صوبي جي مڪاني ادارن ۾ فنڊ ورهائڻ جي اختيارن تي وار: رقم سڌي ضلعن کي ملندي: نواز ليگ متحده سان معاهدو ڪري ڇڏيو

0
41

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) صوبي جي مڪاني ادارن ۾ فنڊ ورهائڻ جي اختيارن تي وار، رقم سڌي ضلعن کي ملندي، نواز ليگ متحده سان معاهدو ڪري ڇڏيو، ايم ڪيو ايم پاران قومي اسيمبلي اجلاس جي بائيڪاٽ جي ڌمڪي بعد نواز ليگ ايم ڪيو ايم سان آئين جي آرٽيڪل 140 اي ۾ ترميم بابت معاهدو ڪري ورتو، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ دوران ايم ڪيو ايم جا ميمبرز ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا،  اياز صادق متحده ميمبرز کي پرچائي وٺي آيو، بلدياتي نظام بابت آئين  جي آرٽيڪل 140 ۾ ترميم تي اتفاق ٿيڻ بعد نواز ليگ طرفان احسن اقبال ۽  ايم ڪيو  ايم جي طرفان مصطفيٰ  ڪمال معاهدي تي صحيح ڪئي، آرٽيڪل 140 تحت صوبن کي ملندڙ فنڊز ترميم بعد وفاق کان صوبن بدران ضلعن کي ملي سگهندا،  نواز ليگ سان معاهدي بعد ايم ڪيو ايم ميمبرز اپوزيشن بدران حڪومتي بئنچز تي ويهي رهيا، معاهدي بعد مصطفيٰ ڪمال ڳالهائيندي چيو ته هي معاهدو بيمار پاڪستان لاءِ هڪ ڪيميائي نسخو آهي،  احسن اقبال چيو ته اڄ اسان يادداشتنامي تي صحيحون ڪيون آهن، ٻنهي جماعتن عوام کي بااختيار بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي، طئي ٿيل مسودي تي قومي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ن ليگ سان معاهدي کان پوءِ ايم ڪيو ايم پاڪستان اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ ووٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو