سنڌ سرڪار جي 15 سالا ڪارڪردگيءَ جو نمونو خوراڪ ۽ خزانو کاتو!

 

(حصو ٽيون)

 

مرڪزي فئنانس کاتي ۾ ھڪ جوائنٽ سيڪريٽري Diduction at Source مان ھڪ ڌڪ سان صوبن جون رھتو بجيٽ ڪٽي وٺندو آھي، ان ڪري ضرورت ان گالھ جي آھي ته اسان جي صوبائي خوراڪ کاتي کي چيف ايڪانامسٽ پلاننگ کاتي سان مشاورت ڪرڻ ضروري آھي ته اسان کي اھو قرض وٺڻ لاءِ ڪهڙي صلاح آھي پر ھتي ايئن ڪونه ٿو ٿئي. خوراڪ کاتي جا ذميوار فقط فئنانس کاتي سان بجيٽ جي چڪر ۾ رابطي ۾ ھوندا آھن اتي به ٻدڻ ۾ اچي ٿو ته ڪميشن طئي ھوندي آھي، ھوڏانھن فئنانس کاتي جي گذريل 15 سالن کان ڪارڪردگي ڏسندا ته سواءِ ڪروڙين ۽ اربين رپين جي ڪرپشن، چوري ۽ غلط بلنگ کان سواءِ ڪا بھتريءَ واري خبر ڪونه ملندي، توڙي جو گذريل 15 سالن کان فئنانس کاتي جي وزارت جا اختيار موجوده وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ وٽ رھيا آھن ھر ايندڙ ھفتي اي جي سنڌ، فئنانس کاتي جي ھيڊ آفيس يا ضلعي ٽريزيزي آفيسن مان لکين رپيا نه پر جعلسازي سان ڪروڙين ۽ اربين رپين جا ڪوڙا بل نڪرن ٿا. ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته لاڳيتو 15 سالن کان ھڪ ئي پارٽي قيادت پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ ۾ حڪومت ڪري رھي آھي ۽ وڏ وزارت توڙي وزارتون ساڳين ڪردارن ۽ چھرن کي آھن، جي تبديل ناھي ته بھتر ڪارڪردگيءَ جي بھتر رپورٽ ناھي، ھن وقت ھنن ٻن ادارن جي ڪارڪردگي جانچڻ کان پوءِ خبر پئجي ويندي ته اسان جي سنڌ جا ادارا بجاءِ بھتر ٿيڻ جي خراب ڪارڪردگيءَ جو سبب ڇو ٿا ٿين. وڏو وزير مراد علي شاھ بابت ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته معاشي معاملن ۽ ايگزيڪيوٽو اختيارن کي بھتر مئنيج ڪرڻ واري اھليت رکي ٿو پر افسوس جو ان جي ھوندي به ھن وقت تائين بھتر ڪارڪردگي سواليه نشان بڻيل آھي. ھي بھترين موقعو آھي خود وزير اعليٰ سنڌ مراد علي شاھ لاءِ ته ھو بھتر ڪارڪردگي ڏيکاري پنھنجي حڪومت کي عوامي فلاح لاءِ ھڪ نموني طور سامھون آڻي ته جيئن سندس پارٽي قيادت ڪنھن سياسي امتحان ۽ عوامي محاسبي کي منھن ڏيڻ لائق بڻجي ٻي صورت ۾ جنھن عوام ھيڏو وڏو عوامي اعتماد ڏئي اقتدار ڏانھن موڪليو آھي سو پنھنجو ويساھ واپس ڪندي دير نه ڪندو.

 

رحمت الله ٻرڙو/ڪراچي

 

سماج ۾ اديب ايئن جيئن جھنگ ۾ ڦاٿل ماڻھو!

 

(حصو چوٿون ۽ آخري)

 

ھن يڪدم پنھنجي مڙس کي اٿاريو جنھن کان پوءِ محلات اندر ٿَرٿلو مچي ويو! ڪافي ڏينھن ھنن گوتم ٻڌ کي ڳولا خاطر پوري ھندستان جي فورس کي پابند بڻائي ڇڏيو ھو پر گوتم جو پَتو نه پئجي سگھيو، ڪجھ عرصي کان پوءِ خبر پئي اھو ھڪ “پپر جي وڻ ھيٺان ويٺل آھي.” فورس سان اھو بادشاھ تنھن پپر جي وڻ وٽ وڃي پھتو، ايستائين گوتم ٻڌ ڪافي ڪمزور به ان ڪري ٿي ويو ھو جو جڏھن کان ھن محلاتن کي الوداع ڪئي ھئي تڏھن کان ھن کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو ھو، ھي دنيا کان مڪمل باغي ٿي اڪيلي سر وڃي ھڪ پپر جي وڻ ويھي ھيٺ ويھندي صرف اھو سوچيندو رھيو ته اسان پوري ھندستان جا مالڪ آھيون، دنيا جي ڪنھن به شيءِ جي اسان کي پرواھ ناھي، آخر اسين دنيا ۾ ڇو آيا آھيون؟ اسان کي ڇا ڪرڻ گُھرجي؟ جھڙي ڳالھ ۽ بک ۾ ھي جسماني طور ڏاڍو ڪمزور ۽ اداس ٿي پيو ھو، سندس والد جيئن ئي پپر جي وڻ تائين پھتو ته ليکڪ لکن ٿا ھُو گوتم ٻُڌ کي ڏسندي انتھائي پريشاني واري ڪيفيت ۾ کيس واپس گڏ ھلڻ جو چيائين پر ھن جواب ڏئي ڇڏيو! مُختلف ليکڪن جون مُختلف روايتون ٿي سگھن ٿيون پر ڪي لکن ٿا ته ھن کي جيئن ئي سندس پيءُ واپس ھلڻ لاءِ زور ڀَريو انھيءَ وقت ھن جسماني طور دنيا کان الوداع ڪري ڇڏي، سندس روح قبض ٿي ويو! گوتم ۽ دنياداري جو قصو لکندي ۽ اديبن جي زندگي ڏسندي ڪنھن فارسيءَ جي شاعر جو شعر ياد اچي ٿو جيڪو شعر شاعرَ دوستن طرف لکيو ھو ته: (زِ دوستان دو رنگم ھميشه دل تَنگ اَست، فدائي ھمتِ آن دوشمني ڪي يَک رنگ است) ترجمو: منھنجي دل تَنگ ٿي پئي آھي، انھن دوستن مان جيڪي دو رَنگا آھن. اديبَ رڳو غلط جو صحيح صَحتمنديءَ ڏانھن رُخ موڙي رڳو اجتماعيت جي عڪاسي نٿا ڪن پر رھنمائي ڪري اھميت، معيار پڻ وڌائين ٿا. ھا! مجموعي زندگي تي سائنسي، سماجي تنقيد اديبن کي حق پھچي ٿو پر اسان وٽ اڪثريتي اھڙي شيءِ ڏسڻ ۾ نٿي اچي، سنڌ جا سنيجده اديب ڪافي مايوس ۽ پريشان ان ڪري آھن جو سماج جي ساڻن ڏاڍي خراب روش ھجي ٿي. اديبَ ڪنھن خراب شيءِ جي عڪاسيءَ تحت ڪا شيءِ لکندا ته ھي سماج کين چريو قرار ڏيندي دير نه ڪندو آهي! نه ئي ھو آزادي جو حق رکندي نيون نڪور ڳالھيون ونڊن ٿا. نتيجن ھاڻوڪي سنڌي ادب ۾ اديب تنقيد، مزاحمت، اجتماعيت کان ڪافي پري ڀَڄن ٿا. جيڪا ڳالھ ادب ۽ سماج ٻنھن لاءِ ھاڃاڪار سجمھڻ گھرجي! اسانجو ادب انھيءَ ڪنڌي تي پھتو آھي جو اديبَ به زندگي کي بي مقصد سمجھڻ لڳا آھن! جنھن ڪري ھلندڙ وقت ۾ اڪثريتي اديبن جون لکڻيون انساني زندگي ۾ ٿيندڙ مسئلن، اُمنگن ۽ احساسن کان به معنويت وڄائيندي خالي ٿينديون پيون وڃن! اديب صاحبان سائنس، سماج کان ھٽي گھڻي قدر پاڻ پرستيءَ ۾ اچي پيا آھن، اھو نه وسارڻ گھرجي ته ادب جي گھڻي پيداوار سماج کان ئي شروع ٿئي ٿي جنھن ڪري عقلي بنيادن تحت سماجي مشاھدو انتھائي ضروري سمجھڻ گھرجي، جيڪو حالَ دوران نظر انداز ڪيو پيو وڃي.

 

رياض امر ٻجورو/سجاول

 

پنهنجي ئي ديس ۾ اسين محفوظ ناهيو!

 

پنهنجي ئي ملڪ ۾ اسين صحيح سلامت ناهيو، پنهنجي ئي سنڌ ۾ اسين محفوظ ناهيو، ٻارڙن جو مستقل سنواريندڙ استاد به صيح سلامت ناهن، پنهنجي سنڌ ۾ هلندڙ سال ۾ سنڌ جي مٽي مان جنم وٺندڙ چار استاد قتل ڪيا ويا. 16 فيبروري صبح سان اسڪول ويندي نصيرآباد تعلقي جي استاد هدايت لوهار کي قتل ڪيو ويو، 29 فيبروري جو رستي ويندي ڪشمور تعلقي جي استاد مراد علي ڀنگوار کي قتل ڪيو ويو. 2 مارچ رات جو مزاحمت تي گهوٽڪي تعلقي جي استاد ظفر خان لاکو کي قتل ڪيو ويو. وري تازو 18 مارچ اسڪول کان واپسي مزاحمت تي ڪرمپور جي استاد الله رکيو نندواڻي کي قتل ڪيو ويو. هڪ مهيني اندر سنڌ جي مٽي مان جنم وٺندڙ چار استاد قتل ڪيا ويا، اڃا حڪمرانن جي لاءِ ڇا لکجي؟ ڇا اڃا حڪمرانن، ايم پي اي، ايم اين اي، کي ووٽ ڏجي؟ ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، شڪارپور، گهوٽڪي جون سياسي شخصيتون خاموش ڇو آهن؟ پنهنجن ضلعن جي امن امان لاءِ به نٿا سوچين، آواز نٿا اٿارين، غريب ماروئڙن جون زندگيون نٿا بچائن. ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، شڪارپور، گهوٽڪي جي سياسي شخصيتن، ايم پي اي، ايم اين اي کي گهرجي ته پنهنجن تڪن ڏانهن امن امان پيدا ڪرائين، پيدا نٿا ڪرائي سگهن ته پوليس کي آزادي سان اجازت ڏني وڃي، جي هو ڪو ڌاڙيل گرفتار به ڪري اچن ٿا ته توهان کي ڪال ڪرڻ جي ضرورت ناهي، ڇڏائڻ جي ضرورت ناهي، ٿي سگهي ٿو ته توهان ڌاڙيلن کي نه ڇڏائندا هجو پر پوري سنڌ اندر ڪا پوليس چور، قبضا خور يا ڪير به پوليس گرفتار ڪري ايندي آهي ته توهان وڏيرن، سياسي شخصيتن جي ايس ايس پي، يا ايس ايڇ او ڏانهن آزاد ڪرڻ جي لاءِ ڪال ويندي آهي. باقي ڪو غريب، يا تڪ جو ووٽر ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ٿئي ٿو ته ان کي اوهان ڇڏائڻ يا ايس ايڇ او کي ڪال ڪرڻ به پسند نٿا ڪيو ڇو جو اهو چمچو ناهي. اهو چمچاگيري کان پري آهي. سنڌ ۾ استاد غير محفوظ، شاگرد غير محفوظ، مزدور غير محفوظ، صحافي غير محفوظ، سنڌ جا اصل وارث هندو غير محفوظ، پنهنجي ئي سنڌ حڪومت ۾ ڪارڪن غير محفوظ آهن، هر هڪ سنڌي پنهنجي سنڌ ۾ پنهنجي شهرن ۾ غير محفوظ آهي آخر ڇو؟ پنهنجي ئي سنڌ ۾ پنهنجي ئي شهر ۾ غير محفوظ ڇو آهيون؟ يا اتان جي پوليس ناهل آهي يا اتان جا سردار مير وڏيرا ناهل آهن.

 

شيراز علي تونيو/ نصيرآباد، قمبر شهدادڪوٽ

 

ٽئين بنيادي رڪن زڪوات جي فضيلت ۽ اهميت!

 

توحيد و رسالت جي شاهدي بعد نماز ۽ زڪوات اسلام جو ٽيون بنيادي رڪن آهي، جيڪا خالص مالي عبادت آهي جيڪا سمورن نبين جي شريعتن جو جز به آهي، حڪم خداوندي تي عمل ڪرڻ ۽ زڪوات ادا ڪرڻ جا گهڻا ئي فائدا آهن، زڪوات ڏيڻ سان مال گهٽ يا ختم ناهي ٿيندو پر ان ۾ ٻيڻو اضافو ٿيندو آهي، زڪوات ادا ڪرڻ جو فائدو اهو به آهي ته انسان مان بخيل هجڻ واري صفت ختم ٿيندي آهي، جيڪو ماڻهو پنهنجي نفس کي بخل کان بچائيندو سو اهو ئي ماڻهو ڪامياب آهي (سوره الحشر) زڪوات ادا ڪرڻ جا فائدا اهي به آهن ته انسان خدا تعاليٰٰ جي نعمت جو شڪر ادا ڪندو آهي، ڇاڪاڻ ته خدا تعاليٰ ان کي مال جهڙي نعمت عطا فرمائي هوندي آهي، زڪوات ادا ڪري هو مال جهڙي نعمت جو شڪر ادا ڪندو آهي، اها ڳالهه ڪيڏي نه افسوس جهڙي ڳالهه هوندي جو اوهان هڪ فقير کي ڏسو جنهن تي رزق جي تنگي ۽ تنگدستي هجي ۽ ان ضرورتمند فقير کي زڪوات عشر صدقو خيرات ڏئي ڪري خدا تعاليٰ جو شڪر ادا نه ڪجي (احياءَ العلوم) زڪوات ادا ڪرڻ سان تڪبر ۾ گهٽتائي ٿيندي آهي، جنهن سبب انسان جو دل ۽ دماغ رب تعاليٰ جي طرف مغفرت طلب ڪندو آهي ۽ ان جي رضا ۽ خوشنودي طرف ڌيان ڏيندو آهي، جڏهن گهڻي مال هجڻ سان انسان ۾ غرور تڪبر ۽ سرڪشي بغاوت پيدا ٿئي زڪوات ادا ڪرڻ سان ضرورتمند ماڻهن جي دعائن سبب ان جو مال نقصان ۽ بربادي کان محفوظ ٿي ويندو آهي. نبي ڪريم ﷺ فرمايو ته زڪوات ڏيڻ سان اوهان پنهنجي مال جي حفاظت ڪندا ڪيو ۽ صدقات ڏيڻ سان بيمارين جي دوا ڪندا ڪيو ۽ مصيبتن کان بچاءَ لاءِ دعا گهرندا ڪيو. زڪوات جو مقصد حقيقت ۾ دنيا بجاءِ خالص رب تعاليٰ سان محبت پيدا ڪرڻ آهي، صرف زڪوات ئي نه پر ان کان به وڌي چڙهي خدا جي راهه ۾ خرچ ڪرڻ جي ترغيب ڏني وئي آهي. زڪوات اسلام جو بنيادي محڪم فرض آهي، قرآن ۽ حديث ۾ ان کي نماز سان گڏ ذڪر ڪيل آهي اهو ئي فريضو آهي جنهن جي ادائيگي کان انڪار تي پهرين خليفي سيدنا ابوبڪر صديق رضه علم جهاد بلند ڪيو هو، ان ڳالهه ۾ به شڪ ناهي ته زڪوات ۽ ٻيا صدقات پنهنجن ويجهن رشتيدارن کي ڏيڻ افضل هوندي آهي جنهن جو ٻيڻو اجر هوندو آهي مطلب ته ويجهن ماڻهن رشتيدارن تعلق گذارن ضرورتمندن کي ڏيڻ به جائز آهي ان ڳالهه مان ظاهر ٿيو ته توحيد و رسالت ۽ نماز بعد اسلام جو ٽيون بنيادي رڪن ادا ڪرڻ سان خالص مالي عبادت ٿيندي آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جيترو ٿي سگهي خود وٽ گهڻي مال هجڻ سبب انهن ماڻهن کي زڪوات ڏئي انهن جي مدد ڪري پنهنجي مال ۾ برڪت ۽ اضافو ڪري سگهجي ٿو جنهن سبب رب تعاليٰ جي خوشنودي حاصل ٿيندي آهي.

 

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

 

هڪڙي چٺي وائلڊ لائيف کاتي ڏانهن!

 

ٿر جو فطري حسن سمجهيو ويندڙ مور پکين ۾ راڻي کيت بيماري ڪر کنيو جنهن سبب ٿرپارڪر جي تعلقي ڪلوئي جي ڳوٺ کوهي مورا ۾ چار مور پکي راڻي کيت بيماري وگهي مري ويا آهن، جڏهن ته مورن جون وقت سر وائلڊ لائيف کاتي پاران دعوائون نه ملڻ ڪري مور پکي بيدرديءَ سان مرڻ لڳا آهن، ڳوٺاڻان پنهنجي مدد پاڻ تحت مورن کي پيناڊول گورين وسيلي گهرن ۾ علاج ڪري رهيا آهن، ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن موجب مورن کي پهرين مٿي ۾ ڦيري ٿئي ٿي اکين جو نظر يڪدم ختم ٿيو وڃي، جنهن کي راڻي کيت بيماري سڏجي ٿو، انهي بيماريءَ ۾ مور تڙپي تڙپي مريو وڃن ٿا، وائلڊ لائيف کاتو منظر عام تان غائب هجڻ ڪري ڳوٺن ۾ مورن جون دعوائون نه ملڻ ڪري مور مرڻ جو سلسلو جاري آهي. ڪيترائي مور پکي جهرجهنگ ۾ بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن، ٿر جو فطري سونهن طور سڃاتو ويندڙ مور پکين جي وائلڊ لائيف کاتي جا عملدار سار نه لهڻ بدران آفيسن ۾ خاموشي جو روزو رکي ستل آهن ۽ جيڪڏهن هن کاتي جا آفيسر ايئن چپ رهيا ته مورن ۾ راڻي کيت بيماري وڌيڪ  پکڙجي ويندي ۽ وائلڊ لائيف کاتي جا عملدار پرنٽ ميڊيا، اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي اهو منظر ڏسندا رهندا. اسان هن چٺي وسيلي وائلڊ لائيف کاتي جي عملدارن ڊپٽي ڪنزرويٽر مير اعجاز علي ٽالپر کي پر زور اپيل ٿا ڪريون ته انسانيت جي ناتي مور پکي ٿر جي سونهن وارو پکي آهي نوٽيس وٺي جلد ڳوٺن ۾ ٽيمون موڪلي بيمار مورن کي ويڪسين ڪري دعوائون ڏنيون وڃن ۽ ٿر جي فطري حسناڪي مور پکين کي راڻي کيت بيماري مان نجات ڏني وڃي.

 

صوفي محمد حسن نهڙيو/ٿرپارڪر‎

بينظير ڪارڊ!

 

(حصو پهريون)

 

آفريڪا جي هڪ ڏاهي انقلابي اڳواڻ نيسلن مينڊلا جو هڪ خوبصورت ڪول آهي غربت خيرات ڏيڻ سان نه پر انصاف ڏيڻ سان ختم ٿيندي آهي، اسان جي ملڪ جي سياسي حڪمرانن غريبن جي عورتن کي مستحق سمجھي انهن غريب عورتن کي بينظير ڪارڊ عطا ڪرڻ فرمايو آهي، پاڪستان جي حڪومت جڏهن به غريب گھراڻن جي غريب عورتن کي پئسا ملندا آهن ته انهيءَ ڏينهن بئينڪ جي اي ٽي ايم ۾ شين خراب ڄاڻائي بند ڪئي ويندي آهي، مسڪين مستحق غريب عورتن کي ڊوائيس هولڊر ۽ ايجنٽ مافيا جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويندو آهي، صرف پنهنجي ڪميشن حاصل ڪيڻ جي لاءِ غريب مستحق عورتن کي ڪٽوتي جي ذريعي ڦرڻ شروع ڪيو ويندو آهي، هر سينٽر تي عورتن جي تذليل به روزمره جو معمول آهي. ڊوائيس هولڊر ۽ ايجنٽ مافيا سان گڏ پوليس عملدار به ڀاڱي ڀائيوار هوندا آهن، هر سينٽر تي ڊوائيس هولڊر بنا ڪنهن خوف جي پنهنجي من پسند ناجائز ڪٽوتي پنهنجو جائز حق سمجھي جاري رکيون پيا اچن. اسان جي انظاميان گهري ننڊ ۾ ستل هوندي آهي، غريب مستحق عورتن سان ڪلور ٿي رهيا آهن. ڪلاڪن جا ڪلاڪ انهن کي انهن ڊوائيس هولڊر سان مليل مافيا ايجنٽ ۽ پوليس اهلڪار خلاف قانوني ڪارروائي ڪري ڪڙي کان ڪڙي سزا ڏني وڃي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ملڪ هلائڻ ۽ قوم جي خدمت ۽ طرقي خاطر جيڪي به ادارا ٺهيا انهن سڀني ڪجھ سال ڪاڪردگي ۽ ڪارروائي خاطر ڪمال طرف وڌندا رهيا، ان کان پوءِ خاص 71 ۾ مغربي طرز جي جھموريت ميدان ۾ اچڻ کان پوءِ زوال ۾ ڪرڻ ملڪ ۾ سڀني ادارن جي زوال جو سبب سياسي مداخلت آهي، جنهن جي ڪري ادارن ۾ من پسند ماڻهن جو هجڻ ادارن جي عهدن تي نااهل ناڻهن جو قبضو آهي، ان کان سواءِ اسيمبلين ۾ وزارتن ۽ صدارتن تي اچي اهي ماڻهو ويٺا جن وٽ قومي مفادن بجا ذاتي مفادن گروهي مفادن تي آهي ڪجھ اهڙا به موجود آهن جن جو مقصدن ۾ قومي مفادن جو خيال ئي ناهي انهن ماڻهن ملڪي ادارن کي پنهنجي ذاتي ملڪيت سمجھي پنهنجن ذاتي مفادن خاطر استعمال پيا ڪن ملڪ ۾ هن وقت ماڻهن ۾ احساس محرومي پيدا ٿي چڪي آهي، سياسيتدانن ۽ سياسي پارٽن کان نفرت جو اظهار عروج تي آهي ڇو ته هاڻي عوام ۽ رياست جي وچ ۾ آءِ ايم ايف پئي فيصلا ڪري ملڪ جو خدمختياري وارو مهار آءِ ايم ايف وٽ آهي اسان جي ملڪ ۾ تيل هئس ۽ بجلي جا اگھ مقرر ڪرڻ آءِ ايم ايف جي ذميواري آهي پاڪستان ۾ حڪمرانن جو حڪومتون هلائڻ رموٽ ڪنٽرول به آءِ ايم ايف وٽ موجود آهي. (جاري)

 

مسڪين راهب علي سولنگي راڌڻ اسٽيشن

ميڊم شائسته بلوچ ھڪ عظيم ڪردار!

 

عظيم انسان ڪي مختلف ماڻھو ناھن ھوندا، بس سندن جي ڪيل ڪم جي سچائي انھن کي عظيم ڪري ڇڏيندي آھي، عظيم ٿيڻ لاءِ انسانيت جي فلسفي کي سمجهڻ جي ضرورت آھي، اڄ مان ڪجهه لفظ انهيءَ عظيم شخصيت لاءِ لکندس جيڪا انسانيت سان بي پناھ محبت ۽ انهن جي خدمت ڪندڙ ۽ ھميشه انهن سان ڀرجھلو ٿي بيھندڙ ان عظيم ڪردار شخصيت جي باري ۾ لکندس، سکر سنڌ جو ٽيو نمبر وڏو تاريخي شھر تعليمي درسگاھ آھي، ان شھر ڪيترين عظيم ڪردارن کي جنم ڏنو آھي، انهن عظيم ڪردارن مان سنڌ ڌرتي جي بھادر نياڻي ميڊم شائستها بلوچ صاحبه بهه ھڪ عظيم شخصيت ڪردار آھي، ميڊم شائستا بلوچ سماجي تنظيم اسٽيپ فائوڊيشن جي چيئرپرسن ۽ اھا مانواري شخصيت آھي جيڪا ڪنهن تعارف جي محتاج ناھي، جنهن کي خدا تعاليٰ وڏي عزت سان نوازيو آھي ھر عام ماڻهن توري مسڪين ماروئڙن سان پيار محبت ڪرڻ ۽ نياز نوڙت سان پيش اچڻ جنهن ھميشه صرف ۽ صرف انسانيت کي اھميت ڏني آهي. عوامي ماڻهو عوامي ليڊر عوامي خدمتگار جنهن نه رڳو انساني خدمت ڪئي آهي پر دنيا وارن وڏائي خورن کي اھو پيغام ڏنو آهي ته ھي عھدا ھي ڪرسيون ڪجهه وقت جي لاءِ آهن، باقي حقيقي انسان جو ڪردار آهي جنهن سان محبت پيار احساس ھمدردي پنھنجائپ عزت شھرت مان شان مرتبو مڃتا ۽ دلين تي قبضو ڪري ويندا آهن پر ڪروڙين دلين تي راڄ به ڪندا آهن، ميڊم شائستا بلوچ ھزارين غريب مسڪينن بي سھارا لاچار مظلوم ماروئڙن جي ھر وقت مدد ڪندڙ اھا مھان شخصيت آھي، ميڊم نه ڪنهن وڏي عوامي عھدي تي آھي نه ئي اقتدار ۾ آھي پوءِ به ھي سنڌ جي بھادر نياڻي ھميشه مظلومن جي مدد ڪندڙ عوامي اڳواڻ آھي ھر سال رمضان شريف ۾ مسافرن ۽ مسڪين ماروئڙن کي پنهنجي مدد پاڻ تحت سحري ۽ افطاري ڪرائڻ جو احتمام ڪندي آھي جٿي ھزارين روزيدار ۽ بکايل مظلوم ماڻهون اچي ماني کائيندا آھن ۽ غربت جي لڪير کان ھيٺ زندگي گذاريندڙ غريب پورھيت خاندانن ۾ راشن ۽ عيد جا ڪپڙا تقسيم ڪندي آھي بهرحال ميڊم جي باري جيترو لکجي اوترو گھٽ آھي واقعي اھڙا وجود ھن ڌرتي تي ورلي ھجن جن جي قول ۽ فعل ۾ ڪو فرق ناھي ميڊم شائستا کوسو به ھڪ نھايتي قربائتي سدوري انسانيت ۽ سنڌ ڌرتي سان محبت ڪندڙ ڪردار آھي ان لاءِ لفظ ناھن. قسمت وارا ئي ھوندا آھن اھي انسان جن کي انسان ذات جي خدمت لاءِ ھن دنيا ۾ موڪليو ويندو آھي. اڄ مان ميڊم کي شائستا کوسو کي دل جي گھراين سان خراج تحسين پيش ڪريان ٿو ۽ اھڙا حقيقي ڪردار ذات پات کان مٿانھون ھوندا آھن. ھي پئسو سڀ ھتي رھجي وڃڻو آهي اتي بس عمل ھوندا. انسانذات جي خدمت ڪرڻ عين عبادت آھي پر ڪاش اسان ان ڳالھ کي سمجھي سگھون، رب ڪريم ميڊم کي اڃا به صحت ۽ تندرستي عطا ڪري اھو جوش ۽ جذبو مسڪين غريب ماروئڙن جي مدد ھميشه برقرار رکي آمين ۽ سنڌ حڪومت کي به اھا اپيل ڪيون ٿا ته ميڊم شائستا بلوچ جي سربراھي ۾ ھڪ اھڙو ادارو قائم ڪيو وڃي جنهن ۾ سنڌ جي غريب اٻوجھ ماروئڙن جي ھر وقت مدد ڪئي وڃي.

 

علي حيدر عباسي/ ڀرياسٽي