سوال/سروي … حڪومت پاران برسات دوران حفاظتي اپاءَ ناهن ورتا ويا، ٻڏنداسين ته پوءِ اچي سيلفيون ڪڍندا: عوام

0
27

ڊيلي پنهنجي اخبار ۽ دي ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ ۾ برسات: حڪومت ڪي حفاظتي اپاءَ ورتا آهن ؟ اوهان جي علائقي ۾ ڇا صورتحال آهي؟ جنهن تي اڪثر  ماڻهن چيو ته حڪومت ۽ مقامي انتظاميا برسات کي نظر ۾ رکندي ڪي به حفاظتي اپاءَ نه ورتا آهن، بچاءَ بندن جي خطرناڪ صورتحال آهي، جڏهن ٻڏنداسين پوءِ اچي امداد جي نالي تي سيلفيون ڪڍندا، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته ھلڪي برسات آھي ورڪشاپ ۾، اڳتي به الله پاڪ رحم ڪندو، صداءُالله چانڊيو لکيو ته وارھه تعلقي ۾ اھڙي ڪنهن به قسم جا ڪي به اپاءَ نه ورتا ويا آھن. سڄي سنڌ الله جي حوالي آهي باقي ھنن حڪمرانن مان ڪنهن به چڱائي جي اميد نه ٿي رکي سگهجي. پيار علي چانڊيو لکيو ته قمبرشھدادڪوٽ ضلعي انتظاميا طرفان برسات ۽ ٻوڏ کان بچاءَ جا ڪي به اپاءَ ناھن ورتا ويا بلوچستان کان ايندڙ برسات جو پاڻي قمبر ضلعي ۾ داخل ٿي ويو آھي ايف پي بچاءَ بند کان ويندي سم نالن جو ڪم پوري طرح سان نٿي سگھيو آھي، لڳي ٿو ضلعي جي اولھه واري آبادي کي وري لڏپلاڻ ڪرڻي پوندي ڇو ته بلوچستان جي برساتي پاڻي کي منڇر تائين پھچائڻ جي ڪا به حڪمت عملي نظر نٿي اچي، جميل کوسو لکيو ته ٽنڊي الھيار تي ڪڪر موجود آھن ھلڪي اتر جي ھوا ھلي پئي، الله پاڪ پنھنجو رحم ڪندو، باقي شھر ۾ پاڻي جو نيڪال ڪونھي ٻيا ڪي به اپاءَ نه ورتا ويا آھن، اسد زرداري لکيو ته اسان جي ضلعي سانگھڙ جي شھر سرھاڙي شھر ۾ انتظاميا ٽائون ڪاميٽي طرفان برسات کان بچاءَ جا ڪي به اپاءَ ناھن ورتا ويا الله پاڪ پنھنجو رحم ڪندو باقي شھر ۾ پاڻي جو نيڪال جو ڪو به جوڳو انتظام ناھي جڏھن برسات ٿئي ٿي ته انتظاميا صرف فوٽو سيشن تائين محدود ھوندي آھي عملي ڪم ناھي ٿيندو، محمد فياض وساڻ لکيو ته انتظام ڪي به اپاءَ ناھن ورتا ڳوٺ اڀپور ۾ پاڻي جي نيڪالي جو ڪو سسٽم ڪونھي انتظام نه ڪيا ويا آهن، ثناءُالله چنا لکيو ته پيروسڻ ۽ ڀرپاسي ۾ برسات نه پئي آ جهڙالي موسم آهي باقي حڪومت طرفان ڪي جوڳا انتظام نه ڪيا ويا آهن، سڪندر علي به سروي ۾ حصو ورتو، رضوان علي دستي لکيو ته ٺري ميرواھه ۾ جهڙالي موسم آهي باقي برسات ڪونهي، وسيم علي جاگيراڻي لکيو ته تعلقي ڪنگري ۾ ته ڪڏهن انتظاميه نالي ڪا شئي ناهي، محمد عرس مشوري لکيو ته سنڌ حڪومت ۽ اپاءَ نا ممڪن آهي، گلاب رستماڻي لکيو ته واهي پانڌي گورک ۾ جهڙالي موسم آهي باقي برسات ڪونهي، ثناءُ الله مشوري لکيو ته سنڌ ۾ حڪومت ڪي به اپاءَ ناھن ورتا ويا، ڪشمور کان ڪراچي تائين گلي گلي ڳوٺ ڳوٺ شھر شھر ۾ پاڻي جي نيڪالي جو ڪو سسٽم ڪونھي، پيپلز پارٽي سنڌ کي تباھي جي منظر تي پھچايو آهي باقي عوام کي اپيل ٿي ڪجي ته حڪومت جو سھارو ڇڏي برساتي سسٽم ۾ پنھنجا ٻانھن ٻيلي ٿئين ھڪ ٻئي جو سھارو وٺن گھڻي برسات ۾ پاڻ کي پنھنجي ضروري شين کي کڻي ڪنھن سٺي جڳھه تي پھچن، جي آر چانڊيو لکيو ته اسان وٽ سانگھڙ ضلعي جي يوسي صدرٽ ۾ ھر سال اگر نارمل برساتون ٿين تڏهن به سم نالو زرعي زمينون ته ٻوڙيندو آ پر گڏوگڏ ڳوٺن جا ڳوٺ به ٻوڙي ڇڏيندو آهي انهيَ سم نالي جي کاٽي گذريل ڏيڍ سال کان ناھي ٿي ھاڻي اگر برسات ٿي ته سم نالو فصل ۽ ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيندو سنڌ حڪومت جي چونڊيل نمائندن ڪي به اپاءَ ناھن ورتا، اياز کهاوڙ لکيو ته هميشه حڪومت رڙيون ڪندي آهي ته اسان برسات کان اڳ گھڻو ڪجھه ڪري ڇڏيو آهي.پوءِ وري مٿي تي هٿ هوندا اٿن، حافظ راڄپر لکيو ته هميشه حڪومت رڙيون ڪندي آهي ته اسان برسات کان اڳ گھڻو ڪجھه ڪري ڇڏيو آهي .پوءِ وري مٿي تي هٿ هوندا اٿن، ماجد علي لکيو ته سموري سنڌ ترقياتي ڪمن جي پاڇي ۾ آھي ڪنھن کان ڳُجها آھن ترقياتي منصوبا ۽ ڪم. محمد علي جوکيو لکيو ته گذريل برساتن ۾ تباھه ٿيل زمينون اڃا آبادي لائق نه ٿيون آھن ۽ نه وري ڊھي پيل گھر تعمير ٿي سگھيا، مٿان وري برسات جي اڳڪٿي باوجود دولتپورصفن جي علائقي ۾ حڪومتي سطح تي ڪي به اپاءَ نظر نه ٿا اچن، رب پاڪ رحم ڪري باقي برسات گھڻي پئي ته مسڪين ماڻھو وڏو لوڙيندا ۽ تباھه ٿيندا ۽ پوءِ ان تباھي تي نوان فنڊ جاري ٿيندا ۽ متاثرين جي نالي ۾ مال ڪمائيندا، باقي ھن وقت ڪابه سرڪاري سرگرمي نظر نه ٿي اچي، منصور علي سومرو لکيو ته لاڙڪاڻو ضلعي ۾ رين ايمرجنسي. ڊسٽرڪٽ چيئرمين لاڙڪاڻو اعجاز احمد لغاري پاران لاڙڪاڻي ضلعي جي بلدياتي ادارن جي چيئرمينن، چيف ايگزيڪيٽو آفيسرن ۽ آبپاشي ،اسڪارپ ،ڊرينيج ڊپارٽمينٽ جي انجنيئرن کي ھڪ ايمرجنسي بنيادن تي ليٽر جاري ڪندي سخت ھدايت ڪئي آھي ته رين ايمرجنسي صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ ايمرجنسي بنيادن تي نالن جي صفائي سٿرائي، نالن جي کاٽين لاءِ فوري قدم کنيا وڃن، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل آفيس لاڙڪاڻو ۾ رين ايمرجنسي سيل پڻ قائم ڪيو ويو آھي. سنڌي علي گل شيخ لکيو ته ضلعي گهوٽڪي اندر انتظاميا ڪي به اپاءَ نه ورتا آهن، پوئين سالن جي برساتن ۾ ٿيل نقصان جو ازالو به نه ٿيو آهي، پيپلزپارٽي هميشه سنڌ کي ٻنهي هٿن سان لٽيو آهي، گيس بجلي، کاڌي پيتي جون شيون سڀ مهانگيون ڪري مسڪينن غريب ماڻهن کي ڄڻ ته زهر پياري قتل ڪري ڇڏيو اٿن، وفا وزير علي پنهور لکيو ته ضلعي بدين شھر شادي لارج ۾ في الحال ڪي به اپاءَ ناھن ورتا ويا جڏھن ٻڏنداسين تڏھن ڀگڙن جي ٿيلھي پاءُ برياني ھڪ صابڻ وغيره وغيره ڏئي سيلفيون ڪڍرائي جان ڇڏائيندا. مصطفيٰ ميمڻ لکيو ته ھالا پراڻا بچاءَ بند جو ڪجهه ڪم ٿيو آهي اڃا ڪجهه رھيل آهي في الحال صورتحال بھتر آهي، راجا حيدر لکيو ته تعلقي مانجهند ۾ ڪي اپاءَ ناھن ورتا ويا بدقسمتيءَ سان يوسي خاڻوٺ ۾ پاڻي جي اسڪيم جا پئسا پنھنجي ذاتي گھرن تي خرچ ڪيا پيا وڃن، نقاش پيرزادو لکيو ته ڪنڊيارو.. وڏن نالن جي نه ئي ننڊين نالين جي صفائي ڪئي وئي، برسات بعد اسان جو پيرس ٻڏندو آھي، بشير جوڻيجو لکيو ته اسان وٽ معمولي برسات جو پاڻي به 15 ڏينهن شهر جي گهٽين ۾ بيٺل رهندو آهي، نه واهن جي کاٽي ٿي نه ته وري سم نالن جي کاٽي ٿي جيڪو اچي ٿو رڳو پئسا کائي ٿو وڃي، خميسو آريسر لکيو ته پٿورو ۾ برسات ڪونه آهي، الله خير ڪندو غريبن جي ڪڻڪ تيار آهي، حڪومت مان ڪو به آسرو ناهي، محمد اسماعيل لانگاهه لکيو ته بلڪل الرٽ جاري ڪيا ويا آهن اسانجي علائقي ڪاڇي ڊرگھه بالا سميت ٻين علائقن لاءِ گاج بند خطرو بڻيل آهي، انتظاميه ۽ آبپاشي کاتي جون موڪلون رد ڪيون ويون آهن، ايم حنيف سومرو لکيو ته اسان جي ضلعي گھوٽڪي ۾ برسات کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪي به حفاظتي اپاءَ ناهن ورتا ويا هتي ٿوري برسات کانپوءِبه نالا اٿلي پوندا آهن ضلعي جا سمورا شهر گندگي جو ڏيک ڏيندا آهن. وفا ذاڪر جمالي لکيو ته ضلعي شهيد بينظيرآباد ۾ صورتحال بھتر آھي تقريبن باقي جيڪي ھيٺاھين وارو علائقا آھن اتي انتظاميه الرٽ آهي باقي الله پاڪ رحم ڪندو. مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته انتظاميه پاران رڳو سکڻا اعلان باقي مڙئي خير، بلوچ امداد علي لکيو ته 2022 جي ٻوڏ سنڌ حڪومت جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا ھيا ھاڻي وري ڇا ڪندا ڪجھه نه ٿيندو، ھي باقي رڳو انتظار ۾ ھوندا آھن ڪا آفت اچي ته اسان کائون، ذيشان وسطڙو لکيو ته ضلعو نوشھروفيروز ۾ ھتي 22 واري ٻوڏ کانپوءِ ھن مھل تائين ڪو به نيڪال نظام متعلق ڪم ڪونه ٿيو آھي. نيڪال نظام درست نه ھجڻ ڪري شھر ڳوٺ علائقا ھڪ ڏينهن برسات وسڻ سبب به متاثر ٿين ٿا ڊرينيج نظام تباھه، آبپاشي تباھه، پبلڪ ھيلٿ جا ڪم پورا، پمپنگ اسٽيشن خراب، امڪاني ڪنهن به برسات جي پاڻي جي نيڪال لاءِ ڪا به پلاننگ ناهي ڪئي وئي، جنهن سبب وري حالتون 22 واري ٻوڏ جھڙيون ٿي وينديون، فصل تباھه ٿيندا، ماڻهو مرندا ۽ مال متاع مرندو ۽ وڏو نقصان ٿيندو. امام علي لکيو ته الله سائين خير ڪندو باقي موجوده حڪومت ۾ ڪابه سٺي اميد ڪانهي ڪنهن يوسي چيئرمين کي ڪا ھدايت ڪانه ملي آھي، عبدالقيوم لکيو ته ضلع گهوٽڪي اندر انتظاميا ڪي به اپاءُ نه ورتا آهن، پوئين سالن جي برساتن ۾ ٿيل نقصان جو ازالو به نه ٿيو آهي، جميل کوسو لکيو ته ٽنڊي الھيار ۾ ڪڪر موجود آھن باقي  ڪو به اپاءُ نه ورتو ويو آهي، محمد علي لکيو ته لاڙڪاڻي ۾ برسات نه آهي، امتياز جمالي لکيو ته الله رحم ڪندو، اپاءَ وٺڻ جي ضرورت نه پوندي، هادي بخش مهر لکيو ته عمرڪوٽ ۾ حفاظتي اپاءَ ناهن ورتا ويا، فصلن کي نقصان جو انديشو آهي، صاحب لغاري لکيو ته هتي ڪمينٽن ۾ دانهون ڪرڻ وارا به اڪثر Ppp جا ووٽر آهن سو انهن جي دانهن جو ڪو به تدارڪ نه ڪيو وڃي، محمد حسين لکيو ته سرهاڙي ۾ ڪي به اپاءَ ناهن ورتا ويا، جميل جهتيال لکيو ته باڊھ ۾ اسان وٽ اڳئي نالين جو پاڻي روڊ تي آهي جي برسات پئي ته برسات جو پاڻي ڪيڏانهن ويندو؟ انتظاميا ڪي به اپاءَ ناهن ورتا، حافظ اسد علي مشوري لکيو ته الله جو آسرو آهي باقي سڀ چور آهن.