سوال/سروي … شاگرد يونين بحال ڪئي وڃي، فيس گهٽائي وڃي، شاگردن کي بنيادي تعليمي حق ڏنا وڃن: عوام

0
42

 ڊيلي پنهنجي اخبار ۽ دي ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته 04 مارچ شاگرد جدوجھد جو ڏينھن: ڇا شاگردن کي بنيادي تعليمي حق ملي رهيا آهن؟ ڇا شاگرد يونين بحال ٿيڻ گھرجي؟ ڇا شاگرد يونين بحال ٿيڻ گھرجي؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن لکيو ته شاگرد يونين بحال ڪئي وڃي، بند پيل اسڪول کوليا وڃن، فيس ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي، شاگردن کي بنيادي تعليمي حق ڏنا وڃن، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي ثناءُالله مشوري لکيو ته شاگردن کي ھن وقت تائين ڪو به بنيادي حق نه ملي سگھيو آھي سنڌ جي اندر تعليم بلڪل تباھي جي ڪناري تي پھتل آھي باقي ھن ملڪ جي حڪمرانن جا اولاد ٻاھرين ملڪن مان تعليم حاصل ڪن پيا غريب عوام جو اولاد تعليم کان محروم آھي، باقي شاگرد يونين بحال ٿيڻ کپي ھن وقت شاگرد يونين جي بحالي جي سخت ضرورت آهي، سمير احمد لکيو ته اسان جي علائقي واهي پانڌي ۾ هن گرلز ڪاليج ۽ گرلز اسڪول جي ضرورت آهي تعليم واري صوبائي وزير کي گهرجي ته اسان جي علائقي واهي پانڌي ۾ گرلز ڪاليج ۽ گرلز اسڪول تعمير ڪرايو وڃي.  مخدوم مينهل مڱريو لکيو ته بلڪل شاگرد يونين بحال ٿيڻ گهرجي جئين اهل سياسي اڳواڻ پيدا ٿين جيڪي اڳتي هلي ملڪ جي بهترين قيادت ڪن. ماجد علي لکيو ته بنيادي تعليم تِر برابر آھي صرف نالي تائين محدود آھي باقي ٻھراڙين ۾ ته مڙئي استاد مقرر آھن نون ڀرتين ھوندي به جھڙو نه برابر. انھيءَ جي لاءِ بحاليءَ جي گهر ڪجي ٿي، شڪيل ڇڄڙو لکيو ته موجوده دور ۾ شاگردن سان ھر طرح جي ناانصافي ڪئي پئي وڃي، خاص ڪري يونيورسٽين ۾ داخلائن توڙي هاسٽل جي فيس ۾ ھر سال بنا جواز واڌ ڪئي پئي وڃي، ھاسٽلن تي بنيادي سھولتون نه ھجڻ برابر آھن، تعليمي سرگرمين لاءِ جديد ليبارٽريز يا گھربل اوزر نه ھئڻ برابر آھن، دنيا جتي مصنوعي ذھانت وسيلي حيران ڪندڙ نتيجا اخذ ڪري ڪائنات جي رازن تان پردو پئي کڻي ساڳئي وقت پاڪستان خاص طور تي سنڌ جي يونيورسٽين ۾ تعليم دوست ماحول نه ھئڻ برابر آھي اھو پنھنجي جاءِ تي پر ادارن ۾ پڙھندڙ نياڻين کي مختلف طريقن سان حراسان ڪيو پيو وڃي. ان صورتحال ۾ شاگردن جي مسئلن کي سگھارو آواز مھيا ڪرڻ لاءِ شاگرد يونين جو بحال ٿيڻ بيحد ضروري بڻجي چڪو آهي.شاگرد يونين جي بحالي انڪري به ضروري آهي ته گھٽ ۾ گھٽ شاگردن جي متحرڪ رھڻ سان ادارن جي سربراهن کي اگھور ننڊ مان اٿاري سگھجي. نويد ناز اڄڻ لکيو ته  سنڌ جي پرائمري تعليم دنيا کان سوين سال پوئتي پيل آھي.. سڀ کان پھريان اھا بھتر ڪرڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن. بنيادي تعليم جو حق ئي مڪمل طور تي مليل ڪو نه آھي ته پوءِ ٻين ڪھڙن حقن جي ڳالھه ڪجي.. پھريان بنيادي حق ڏيو، پوءِ ٻيا حق ملي ويندا.. شاگرد يونين شاگردن جي فائدي لاءِ آھي. ان تان پابندي ھٽائڻ جو پرزور مطالعو ڪجي ٿو… جي آر چانڊيو لکيو ته اسان وٽ سانگھڙ ضلعي ۾ تعليم جو ڪو وجود ئي ناھي 90 سيڪڙو سرڪاري اسڪول بند پيل آھن اگر عمارت آھي ته ماستر ناھي اگر جي ماستر آھي ته اسڪول جي عمارت ناھي جڏهن تعليمي نظام ئي صحيح ناھي ته شاگردن کي پنهنجا حق ڪھڙي بنياد تي ملندا، محمد عرس مشوري لکيو ته 4 مارچ جو ڏينھن سنڌي شاگرد سياست لاءِ ھڪ آڪسيجن جيان ڏينھن مليو ان وقت جون حالتون به ساڳيون ھيون جيڪي اڄ آھن شاگردن کي يونيورسٽين اندر صاف پاڻي پيئڻ لاءِ ڪونه ٿو ملي روزانو فيسن ۾ واڌ فورسز جا اٽالا يونيورسٽين جي اندر، اسان چاھيون ٿا ته شاگرد يونين بحال ڪئي وڃي ۽ شاگردن جا مسئلا حل ڪيا وڃن، محمد اڪرم تنيو لکيو ته 4مارچ شاگرد جدوجھد جو ڏھاڙو. چار مارچ شاگردن جي حقُن جو ڏهاڙو آهي، ڪامريڊ علي احمد لکيو ته 4 مارچ شاگرد جدوجهد جو ڏهاڙو، سنڌ ۾ هزارن جي تعداد ۾ بند ڪيل اسڪول ڪاليج ۽ درسگاهن کي کولي شاگردن کي معياري تعليم فراهم ڪئي وڃي، شاگرد يونين تا پابندي ختم ڪري شاگرد يونين بحال ڪئي وڃي تعليمي ادارن مان فورسز کي نيڪالي ڏيو، صديق احمد سهندڙو لکيو ته سنڌ ۾ تعليمي نظام بلڪل ڪمزور آهي جنهن کي بهتر ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ته تعليم جو تصور به بچيو آهي الائي ڪونه، تعليم جي شعور جي لاءِ حڪومتن کي عملي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، ٻي ڳالھه آھي ته بنيادي حق ملي رهيا آهن يا نه، ان جو جواب آهي ته تعليم خود بنيادي حق آهي جنهن تي وڏا ڌاڙيل ويٺل آهن هر سال هزارين رپيا فيس مهانگي ڪن ٿا جنهن جي ڪري تعليم جا خواهشمند تعليم کان محروم ٿي وڃن ٿا، شاگرد يونين جو تصور ان ٽائيم هوندو آهي ته شاگرد ڪنهن مسئلن تي آواز اٿاري سگهن ڪنهن به شاگرد يونين جي پليٽ فارم تان ليڪن اگر تعليمي ادارن ۾ تمام تر معياري سهولتون ميسر هونديون ته شاگرد يونين جي نوبت ئي نه ايندي، لھذا اول آخر تعليم ۽ تعليمي ادارن کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، حڪومت وقت کان مطالبو آهي ته بهتر مستقبل جي لاءِ بهتر تعليم ڏني وڃي… خميسو آريسر لکيو ته اسان جي ڳوٺ مٺو آريسر تعلقو پٿورو يوسي شاھ مردان شاهه ڏيھه 8 هيرل 50 ٻارن جو مستقبل تباهه آهي ان جو نوٽيس ورتو وڃي ته مهرباني ٿيندي تڪ ايم پي اي  جو آهي اسان جو وزير تعليم سيد سردار علي شاهه جي تڪ جي حالت خراب آهي، مير شاهه محمد بلوچ لکيو ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سنڌ ۾ شاگردن کي تعليمي ادارن ۾ پڙهائي جو مڪمل حق نٿو ملي. شاگردن يونين بحال ٿيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته انهيءَ سان شاگردن کي تعليم پرائڻ جون بنيادي سهولتون جيئن ملي سگهنديون، ايم حنيف سومرو لکيو ته شاگرد پنهنجي حقن کان هميشه محروم رهيا آهن هينئر به محروم آهن شاگرد يونين بحال ٿيڻ گهرجي ڇو ته شاگردن جي آواز کي دٻايو ويو آهي شاگردن يونين تي پابندي سبب استادن جو رويو به خراب ٿي ويو آهي هڪ سال ۾ ڪيترن ئي نياڻين کي حراسمينٽ ڪري قتل ڪيو ويندو آهي اڄ شاگردياڻيون به اهو چاهين ٿيون ته يونين وارا هجن جيڪي اسان جي عزتن جي رکوالي ڪن.فاروق احمد لکيو ته تعليمي نظام کي بھتر ڪرڻ جي ضرورت آھي شاگردن جا جائز مسئلا حل ڪيا وڃن يونين جي ضرورت ناھي، محمد فياض وساڻ لکيو ته سانگھڙ سميت سنڌ جا ڪيترائي اسڪول بند پيل آهن ٻهراڙين ۾ اسڪول بند آهن جتي کليل آھن اتي استاد ناھن جتي استاد آھن اتي ڪتاب ناھن جتي ڪتاب آھن سڀ کان پهرين اُنھن جي بحاليءَ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آھي، شاگرد يونين به بحال ٿيڻ گهرجي، الهداد سرهاري لکيو ته ضلع سانگھڙ سرھاري ڀرسان ڳوٺ شادي خان ۾ گذريل ڪيترائي سال گذري ويا پر اسڪول منظور ئي نه ٿيو تعليم تباھه حال ٿي وئي، اسڪول جي بلڊنگ تباھه ٿي وئي آهي، ميانداد مري لکيو ته ٻهراڙين ۾ اسڪول بند آهن جتي کليل آهن اتي استاد ناهن جتي استاد آهن اتي وري ڪتاب ناهن، استاد ڪچهري ڪرڻ ايندا آهن، شاگردن تي ڌيان ناهي ڏنو ويندو، محمد عثمان ميمڻ لکيو ته شاگرد يونين بحال ٿيڻ گهرجي، بشير جوڻيجو لکيو ته جنرل پرويز مشرف جي دور حڪومت کان بعد سانگھڙ سميت سنڌ جا ڪيترائي اسڪول بند پيل آهن سڀ کان پهرين اُنھن جي بحاليءَ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آھي، شاگرد يونين به بحال ٿيڻ گهرجي، حافظ اسد مشوري لکيو ته تعليم ڪجهه به ناهي، نقاش پيرزادو لکيو ته ٻهراڙين ۾ اسڪول بند آهن جتي کليل آھن اتي استاد ناھن جتي استاد آھن اتي ڪتاب ناھن جتي ڪتاب آھن اتي استاد ڪچھري ڪرڻ ايندا آھن ڪافي شاگردن تي ڌيان نٿو ڏنو وڃي.