ڪراچي احتجاج ڪامياب يا ناڪام!

 

رات دير سان ئي پوليس ۽ رينجرز طرفان ٽول پلازا ڪراچي، ڪارساز، شاهراهه فيصل سميت سوين جڳهن تي رڪاوٽون وجهي احتجاج ۾ شريڪ ٿيندڙ عوام کي روڪڻ جو مڪمل بندوبست ڪري ڇڏيو هو، جيئن ئي عوام صبح جو پهچڻ شروع ڪيو ته رياست پنهنجي طاقت تي انهن کي ٽول پلازه ڪراچي سميت مختلف جاين تي ئي روڪڻ شروع ڪيو، ٽيپو سلطان، محمود آباد، درخشان ۽ ٻين ڪيترن ٿاڻن تي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري انهن کان موبائل فون ڦر ڪري انهن کي اڻڄاتل جڳهن تي يرغمال ڪري ڇڏيو، ان باوجود وڏي تعداد ۾ عوام پريس ڪلب پهتو ڇو ته سنڌ اسيمبلي ڏانهن ويندڙ هر رستي کي پوليس ڪنٽينر رکي بند ڪري ڇڏيو هو ۽ سوين پوليس اهلڪار ڪنٽينرن سان گڏ به موجود هئا، قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن ۽ عورتن ڪارڪنن تي بدترين تشدد ڪري انهن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ علامه راشد محمود سومرو کي ٽول پلازه تي روڪيو ويو ۽ حر جماعت جي وڏن قافلن کي به روڪيو ويو، جيڪي لاڳيتو شام تائين علامه راشد محمود سومرو جي سربراهي ۾ احتجاج ڪندا رهيا، شهر جي مختلف روڊن رستن تي عوام ۽ پوليس رينجرز ۾ چڪريون ٿينديون رهيون، پوليس رينجرز ماڻهن تي تشدد ۽ گرفتار ڪندي رهي، ڪراچي شهر ۾ مڪمل ڪرفيو وارو منظر هو، ايئن لڳو پئي ته حڪومت تمام گهڻو خوفزده هئي، جي ڊي اي ڪارڪنن ۽ حرن کان، جنهن ڪري هنن سسئي ٽول پلازه، ڪراچي ٽول پلازه ۽ شهر جي مختلف جڳهن تي رڪاوٽون وجهي روڊ بند ڪيا هئا تنهن باوجود سيد زين شاهه، سردار رحيم، صفدر عباسي، حليم عادل شيخ، حافظ نعيم، بيريسٽر ارشد شر، وقار جٽ ڪراچي پريس ڪلب پهچي ڪارڪنن جي مالڪي ڪرڻ سان گڏوگڏ شديد احتجاج ڪيو، رياست ايتري ته وائڙي ٿي وئي جو آخرڪار علام راشد محمود سومرو ۽ جي ڊي اي جي قافلن تي شام جو شاهراهه فيصل تي شيلنگ ڪئي وئي، جنهن سبب علامه راشد محمود سومرو زخمي ٿي پيو، بهرحال جي ڊي اي جو احتجاج ڪامياب ويو ڇو ته سوشل ميڊيا تي پورو ڏينهن جي ڊي اي احتجاج ٽرينڊ ڪندو رهيو پر سوال اهو آهي ته رياست ايترو پريشان ڇو هئي ڇا پرامن احتجاج ڪرڻ هر شهري جو حق ناهي؟ هاڻي سوچڻ جي ڳالھ اها آهي ته سڄي شهر ۾ ڪرفيو لاڳو ڪري حلف کڻندڙن جي ڪرپشن ۽ سنڌ دشمن فيصلن تي هي عوام خاموش رهندي؟ ڪڏهن به نه هاڻي سنڌ حڪومت ڪرڻ ايتري سولي نه رهندي جيتري پهرين هوندي هئي ڇو ته هن ڀيري عوام کي جي ڊي اي ۽ اتحادين جي صورت ۾ متبادل ملي چڪو آهي، ان ڪري هن ڀصيص حڪمرانن کي عوام دوست فيصلا ڪرڻا پوندا ٻي صورت ۾ سخت احتجاجن کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ جي ڊي اي ۽ اتحادين ايئن ئي پنهنجو ردعمل مسلسل جاري رکيو ته سنڌ جي پيڙهيل عوام جي ڊي اي جو ڀرپور ساٿ ڏيندي ۽ پ پ لاءِ حڪومت ڪرڻ ڏکي ٿيندي ويندي، بهرحال جي ڊي اي جي احتجاج ۾ رڪاوٽون وجهي ناڪام ڪرڻ بدران هنن احتجاج وڌيڪ ڪامياب ڪرڻ سان گڏوگڏ احتجاج کي سوشل ميڊيا تي ٽاپ ٽرينڊ تي آڻي ڇڏيو، جي ڊي اي قيادت نياڻين ۽ ڪارڪنن تي تشدد، گرفتارين ۽ ڌانڌلي خلاف 27 فيبروري اڱاري جي ڏينهن پوري سنڌ ۾ ڪارو ڏينهن ملهائڻ ۽ احتجاج جو سڏ ڏئي احتجاج ختم ڪيو، آخر ۾ بيريسٽر ارشد شر ۽ وقار جٽ کي سلام آهي جنهن سڀني گرفتار ڪارڪنن جي مالڪي ڪري انهن کي آزاد ڪرايو.

 

غلام نبي ڀنڀرو/ نوابشاہه

 

اسان جي علائقي جي اسڪولن ۽ روڊن جي سار لهو!

 

جتي دنيا وڃي چنڊ تي پهتي آهي، دمدمون روڊ ۽ رانٽا کان ڪوٽ عالمون ويندڙ روڊ مڪمل طور تباهه ٿي ويو آهي منهنجي خيال ۾ ته 2 کان 3 ڀيرا دمدمون کان روڊ ۽ رانٽا کان ڪوٽ عالمون ويندڙ روڊن جو ٽينڊر منظور ٿيو آهي، انهن جي ٺيڪي جو ڪم ڪونه ٿيو آهي، اتي وري تعلقو سجاول ۽ يوسي کيرال جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪانڊيرو شودو جي گذريل ڪيترئي سالن کان بلڊينگ زبون حال بڻيل آهي، ٻين اسڪولن جي حالت پڻ تمام خراب آهي، گلڙن جهڙن ٻارن جي تعليم تباهه ٿي وئي آهي، اسان اپيل ڪريون ٿا سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ سجاول ضلعي جي ڊي سي ۽MNA، MPA کي ته تعلقي سجاول جي ڪيترن ئي اسڪولن جون عمارتون هن وقت زبون حال آهن روڊن جي حالت تمام گھڻي خراب آهي اسان کي اميد آهي ته جلد کان جلد ڪم شروع ڪرايو ويندو.

 

غمشاد علي شودو/ ٻيلو، سجاول

 

چنجاڻي شاخ ۾ گٽرن جي پاڻيءَ جو ڇوڙ بند ڪيو وڃي!

 

ميونسپل ڪاميٽي جوهي ۽ آبپاشي کاتي جي ڪامورن جي نااهلي جي ڪري شھر جي گندي پاڻيءَ جو ڇوڙ چنجاڻي شاخ ۾ هجڻ ڪري هاڻي اهو گندو پاڻي ڳوٺن ۾ داخل ٿي ويو آهي، ڳوٺاڻن پاران ميونسپل ڪاميٽي جوهي ۽ آبپاشي عملدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي, ان ڏس ۾ جوهي ويجهو ڳوٺ گل محمد گاڏھي واسي ڳوٺاڻن جو موجب ميونسپل انتظاميا طرفان هٿ سان پائيپ لائين ٽوڙي شھر جي گندي پاڻي جو ڇوڙ چنجاڻي شاخ ۾ ڪيو هص، گندو پاڻي ڇهين واٽر کان پوءِ ستين واٽر ۾ داخل ٿيڻ سبب پاڻي ڳوٺ گل محمد گاڏھي وٽ گهرن جي آڏو تلائن جي صورت ۾ داخل ٿيڻ سبب ڳوٺ ۾ مليريا سميت مختلف بيمارين ڪر کنيون آھي، واٽر ڪورس تي سم تي لڳل نلڪن جو پاڻي خراب ٿي ويو آھي، ڳوٺاڻن موجب جوهي جي چنجاڻي شاخ جي آسپاس گندي پاڻي جو ڇوڙ هجڻ ڪري آس پاس مختلف بيماريون پکڙجي ويون آھن، جانور به گندو پاڻي پيئڻ سبب جانورن ۾ بيماريون پيدا ٿي ويون آھن پر ميونسپل انتظاميا ۽ آبپاشي کاتي جا ڪامورا خاموش آھن، ڳوٺاڻن جو چوڻ آھي شڪايتون ڪرڻ باوجود عمل ناهي ٿي سگهيو، هنن مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي چنجاڻي شاخ اندر گٽرن جي پاڻي جو ڇوڙ بند ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ميونسپل انتظاميا ۽ آبپاشي کاتي جي عملدارن خلاف عدالت جو در کڙڪايو ويندو.

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

ملڪي سياست، حڪومت ۽ چوڌري شجاعت جو ڪردار!

 

(حصو پهريون)

 

ملڪي تاريخ جي اليڪشن جي عجيب وغريب نتيجن موجب ملڪ ۾ اقتداري جوڙتوڙ ڏکين مرحلن مان پئي گذري،  جنهن لاءِ اسان جي ملڪ جي مڙني سياسي قيادتن اقتداري جوڙ توڙ لاءِ وقت جي نوابزاده نصرالله جهڙي ڪردار جي ڳولا ڪئي پئي وڃي، ملڪي سياست جي سياسي ڪردار نوابزاده نصرالله جو ڪردار ڪنهن کان به وسري نٿو سگهي جو سندس جو سياسي لچڪدار ڪردار پڻ اهڙو رهيو آھي جو هن وقت ڄڻ ته ڳوليو نه پيو لڀي. تنهن هوندي به ملڪي سياست جي جهوني ڪردار چوڌري شجاعت حسين واحد سياسي شخصيت طور ملڪي سياست ۾ نمايا آھن جنهن وٽ اهڙو لچڪدار ڪردار آھي جيڪو نوابزاده نصرالله خان جون سڪ ٿو لاهي. موجوده عالمي ٻائيتالي ماحول ۾ جنهن کي نيو ورلڊ ڊس آرڊر جو نالو ڏنو وڃي ٿو، تنهن جي اثر هيٺ وچ ايشيا جي ڪجھ ملڪن ۾ اليڪشني ماحول هن وقت هلي ٿو ۽ ڪجھ ڏينهن اڳ بنگلاديش ۾ اليڪشن ٿي گذري ۽ پاڪستان ۾ به پورو هڪ هفتو اڳ عام اليڪشن پڻ ٿي چڪي آھي. ايئن ئي هن وقت ڀارت ۾ اليڪشني ماحول پڻ زور شور سان جاري آھي جڏهن ته ان تي وري ايران ۾ به اليڪشن ٿيڻ واري آھي. اهڙي صورتحال ۾ عالمي طاقتور ملڪن جي حڪمرانن جون اکيون ايشيائي ملڪن ايران، ڀارت، بنگلاديش سميت پاڪستان جي ايندڙ حڪمرانن تي آھن. اهڙي عالمي صورتحال جتي پاڪستان اندروني مسئلن جو شڪار هوندي پاڙيسري ملڪن سان به سفارتي ۽ جغرافيائي خراب صورتحال مان گذري رهيو آھي، جيئن افغانستان سان مختلف معاملن تي لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ کان ويندي ايران پاران اٻھرائپ ۾ سرحد اندر ڪارروائي ڪرڻ جهڙن مسئلن پڻ ڪو سٺو تاثر قائم ناهي ڪيو. هوڏانهن ڀارت جا مسئلا هميشه پاڪستان لاءِ ڪي بهتر ناهن رهيا. جڏهن ته شروعاتي ڏينهن کان ئي پاڪستان سان ڀارت جا لاڳاپا ڪي بهتر ناهن رهيا، اهڙي هن ڀونچالي ماحول ۾ پاڪستان ۾ ٿيل اليڪشن جا نتيجا جيڪي سامهون آيا آھن سي سياسي ڌرين جي سمجھ کان پڻ ڄڻ ته ٻاهر آھن. آزاد ميمبرز جو اليڪشن ۾ سامهون ٿي اچڻ ڪنهن به صورت ۾ عالمي ٻائيتالي ڊس آرڊر کان ٻاهر نظر نٿو اچي جو هنن هن جديد انفارميشن ٽيڪنالوجي ۽ گلوبل وليج واري انٽرنيٽي دنيا جو ڀرپور استعمال ڪندي اليڪشن مان فائدو جتي ورتو آھي اتي اوهان ايندڙ مستقبل قريب ۾ اڃان وڌيڪ حيرتناڪ انڪشاف ٻڌندا، ممڪن آھي ته اهڙي عمل ذريعي سائفر جهڙا ڪوڙا سچا ميسيجز به اليڪشني ماحول تي اثرانداز ٿيا هجن، هن اقتداري جوڙتوڙ ۾ جتي پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ پڻ اڳ کان اڳڀريون آھن اتي هڪ ٻئي سان اقتداري ملڪي عهدن تي نه ٺھڻ جهڙين خبرن کان پوءِ وڃي مڙني چونڊيل پارٽين جي قيادتن کي چوڌري شجاعت حسين وٽ گڏجي ويهڻو پيو. چوڌري شجاعت حسين هن وقت ملڪ جو واحد سياستدان آھي جنهن هڪ وڏي وقت کان ڄڻ ته نوابزاده نصرالله خان جو ڪردار ادا رڻ شروع ڪيو آھي. (جاري)

 

رحمت الله ٻرڙو/ڪراچي

سنڌ لاءِ ناسور بڻيل جرڳائي نظام!

 

سنڌ اندر جرڳي جو نظام ناسور بڻيل آهي، ڪيترا ئي بيڏوهي ماڻهو جرڳائي نظام جي پيداوار ڪارو ڪاري جي رسمن رواجن جي ور چڙهي ويا آھن، سنڌ اندر جرڳائي رئيسن، ڀوتارن، جاگيردارن عورتن کي ڪاري قرار ڏئي جرڳا ڪري انهن بيوس عورتن سان ظلم ڪري ھڪ ڪروڙ رپين تائين پنھنجون ڪورٽون لڳائي جرگي جا فيصلا ٻڌائي ڇڏائيندا آهن، اسان جي معاشري ۾ عورتون گندين رسمن ۾ قتل پيون ٿين ته ڪي وري ڪارو ڪاري جي الزامن ھيٺ رئيسن، ڀوتارن، سردارن ۽ وڏيرن جي ٻڌايل فيصلن جي ڳرين رقمن ۾ جرڳي جون ڏوهي قرار ڏنيون وينديون آهن، ڪيترن ئي سپريم ڪورٽ جي فيصلن باوجود به سنڌ اندر جرڳي جو نظام ختم نه ٿي سگھيو آهي، انھن بيوس عورتن کي اسان جي سماج ۾قرض عيوض ننڍڙين ڳالھين تي ڪاري قرار ڏنو ويندو آهي پوءِ ايتري قدر جوج سماج ۾ مسئلا پھچي ويندا آهن، ڪي وري انھي مامعلي ۾ عورتن جي ڪري مرد به قتل ٿي ويندا آهن، ھي سماج ۾گندي نظام کي خراب ڪرڻ وارا ماڻهو خاص وڏيرا، رئيس، ڀوتار ۽ سردار ھوندا آھن، جيڪي عورتن سان ناحق ڪارو ڪاري جي رسمن رواجن جا فيصلا ڪندڙ آھن جيڪي ڪري ڪاروڪاري ۾ معصوم نياڻين کي به سنڱ چٽي عيوض ڏياريندا آهن.

 

مختيار بلوچ/ تنگواڻي

 

ڪتاب اسان جي زندگي سنوارين ٿا!‎

 

ڪتاب اسان جو تمام سٺو دوست آهي، ان سان گڏوگڏ اسان جو بهترين رهنما پڻ آھي، ڪتابن کي پڙھڻ سان ماڻھو ۾ زندگيءَ کي سمجهڻ ۽ سهڻي نموني سان گذارڻ جا گڻ پيدا ٿين ٿا. ڪتاب ذھني مشق ۾ اسان جي تمام گهڻي مدد ڪن ٿا، پڙھڻ سان اسان جي يادداشت وڌي ٿي ۽ ساڳئي وقت اسان جي لفظن جي ذخيري ۾ واڌارو ٿئي ٿو. انهن شين جي ڪري اسان ۾ فهم فراست پيدا ٿئي ٿي. هر ماڻهوءَ کي سوچڻ لاءِ لفظن جي ضرورت پوي ٿي، اهو ئي سبب آھي جو جيئن جيئن لفظن جو ذخيرو وڌي ٿو، تيئن تيئن دماغ جي سوچڻ جي صلاحيت به وڌي ٿي، ان جي موٽ ۾ ماڻهوءَ جي ڏاهپ جي سطح به وڌي ٿي. آمريڪا ۾ ذھانت جي سطح جي پرک لاءِ ھڪ تجربو ڪيو ويو، ان لاءِ ھنن ٻن مختلف ڪلاسن جي شاگردن جي چونڊ ڪئي، سندن ذھانت جي سطح جو تعين ڪيو ويو، پهرين سيميسٽر ۾ ٻنهي ڪلاسن کي رياضي پڙهائي وئي. سيميسٽر جي پڄاڻيءَ تي ذھانت جي سطح جي پرک ڪئي وئي ته ٻنهي ڪلاسن ۾ ڪو گهڻو فرق نظر نه آيو. ٻئي سيميسٽر ۾ شاگردن کي هدايت ڪئي وئي ته هو ليڪچر ٻڌڻ سان گڏ ڪجھ مخصوص ڪتاب به پڙھن، سيميسٽر جي پڄاڻيءَ تي ذھانت جي چڪاس ڪرڻ سان معلوم ٿيو ته جن شاگردن ليڪچر سان گڏ ٻيا ڪتاب به پڙھيا تن جي ذھانت جي سطح ۾ ٻين جي ڀيٽ ۾ ٻيڻو اظافو نظر آيو. ان مان اسان کي اهو معلوم ٿيو ته ڪتاب پڙھڻ سان رڳو لفظن جو ذخيرو ئي نٿو وڌي پر ٻين علمن کي سمجھڻ ۾ به مدد ملي ٿي. ڪتاب پڙھڻ جو سڀ کان وڏو فائدو اهو آھي ته ماڻھوءَ ۾ خودشناسي پيدا ٿئي ٿي، پڙھڻ سان توهان پنهنجو پاڻ کي ۽ پنهنجي صلاحيتن متعلق بهتر ڄاڻ حاصل ڪري سگهو ٿا. اسان کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته ٿامس ايڊيسن ۽ البرٽ آئنسٽائن مشھور طبعيات جا ماهر جن نوبل انعام به حاصل ڪيا سي يونيورسٽي گريجوئيٽس نه هئا. هنن رڳو ڪتاب پڙھي پنهنجو پاڻ کي دريافت ڪيو هو. ان ۾ ڪو به شڪ ناھي ته زندگيءَ ۾ ڪاميابيءَ جو دارومدار ڪتابن سان دوستي سان لاڳاپيل آھي. ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آھي ته “ڪتابن کان سواءِ گهر ايئن آھي جيئن روح کان سواءِ جسم.“

 

جميل احمد جھتيال/باڊھ

 

مھر جتوئي تڪرار روڪڻ لاءِ ساڃاھ وند ڪردار ادا ڪن!‎

 

پنوعاقل جي ڪچي واري علائقي ۾ سوشل ميڊيا جي خبرن مطابق ته ٻيلي کاتي جي زمين جي مالڪي واري معاملي تان ٻنھي ڌرين ۾ خوني ويڙھاند جاري آھي، جنھن جي ڪري علائقو جنگ جو ميدان بڻيل آھي ۽ ھن وقت تائين 9 ڳڀرو جوان شھيد ٿي چڪا  آھن ۽ اڃا به جاني توڙي مالي نقصان جو انديشو آھي، تنھن جي ڪري سڀ کان اول ٻنھي ڌرين کي صبر ۽ برداشت جو مظاهرو ڪرڻ گھرجي، اجائي جلدبازي ۽ افواھن جي گردش کي ھڪ پاسي رکي معاملي جي اصل ڪارڻ تائين پھچڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي. جيئن وڌيڪ جاني توڙي مالي نقصان کان بچي سگھجي. ان کان سواءِ ٻنھي ڌرين جي معززين، تَر جي چڱن مڙسن، سياسي، سماجي ۽ مذھبي شخصيتن توڙي ساڃاھ وندن کي عرض ٿو ڪجي ته جيترو جلد ٿي سگھي ان تڪرار جي حل لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪن. ان کان سواءِ اسان ايس ايس پي سکر پوليس، ڊي آءِ جي سکر، آءِ جي سنڌ پوليس کي به عرض ٿا ڪريون ته علائقي ۾ تڪرار کي وڌيڪ وڌڻ کان روڪڻ لاءِ ٻنھي ڌرين وٽ پوليس پوسٽون قائم ڪيون وڃن، جيڪڏهن ان تڪرار کي جلد حل نه ڪيو ويو ته علائقو غير محفوظ بڻجي ويندو، جنھن ڪري نه صرف روزگار جو مسئلو پيدا ٿيندو پر علائقي جي تعليم به تباھ ٿي ويندي.

 

محمد رضا خاصخيلي/ ڪوٽڏيجي، خيرپور

 

انڌي گھوڙي گيباڻا سوار!‎

 

دﻧﯿﺎ ۾ جيترا ماڻهو موٽرسائيڪل تي چڙھي موت جي وادين ڏانھن پھتا آھن، ايترا ڪنھن به ٻي سواري بيمارين، جنگين ڪونه ماريا آھن، ھڪ اندازي موجب پاڪستان ۾ روزانون پندرهن ماڻھو موٽرسائيڪل جي حادثن ۾ مرن ٿا. رستن تي ٻين گاڏين طرفان موٽر سائيڪل سوارن کي بچائيندي ٻيون به ڪيتريون ئي گاڏيون حادثن جو شڪار ٿين ٿيون، تيز رفتار ھڪ موٽر سائيڪل جيڪا سٺ جي اسپيڊ سان ھلي ٿي ته مٿس سورا بظاهر ته ساڪن نذر ايندو آھي پر آس پاس جي ماحول جي حساب سان سندس اسپيڊ به سٺ ڪلوميٽر ھوندي آھي، اوچتي رڪاوٽ، حادثي اسپيڊ بريڪر يا ڪنھن ٻي سبب ايندڙ تيز جھٽڪو ماڻھو کي سٺ ڪلوميٽر جي رفتار سان اڳيان اڇلايو ڇڏي، جڏھن به ڪا شيءِ اڏامندي آھي ته سندس ڳرو حصو پويان ٿيندو آهي. انساني جسم جا وزني حصا ڇاتي ھيٺيان ھوندا آھن، جتي ھڏيون به وزني آھن. گوشت آنڊا به وزني، حادثي مھل مٿو پاڻ مرادو اڳيان ٿيو وڃي، سڀ کان پھريون مٿي ئي ٽڪرائبو آھي، مٿي ۾ ڌڪ لڳندو آھي، نتيجن بي ھوشي يا ترت موت واقع ٿيندو آھي، جيڪي ماڻھو غريب ھجڻ ڪري ھيلمينٽ نٿا وٺي سگھن، ھڪ لک پنجاھ ھزارن جو موٽرسائيڪل ڪيئن ٿا وٺن؟ انھي جي مرمت ڪيئن ٿا ڪرائين؟ وڏا حادثا يڪدم ناھن ٿيندا، انھن جي به پرورش ٿيندي آھي، ھلڪا ڦلڪا ڌڪ پيا لڳندا آهن پر ٻن ھزارن وارو ھيلمينٽ نه وٺندا. ڪفن دفن شامياني برياني تي ڳرا خرچ پوءِ ڪھاڻي ڏک غم جي ڊگھي آھي، مٿي ۾ ڌڪ ڪٿي لڳو آھي، انھي جي چاڻ لاءِ ڳرا ڀاڙا خرچ ڏھن ھزارن واري ايم آر آءِ ٽيسٽ جا خرچ ڀريندا پر ھيلمينٽ نه وٺندا. ڏھن ٻارنهن سالن جي معصوم ٻچڙن کي موٽرسائيڪل وٺي ڏئي وڏي فخر سان کين ننڍا وڏا ڪم پيا چوندا آھن ٻار وري موٽرسائيڪل ايئن پيا هلائيندا آھن ڄڻ ته ايف سورنهن جھاز تي سوار ھجن، زندگي تمام قيمتي آھي، ھيلمينٽ واحد سيفٽي آھي، مٿو بچي وڃي ماڻھو بچيو وڃي، ھڏيون ته وري به جڙيو وڃن پر مٿو ٻيو ڪو نه ملندو. پڪي رستي تي مٿو لڳي ٿو ته ڄڻ ھنڌاڻو ڪريو پوي. آسپاس ۾ بيٺل ماڻھن جي ھٿ ۾ موبائل فون ھوندي آھي اهي سڀ مووي ميڪر بڻجي ويندا آھن، حرام ڪو اوھان جي مدد ڪري؟ انھي ڪري مٿو بچايو، ھيلمينٽ پايو، ھزار 2 ھيلمينٽ تي خرچ ڪريو.

 

الھڏنو راھمون/ سجاول

 

پنجاب جهڙي وڏي صوبي جي وڏ وزارت!

 

پنجاب جهڙي وڏي صوبي جي وڏ وزارت لاءِ نامزد مريم نواز پنهنجي وڏ وزارت وارو حلف کڻي ورتو، جنهن ذميواري کي نڀائڻ لاءِ ان مٿان ان جي والد نواز شريف ۽ ايندڙ وزيراعظم شهباز شريف جيڪو ان جو چاچو آهي انهن ٻنهي سينئر ۽ تجربيڪار سياستدانن جي سرپرستي حاصل هوندي. هن وقت جنهن ايندڙ پنجن سالن لاءِ پنجاب جي وزيراعلى جي حيثيت سان حلف کنيو آهي ۽ جيڪا پهرين عورت وزيراعلى آهي، ان جي شخصيت بابت ڪجھ ڳالهه ڪجي ته ان ۾ خود اعتمادي گهڻي آهي، جيڪا خوبصورت چهري جي مالڪ ۽ خوش لباس پڻ آهي. جيڪا ڳالهائيندي ۽ تقرير سٺي ڪندي آهي، جنهن جي اسپيچ اثرائتي معنى خيز ۽ خوب هوندي آهي. ان جي شخصيت ۾ اهي سڀ خوبيون موجود آهن جيڪي ماڻهن ۽ عوام کي ان طرف متوجه ڪنديون آهن، جنهن پنهنجي والد جي سياسي زندگي جا لاها چاڙها گهڻا ڏٺا ۽ جيڪا پنهنجي والد لاءِ ۽ پارٽي لاءِ سهارو ثابت ٿي. ماڻهو ان جي ڳالهه کي ٻڌندا آهن، سياست ان کي ورثي طور ملي آهي، ان جو سياسي خاندان سان تعلق آهي، ان جو والد ملڪ جو ٽي ڀيرا وزيراعظم رهي چڪو آهي، هن وقت وڏ وزارت ماڻي سياسي ميدان ۾ ان کي قابليت ثابت ڪرڻ جو موقعو مليو آهي، جنهن کي چيلنج پنهنجي جاءِ تي گهڻا رهندا ۽ ان تي نواز شريف جي ڌيءَ هجڻ ڪري تنقيد به ٿيندي رهندي. ڏٺو وڃي ته سوشل ميڊيا تي موجود پي ٽي آءِ جي برگيڊ هونئن به ان تي گهڻي نظر ڪرم ۽ تنقيد ڪندي رهي آهي. بهرحال ان مٿان ڪو پريشر ۽ دٻاءُ نه رهندو، جنهن سبب اميد ڪري سگهجي ٿي ته اها پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ڪندي بهتر ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪندي، جيڪا لاهور ۽ سموري پنجاب لاءِ عوام کي ريليف پهچائڻ واريون پاليسيون بڻائيندي ۽ صوبي جي خدمت ڪري ڏيکاريندي. جنهن مان صوبي جي عوام کي وڏيون اميدون آهن. اها ئي ڳالهه آهي ته جنهن وٽ گڊ گورننس جو ڪو تجربو ڪونهي پر هو گڊ گورننس جو مظاهرو ڪندي، جيڪا ن ليگ جو ووٽ بئنڪ وڌائيندي. جي ڳالهه ڪجي شهباز شريف جي جيڪو به هڪ ڏهاڪو پنجاب جي وزيراعلى واري ڪرسي تي رهيو آهين جنهن به گهڻا بهتر سٺا پنهنجي دور ۾ ڪم ڪيا ۽ هو سٺو صوبي لاءِ ايڊمنسٽريٽر ثابت رهيو. مسئلا ته هر هنڌ گهڻا آهن ۽ چيلنج به. هن وقت ان لاءِ انهن سڀني ڳالهين باوجود عوام کي ڊليور ڪري سياسي طور تي ماڻهن جي دلين کي ان لاءِ کٽڻ جو بهترين موقعو آهي.

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل