يوم پاڪستان جي موقعي تي اسلام آباد جي شڪر پڙيان گرائونڊ تي هٿياربند فوجن جي گڏيل پريڊ، رينجرز، سنڌ پوليس ۽ ٻين فورسز جي جٿن جي به پريڊ ۾ شرڪت، ويڙهاڪ جهازن جو شاندار فلاءِ پاسٽ، پريڊ دوران پاڪستان پاران تيار ڪيل نئين حيدر ٽينڪ جي نمائش، صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير پاران پريڊ جو معائنو، سعودي عرب جي دفاع واري وزير شهزاده خالد بن عبدالعزيز جي يوم پاڪستان پريڊ ۾ خاص مهمان طور شرڪت، فوجي پريڊ ۾ آذر بائيجان ۽ چيني فوج جي جٿي جي به خصوصي شرڪت

صدر آصف علي زرداري جو دشمن کي دڙڪو ۽ سياسي جماعتن کي متحد ٿيڻ جي اپيل

صدر آصف علي زرداري جو دشمن کي دڙڪو ۽ سياسي جماعتن کي متحد ٿيڻ جي اپيل، يوم پاڪستان جي موقعي تي اسلام آباد ۾ فوجي پريڊ جي تقريب کي خطاب ڪندي صدر چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار ايٽمي ملڪ آهي، اسان پاڙيسرين سان پرامن لاڳاپا چاهيون ٿا پر پاڪستان پنهنجي سلامتي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪندو، قوم ۽ فوج ڪنهن به جارحيت کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي، دهشتگردن يا ڪنهن به گروپ پاران ملڪ کي غير مستحڪم ڪرڻ جون ڪوششون برداشت نه ڪيون وينديون، صدر آصف زرداري چيو ته سمورين سياسي جماعتن کي گذارش ڪيان ٿو ته مسئلن جي حل لاءِ گڏجي ڪم ڪن، ماضيءَ جيان هيل به ملڪ کي ڏکيائين مان ڪڍي سگهون ٿا، سياسي جماعتون پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اڳتي اچن

يوم پاڪستان جي موقعي تي فوجي پريڊ ۾ آذر بائيجان چين جي فوجي جٿن جي به شرڪت

 

جي موقعي تي فوجي پريڊ ۾ آذر بائيجان ۽ چين جي فوجي جٿن جي به شرڪت، گلگت بلتستان پوليس جي پهريون ڀيرو قومي پريڊ ۾ شرڪت، وزيراعظم شهباز شريف يوم پاڪستان جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پاليسي سڌارن جي ذريعي معاشي بحالي ۽ خوشحالي لاءِ پرعزم آهيون، وزيراعظم چيو ته حڪومتي قدمن سان معاشي استحڪام ايندو، اسان مهانگائي جي هاڻوڪي لهر تي ضابطو آڻي وٺنداسين

وفاقي گادي اسلام آباد ۾ 31 ۽ صوبائي راڄڌانين ۾ 21-21توپن جي سلامي سان قومي ڏهاڙي جي شروعات

وفاقي گادي اسلام آباد ۾ 31 ۽ صوبائي راڄڌانين ۾ 21-21 توپن جي سلامي سان قومي ڏهاڙي جي شروعات، يوم پاڪستان جي موقعي تي لاهور ۾ علامه اقبال جي مزار تي گارڊز جي تبديليءَ جي تقريب، پاڪ ايئرفورس جي خصوصي جٿي ذميواريون سنڀالي ورتيون، تقريب جي خاص مهمان ايئر وائيس مارشل طارق محمود مزار تي گلن جي چادر چاڙهي، فاتحه خواني ڪئي ۽ مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات درج ڪيا، 84 هين يوم پاڪستان جي موقعي تي پاڪ فوج، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ سروسز چيفس پاران قوم کي واڌايون