سوال/سروي … سنڌ ۾ اغوا وارداتون وڌي ويون: سنڌ سرڪار، پوليس ۽ وڏيرا ذميوار قرار، ڌاڙيلن خلاف اثرائتو آپريشن ڪيو وڃي: عوام

0
48

 ڊيلي پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ ۾ اغوا جون وارداتون وڌي ويون: ذميوار ڪير ؟ مغوين جي بازيابي لاءِ ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته سنڌ حڪومت، سنڌ پوليس، وڏيرا، سردار ذميوار آهن، ڌاڙيلن خلاف اثرائتو آپريشن ٿيڻ گهرجي، مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي منصور علي سومرو لکيو ته ذميوار پوليس آهي جيڪا امن امان ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي شريف ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي خبر ئي نٿي پئي ته گهر کان ٻاهر نڪري وڃڻ کانپوءِ ماڻهون صحيح سلامت واپس ايندو يا نه. جيڪڏهن پوليس کان ڪجهه نٿو ٿي سگهي ته پاڪ فوج ۽ ريجرز کان آپريشن ڪرايو وڃي۽ پوليس کي سڀ خبر ھوندي آھي. ايم صفر گوپانگ لکيو ته ڌاڙيل جي سرپرستي ۽ سهولتڪاري سنڌ جا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا سردار ۽ ڪجھه وردي پهريل ڪاريون رڍون ڪري رهيا آهن گڏوگڏ حڪمران به ڪنهن حد تائين ان ۾ شامل آهن جيڪي امن لاءِ صرف بيانن جي حد تائين محدود آهن ڌاڙيلن کي مسلسل ڇوٽ سبب اغوا کانپوءِ ڀنگ وٺڻ هاڻي ڪاروبار بڻجي ويو آهي جنهن جو حصو پتي گهڻن کي ملي ٿو اگر هن ڪاروبار کي ختم ڪرڻو آهي ته سنڌ جي امن لاءِ ناسور بڻيل ڌاڙيلن کي به ختم ڪرڻو پوندو ۽ ان لاءِ آرمي ۽ رينجرز جو بي رحم آپريشن ٿيڻ تمام ضروري آهي، فياض احمد مهر لکيو ته سموري سنڌ ۾ ڌاڙيل گردي وڌي وئي آھي جنهن جي خاص وجھه قبائلي جھيڙا آھن ۽ انهن ۾ سردار ۽ وڏيرا ملوث آھن انهن ۾ ھٿ وجھن ته سڀ امن ٿي ويندو، راجا حيدر لکيو ته جيستائين وڏيرا گرفتار نه ٿيندا ۽ پوليس غير سياسي نه ٿيندي انوقت تائين سنڌ بدامنيءَ جي باھه ۾ ٻرندي رهندي، جي آر چانڊيو لکيو ته ذميوار سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس آھي ڌاڙيل وڏيرن جا پاليل آھن ۽ وڏيرا ڌاڙيلن کي استعمال ڪري ھٿ سان سنڌ جو امن خراب ڪري رھيا آھن پوليس وڏيرن ۽ ڌاڙيلن اڳيان بيوس آھي اگر پوليس پنهنجي ڊيوٽي ايمانداري سان ڪري ته سنڌ ۾ امن امان ڪافي بھتر ٿي سگھي ٿو ھاڻي ته اسانجي سانگھڙ ضلعي جو امن به خراب ٿيندو پيو وڃي ڏينهن ڏٺي چوريون ڦريون ڌاڙا عروج تي پھچي ويا پوليس ٻوٽو نه ٻاريو ھاڻي سڄي سنڌ ۾ فوج کي طلب ڪيو وڃي امن امان کي بھتر ڪرڻ لاءِ آخري حل پاڪ فوج آھي، عبدالحئي مير لکيو ته سنڌ ۾ اغوا جي واداتن جي ذميوار سنڌ سرڪار آھي ڌاڙيل اتان جي علائقن جي ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز جا پاليل آھن . انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ فوجي آپريشن ڪرڻ گهرجي، عرفان جروار لکيو ته ذميوار سنڌ پوليس آھي،چوندا آھن چلھه کانسوا چوري ڪانھي، اگر سنڌ پوليس پنھنجي تي اچي ته ڌاڙيل ڪو وڏو مسئلو ڪونھي بس پوليس سچائي ڏيکاري، گلاب خاصخيلي لکيو ته سنڌ ۾ اغوا جو ڪارڻ اتان جا وڏيرا ۽ سنڌ حڪومت خود آھي ڇاڪاڻ ته اتان جا ڌاڙيل وڏيرن جا پاليل آھن ۽ ھنن مٿان سندن ھٿ آھي، اسد زرداري لکيو ته سنڌ ۾ بدامني تمام گھڻي ڪيترن ئي سالن کان آھي ذميوار سنڌ جا وڏيرا ڀوتار آھن ڇو ته سنڌ ۾ وڏيرا نٿا چاھين ته امن ٿئي سنڌ پوليس ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناھي چند سئو ڌاڙيل ڪچي ۾ آھن پوليس پاڻ ئي آپريشن نٿي چاھي ھزارين ماڻھو ڌاڙيلن وٽ قيد آھن، محمد عرس مشوري لکيو ته ذميوار اتان جا سردار ۽ سنڌ حڪومت آھي جيڪا ماڻھن کي تحفظ ڏيڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آھي، موهن لال لکيو ته آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڌاڙيل رياست کان ڏاڍا ناهن پر مٿان کان آديش جاري ناهي ٿيو ته ڌاڙيلن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪريو انهي سموري عمل جي ذميوار رياست آهي ڇاڪاڻ ته عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت رياست کي ڪرڻي آهي، باقي مغوين جي بازيابي لاءِ پوليس کي سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو جيستائين پوليس سچي نٿي ٿيئي تيستائين مغوين جي بازيابي ناممڪن آهي. نادر علي شر لکيو ته اغوا ڪارين جي اصل ذميوار سنڌ حڪومت ٻي نمبر تي سردار ۽ ٽين نمبر تي پوليس به انوال آھي ساليانو 40 ارب ڀنگ جي رقم مان اهي سڀ حصو پتي ڪري رکندا آھن جڏهن ته ڌاڙيل ڪلچر کي هٿي ڏيڻ ۾ خلائي مخلوق پڻ شامل آھي جيڪي جديد هٿيار پهچائڻ جا ذميوار آھن بدامني جو ٻيو رخ اهيو به ٿي سگهي ٿو ته هٿ وٺي اغوا ڪاريون ڪرايون وڃن پيون جئين عوام پاران ڪچي ۾ فوجي آپريشن جو مطالبو ڪيو وڃي ان کي نظر ۾ رکندي ڪچي جي هزارين ايڪڙ زرخيز زمين فوجن جي حوالي ڪئي وڃي ، محمد اقبال خاصخيلي لکيو ته ذميوار حڪمران آهن نئين حڪومت به ڌاڙيلن خلاف ڪو قدم ناهي کنيو، اسماعيل بهلڪاڻي لکيو ته ڀنگ لاءِ اغوا جي وڌندڙ وارداتن جا ذميوار علائقي جي برادرين جي وڏيرين ڀوتارن رئيسن مقدمن چڱن مڙسن سميت اتان جي پوليس پڻ آھي ڪانسٽيبل کان ويندي ايس ايس پي تائين جي پوليس عملدارن جون ڌاڙيلن سان ياريون دوستيون آھن تنھن ڪري سڀ کان پھرين ڌاڙيلن سان ٻٽ بڻيل اھلڪارن کي پوليس مان نيڪالي ڏيئي علائقي جي برادرين جي چڱن مڙن رئيسن مقدمن کي گرفتار ڪري مٿن ڀنگ لاءِ اغوا ۽ وڌندڙ ڏوھي وارداتن جون ايف آءِ آرون داخل ڪيون وڃن ته معاملا بنا دير جي ٺيڪ ٿي ويندا. مدثر کهاوڙ لکيو ته ان جي ذميوار پوليس آهي ۽ ڌاڙيل راج علائقن ۾ رينجرس، آرمي، پوليس ۽ انٽيلجنس ادارن سان گڏجي زبردست آپريشن ڪرڻ گهرجي ته جيئن ڌاڙيل ڪلچر مان جان ڇٽي نه ته ڪم گهڻو آهي، مختيار مولائي لکيو ته سنڌ اندر ڦرون اغوائن جي اصل ذميوار پوليس انتظاميا آهي ڇو جو ڪيترائي حد ٿاڻن جي ھوندي به پوليس قائم چوڪيون برپٽ خالي آھن جنھن جي ڪري ماڻهو اغوا پيا ٿين ٻيو ذميوار چونڊيل نمائندا سردار مير پير ڀوتار آھن، صدام سنڌي لکيو ته ذميوار اهي سردار ۽ وڏيرا آهن، خميسو آريسر لکيو ته هنن جي ذميوار حڪومت هوندي آهي چونڊيل نمائندا ايم پي اي يا ايم اين اي پنهنجي بنگلن تائين محدود نه ٿين، نادر ممتاز ڀنڊ لکيو ته وڌي ويل بدامني جا ذميوار اتان جا چونڊيل نمائيندا ۽ پوليس ۾ موجود ڪاريون رڍون آھن. جيسيتائين پوليس مان سياسي مداخلت ختم نه ٿيندي تيسيتائين امن بحال نه ٿيندو. محمد حسين لکيو ته ذميوار سنڌ حڪومت آهي ۽ اتان جا چونڊيل نمائندا ذميوار آهن، هزار خان لکيو ته سموري سنڌ ۾ ڌاڙيل گردي وڌي وئي آھي جنهن جي خاص وجھه قبائلي جھيڙا آھن ۽ انهن ۾ سردار ۽ وڏيرا ملوث آھن انهن ۾ ھٿ وجھن ته سڀ امن ٿي ويندو، ڪامريڊ علي احمد لکيو ته ذميوار اتان جا سردار ۽ سنڌ حڪومت آھي جيڪا ماڻھن کي تحفظ ڏيڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آھي، ابوصفيان لکيو ته ذميوار اتان جا سردار ۽ سنڌ حڪومت آھي  اهي ماڻهن جو تحفظ نه ڪري سگهيا آهن، خادم ايچ سومرو لکيو ته ڪجهه نه ٿيندو، علي اصغر ميمڻ لکيو ته پوليس عملدارن کي ٽريس ڪيو وڃي سڀ ظاهر ٿي پوندا، ايس ڪي پهوڙ لکيو ته سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس آھي نٿا چاھين ته امن ٿئي، جميل جهتيال لکيو ته سنڌين کي ڌاڙيلن ۽ وڏيرن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي، نقاش پيرزادو لکيو ته رياست، سردار، سنڌ حڪومت سڀ ذميوار آهن، رياض بروهي لکيو ته پوليس مان سياسي مداخلت ختم ڪئي وڃي پوليس کي فري هينڊ ڏنو وڃي ۽ پوليس مان ڪارين رڍن کي ڊسمس ڪيو وڃي امن ٿي سگهي ٿو، نعمت الله راهمون لکيو ته سنڌ حڪومت ذميوار آهي، محمد اسماعيل لکيو ته سنڌ ھن وقت وانا وزيرستان بڻجي وئي آهي ڌاڙيل سرعام حڪومت کي للڪاري رهيا آهن آرمي چيف کي نوٽيس وٺي آپريشن ڪرڻ گهرجي پوليس بيوس ٿي وئي آهي انتظاميه جي ذميواري آهي ته هو عوام جي تحفظ لاءِ ڪي قدم کڻي، ايم ياسر گبول به سروي ۾ حصو ورتو، نظر محمد قاسمي لکيو ته سنڌ ۾ سردار، آفيسر ۽ سنڌ سرڪار ذميوار آهن ڌاڙيل انهن جا پاليل آهن جيڪڏهن امن ڪرائڻو آهي ته سردارن ڀوتارن کي گرفتار ڪيو وڃي ڌاڙيل  ملي ويندا ۽ امن ٿي ويندو، لياقت جهتيال لکيو ته پ پ حڪمرانن جي خلاف احتجاج ڪيو، ثناءُالله مشوري لکيو ته ڌاڙيلن جا پاٿاريدار اسيمبليءَ ۾ ويٺا آھن سڄي صورتحال جا ذميوار اھي ئي آھن باقي امن امان جي ڳالھه سو پوليس کان ڪڏھن ڪونه ٿيندو انھن کي جديد قسمن جا ھٿيار پوليس پاڻ پھچائي ٿي پاڪ آرمي کي گڏيل طور سنڌ جي ڪچي واري علائقن ۾ سخت آپريشن ڪرڻ کپي جيئن سنڌ جي عوام سک جو ساھه کڻي، عابد حسين لکيو ته سنڌ ۾ اغوا وارداتن تي سي ايم سنڌ ته هاڻي ڪو نوٽس به نٿو وٺي ايئن لڳي رهيو آھي سنڌ ۾ اغوا واردات ڪنهن عام ڏوھه جيان هجي ڌاڙيلن جي وارداتن ۾ اضافي باوجود سنڌ جا وزير مشير وزيراعليٰ ڪو به ڌاڙيلن جي خاتمي بدامني تي ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي اليڪشن دوران ته ڄڻ ڌاڙيلن جي به موڪل هئي جو هو خاموش هئا اليڪشن ختم ٿيڻ بعد هنن جي ڪاروائين ۾ به اضافو اچي ويو آھي سرڪار کي ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ سوچڻ گهرجي سموري سنڌ خوف واري صورتحال ۾ آھي، وفا ذاڪر جمالي لکيو ته سنڌ ۾ بدامني تمام گھڻي ٿي وئي آھي ان جي ذميوار سنڌ حڪومت آ ڪيتري سنڌ جي پوليس آ چند سئو ڌاڙيل ھنن کان زور آھن پوليس پاڻ ئي آپريشن نٿي ڪرڻ چاهي ڇوته سندن گرھه بند ٿي ويندو، عبدالرحمان چانگ لکيو ته سنڌ ۾ وڌندڙ اغوا جي وارداتن جا ذميوار وڏيرا .چونڊيل نمائنده ۽ پوليس آهي پوليس وڏيرن جي چوڻ ۽ حصي پتي جي چڪر ۾ ڏوهارين خلاف ڪاروائي نه پئي ڪري، ابراهيم مخدوم لکيو ته سنڌ ۾ قانون نالي ڪا شي نه آهي جنهن کي جتي لڳي اهو اتي ٿو زيادتي ڪري ڦرون ڌاڙا چوريون عام ٿي ويون آهن ڪو ايڪشن ئي نه آهي، سڄڻ ميرجت لکيو ته ذميوار اسين پاڻ آهيون، هنن سياسي ڀوتارن سردارن کي ووٽ ڏئي، ڪامياب ڪري، اهي ڏينهن اڄ اسانکي نه ڏسڻا نه پون ها، سنڌ حڪومت توڙ فاقي حڪومت ۾ ساڳيا چهرا ويٺل آهن، ڪهڙيون اميدون رکجن، شاهين سومار لکيو ته ذميوار سنڌ حڪومت آهي پر هتي ڪير ذميواري کڻڻ لاءِ تيار نه آهي، شبير احمد جعفري لکيو ته  سنڌ ۾ بدامني جي باھه ٻريل آهي سنڌ حڪومت کي گهرجي ته سنڌ جي ڪجهه ضلعن ۾ آرمي جو آپريشن ڪيو وڃي جيئن ان ضلعن ۾ مڪمل طور امن ٿي سگهي سنڌ جا ٽي چار ضلعا بدامني جي راڪاس ھيٺ آهن سنڌ حڪومت کي تڪڙي ڪاوراوائي ڪرڻ گهرجي، ميانداد مري لکيو ته ذميوار سنڌپوليس آهي، پوليس مان سياسي مداخلت ختم ڪئي وڃي پوليس کي فري هينڊ ڏنو وڃي ۽ پوليس مان ڪارين رڍن کي ڊسمس ڪيو وڃي امن ٿي سگهي ٿو، رياض بروهي لکيو ته پوليس مان سياسي مداخلت ختم ڪئي وڃي پوليس کي فري هينڊ ڏنو وڃي، ساگر علي رضا لکيو ته سنڌ مڪمل طور ڌاڙيلن جي هٿ ۾ ڏني وئي آهي، نثار لغاري لکيو ته ذميوار ظاهر آھي سرڪار آھي هنن ڌاڙيلن جي سرپرستي سرڪاري سردار ۽ اعليٰ پوليس عملدار ڪن ٿا فورن هي ڌاڙيلي سلسلو بند ڪريو پيپلزپارٽي جي حڪومت هن جي ذميوار آھي، جنيد علي به سروي ۾ حصو ورتو، ايم آچرڪنڀر لکيو ته سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جي پوليس ذميوار آهي، عبدالرشيد ميرجت لکيو ته پ پ حڪومت ذميوار آهي، احمد مصطفيٰ لکيو ته ذميوار ايم اين اي آهن، طارق اوڳاهي به راءِ جو اظهار ڪيو، مير شاهه محمد بلوچ لکيو ته افسوس آهي ته سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني اغوائن توڙي منشيات خلاف اثرائتي ڪاروائي نه ٿيڻ ڪري سنڌ جو مظلوم عوام سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي. جنهن جي ذميوار سنڌ سرڪار آهي جيڪا رڳو امن امان ڪرائڻ جي خالي اعلانن تائين محدود آهي. عوام سان ٿيندڙ ظلم خلاف رڳو صحافي برادري ۽ سوشل ورڪر آواز اٿاري رهيا آهن. جڏهن ته ذميوار پگهارون سرڪاري وٺي کائن ٿا ۽ ڪم ڀوتارن جي ڪمداري ڪرڻ ۾ پورا آهن. ابرار علي شر لکيو ته وڏيرا ۽ سردار ذميوار آهن، سڪندر لطف لکيو ته اهو سنئون سڌو ڪريڊٽ حڪومت ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي جنهن تي اعزاز جي حقدار آهي گورنمينٽ چاهي ته ھڪ منٽ به وڏو آهي پر ڪامورا شاهي پير فقير سڀ انهي گنگا ۾ هٿ ڌوئي رهيا آهن اهي نٿا چاهين ته آپريشن ٿئي پر موجوده حالتن جي خطرناڪ صورتحال آهي جيڪا ڳڻتي جوڳي آهي. آزاد انقلابي امتياز لکيو ته پوليس ۽ وڏيرا ذميوار آهن، بابو بلوچ به سروي ۾ حصو ورتو.