اشو آف دي ڊي … سنڌ يونيورسٽي مان وڻن جي واڍي خلاف سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل: انتظاميا مٿان تنقيد

0
64

 سنڌ يونيورسٽي مان وڻن جي واڍي خلاف سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل ڏنو ويو ان حوالي سان جامي چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ يونيورسٽي: يونيورسٽي ۾ ادا سڀ غيرفعال بڻايل، چيئرس ۾ ڪم کان جواب، تحقيقي جرنل نڪرن نٿا، علمي ۽ اڪيڊمڪ ڪانفرنس بند، غيرنصافي سرگرميون عملي طور بندش، باقي انتظاميا جو سڄو زور رڳو وڻ وڍرائڻ تي آهي جيڪو بدترين ماحولياتي ڏوهه آهي، جنهن تي شفيع ملاح لکيو ته انهن کي اهو ڪم ته ب بچيو آهي باقي واندا ويهي ڇا ڪندا.، ذوالفقار واهوچو لکيو ته ان وي سي خلاف وڻ وڍائڻ جو ڪيس داخل ڪرڻ گهرجي، هالار نواز لکيو ته سڀ تعليم دشمن، شاگرد دشمن ۽ ماحول دشمن پاليسين ۾ اڳڀرا رهيا آهن. استادن ۽ ملازمن جون تنظيمون پنھنجن مفادن خاطر سرگرم آھن، ماحول، شاگرد، ۽ معياري تعليم انھن جي ترجيح ۾ شامل ئي نه آھن. نه رڳو ماحول، يونيورسٽي جو تعليمي نظام، تعليم جي معيار ۽ پاليسين کي سڌارڻ جي ضرورت آهي. سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ھي سڄو نظام، انتظاميه جي نااھليءَ، بدتر ڪارڪردگيءَ کي ظاهر ڪري ٿي. اهڙين پاليسين جي پويان سڄي گروهه کي وڏي پيماني تي بي نقاب ڪرڻ گهرجي ۽ انهن جي عملن جو احتساب ڪيو وڃي. رابيل احمد لکيو ته وي سي کان وٺي سنڌ يونيورسٽي انتظاميه، سوٽا، ۽ سندن حامين تائين سڀ اهڙي عمل ۾ ملوث آهن، ڊاڪٽر خالق ميمڻ لکيو ته الحمد الله جيڪو شاگرد مادر علمي مان فارغ ٿي نڪري ٿو اهو نه گهر جو ٿو رهي نه گھاٽ جو، خبر نٿي پويس ته هاڻي ڪرڻو ڇا آهي. اسان جي هڪڙي دوست جي پولٽري فارمنگ مينيجمينٽ ڊپارٽمينٽ ۾ داخلا ٿي فيس جمع ڪرائي ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ ويو ته اختيارين چيس فقط پنج شاگردن تي ڊپارٽمينٽ ڪونه هلندو ٻيا شاگرد هٿ ڪري اچو ته ڪلاس هلايون نه ته ڊپارٽمينٽ ئي بند ٿا ڪريون ڀلي پنهنجي فيس ريفنڊ ڪرائي وڃو. مريد حسين لکيو ته سنڌ يونيورسٽي جي ترجمان کي اوهان خلاف پوسٽ نه لکڻي پئجي وڃي، غفور ميمڻ لکيو ته وڻ وڍڻ جو ڪم وڏيرن شروع ڪيو ٻيلا وڍائي زمينن تي قبضا ڪري پوءِ اهي زمينون ملائڪن کي وهائي ڏنيون، امير اڪبر کوسو لکيو ته انتظاميا جو چوڻ آهي ته وڻ سيڪيورٽي رسڪ آهن ان لاءِ وڍيا پيا وڃن، ذوالفقار علي لکيو ته 6 مهينن کان ايم فل ٽاپڪ اپروول تي صحيح جو انتظار پيا ڪريون، شمس الدين زئور به ردعمل ڏنو، راول رحمان لکيو ته وڻ جي واڍي ڏوهه آهي، زبير حسن پنهور لکيو ته ڪرپٽ يونيورسٽي انتظاميا کي خطرو صرف ماحول دوست وڻن ۽ اداري جي شاگردن جي سياسي سرگرمين مان آهي، ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو لکيو ته ماحول ۽ تعليم دشمن انتظاميا، تنصير احمد لکيو ته ڳولھي ڳولھي نااھل ماڻھو تعليم کاتي ۾ ڀرتي ڪيو ويٺا آھن ، جن جو تعليمي سرگرمين سان نه رڳو واسطو ڪونھي پر علم جي تخليق سان وير آهي، فدا حسين به ردعمل ڏنو، اصغر گلاب سومرو لکيو ته مذمت ڪجي ٿي، فراق هاليپوٽو لکيو ته هي وي سي ته فطرت جي خلاف آهي ڪيڏو نه ٻاراڻو دليل آهي ته وڻن هيٺ ملڪ دشمني ڪئي ٿي وڃي، معشوق علي سولنگي لکيو ته وي سي وڻن مان پنهنجو پيٽ ٿو پالي سو وڻن کانپوءِ يونيورسٽي جو لوهه ٽين ۽ پاٺا کپائي پيٽ پاليندو، حميد ڪاشيگر به ردعم ڏنو، اشرف سولنگي لکيو ته هڪ سنڌي چوڻي آهي ته “هن همراهه ته وڻ ئي وڄائي ڇڏيا..! اشرف نور به ردعمل ڏنو، راشد حسين ملاح لکيو ته سنڌ يونيورسٽي بدانتظامي جو ڳڙھ بڻجي وئي… گل محمد، عمران روشن ڏيپر، مهراڻ احمد، ياسر علي کوکر به ردعمل ڏنو، علي ڏيٿو لکيو ته هن وي سي يونيورسٽي تباهه ڪري ڇڏي آهي، جي ايم سرجاڻي لکيو ته وڻ جاندار خوشبودار سايادار روشني کان بچائيندڙ آسائٔش ڏيندڙ رونق بخشيندڙ قدرتي حسن آھن جن کي وڍڻ ڪٿان جي ڏاھپ آهي وي سي کي روڪيو وڃي، مجتبيٰ جوکيو، زاهد حسين، عاقب حسين لغاري، شفيع محمد ميمڻ، شاهزيب خان، محمد اجمل به وڻن جي واڍي تي ردعمل ڏنو.