اسلام آباد: قومي اسيمبلي ميمبرن صدارتي اميدوار محمود اچڪزئي جي گهر تي ڇاپي جي مذمت ڪئي وئي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سني اتحاد ڪائونسل جي نامزد صدارتي اميدوار محمود خان اچڪزئي جي گهر تي ڇاپي جي مذمت ڪندي چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ بلوچستان جي وڏي وزير کي چوان ٿو ته هن معاملي تي ايڪشن وٺن، بلاول چيو ته محمود خان اچڪزئي صدارتي اميدوار آهي، اچڪزئي جي گهر تي ڇاپو هڻي صدارتي چونڊن کي بنا جواز جي تڪراري بڻايو پيو وڃي. جنھن تي اسپيڪر اياز صادق چيو ته مون کي ان معاملي جو اطلاع ناھي.سني اتحاد ڪائونسل جي عمر ايوب خان چيو ته اسان جي صدارتي اميدوار محمود خان اچڪزئي جي گھر تي ڇاپو ھنيو ويو جنھن جي سخت مذمت ڪريون ٿا. بي اين پي سربراھ سردار اختر مينگل قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي چيو ته سڀ کان پھرين محمود خان اچڪزئي جي گھر تي پوليس جي ڇاپي جي مذمت ڪريان ٿو. وزير اعظم کي صحافين عمران رياض خان ۽ اسد طور کي آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ گھرجي ھا. سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪرڻ گھرجي.