو موسم صاف ۽ رات جو ٿڌو رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته شهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 10 کان 12 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي

ھي به پڙھندا

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات جاري