سن جي هڪ ٻئي جهونجهار جو وڇوڙو!

0
232

90 ع جي ڏهاڪي ۾ سيد امير حيدر شاهه جي نوجوان پٽ شهزاد حيدر شاهه ڪنهن گهرو مسئلي تي يا ذاتي رنجش جي ڪري پاڻ تي فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي، پٽ جي اوچتي موت امير حيدر شاهه جهڙي جبل جهڙي سخت طبيعت رکندڙ شخص جو جيءُ جهوري وڌو. جوان پٽ جي صدمي کيس بي حال ڪري ڇڏيو. پٽ جي اوچتي وڇوڙي کان پوءِ مون هن جي منهن تي سدائين رنج ۽ ملال ڏٺو هو، پڇتاءُ ۽ پيڙا جي پٺيان اصل معاملي جي خبر ته خدا کي، پر ان صدمي امير حيدر شاھ کي بلڪل بيحال ڪري ڇڏيو هو. ان واقعي کان پوءِ امير حيدر شاهه هڪ عجيب ڪيفيت ۾ مبتلا ٿي ويو ۽ ڏک ۾ اڪثر ڪارا ڪپڙا پائڻ لڳو. ان ڪيفيت مان نڪرڻ لاءِ هن روحاني طور ڪو رستو ڳولڻ شروع ڪيو ۽ هڪ دفعي هو جمعي جي رات ڀٽائيءَ جي درگاهه تي ويو ۽ فقيرن جو راڳ ٻڌي ڪيتري ئي وقت تائين روئيندو رهيو. ايتري قدر جو صبح جي فجر جي اذان جو وقت ٿي ويو ۽ هو روئيندو رهيو. خبر ناهي ته مٿس ڪهڙي ڪيفيت طاري ٿي وئي. صبح ٿيو ته هو سن روانو ٿي ويو. ان وقت تائين سندس ڀٽ شاهه جي پيرن سان ڪو گهرو تعلق نه هو. پوءِ اهو سلسلو سالن جا سال جاري رهيو ۽ هو هر جمعي جي رات ڀٽائي جي درگاھ تي ايندو هو ۽ فقيرن جو راڳ ٻڌي فجر مهل سن روانو ٿيندو هو. پوءِ سندس ذهن ۾ هڪ ڳالهه آئي ۽ هو ڀٽائي جي گادي نشين غلام شبير شاهه وٽ ويو ۽ سندس پٽ لاءِ هن سيد نثار شاھ جي نياڻي جو رشتو گهرڻ واري پنهنجي خواهش جو اظهار ڪيو. ڀٽائيءَ جي گادي نشين شبير شاھ پنهنجي وڏي پٽ ۽ ولي عهد سيد نثار شاهه سان ڳالهايو پوءِ خبر پئي ته نثار شاهه جي نياڻي ۽ امير حيدر شاهه جي نياڻي ڪراچي جي ڪنهن ڪاليج ۾ گڏ ڪلاس فيلو پڻ هيون انهن ئي شايد امير حيدر شاهه کي چيو هوندو. نثار شاهه جو مون سان انتهائي ويجهو ۽ گهريلو تعلق هو، ايتري قدر جو سندس سڀ کان ننڍو پٽ خاور شاهه جيڪو اڄڪلهه قائم مقام سجاده نشين پڻ آهي تنهن منهنجي ئي گهر ۾ جنم ورتو هو. نثار حسين شاهه امير حيدر شاھ جي ڳالھه ٻڌي کانئش ڪجهه وقت جي مهلت گهري ۽ مون کي سموري ڳالهه ٻڌائي ۽ چيو ته منهنجو يا منهنجي خاندان جو ساڻس ڪوبه تعلق نه رهيو آهي، هي ڪيئن ماڻهو آهن مون کي خبر ناهي، ڇوڪرو ڪيئن آهي سابه خبر ناهي، جي تون ها ڪندين ته مان انهن سان پنهنجي نياڻي جو رشتو ڪندس، جي تون منع ڪندين ته آءٌ کين جواب ڏيندس. ايڏي وڏي ذميواري کانپوءِ مون کيس چيو ته هي سنڌ جي وڏي خاندان سان تعلق رکن ٿا، جي ايم سيد جي پوٽي سان منهنجو گهڻو گهرو تعلق ناهي، ليڪن امير حيدر شاهه به مڙس ماڻهو آهي ۽ اوهان جي نياڻي کي مان سمجهان ٿو ڪابه تڪليف ڪونه ٿيندي. پوءِ اهو رشتو ٿي ويو. اهڙي طرح سن جي سيد خاندان سان منهنجو به گهرو تعلق رهيو، پوءِ جڏهن سيد امير حيدر شاھ ڄام صادق علي جي دور ۾ ايم پي اي ٿيو ته ان وقت سنڌ اسيمبلي ۾ سڀ کان طاقتور ايم پي اي طور سڃاتو ويندو هو، منهنجو ساڻس تعلق ڪيئن ٽٽو، ان بابت ڪڏهن موقعو مليو ته تفصيل سان لکندس.
امير حيدر شاهه جي سڀ کان وڏي سڃاڻپ اها هئي ته هو هڪ اهڙي شخصيت جو اولاد آهي جنهن کي سڄي سنڌ عزت ۽ احترام سان سڃاڻي ٿي. سيد امير حيدر شاھ پاڻ به گهڻ رخي شخصيت هو. مان هن سان تمام گهڻو ويجهو رهيو آهيان ۽ مون کي سندس سياسي ۽ ذاتي زندگي جي ڪافي معلومات آهي. سيد امير حيدر شاهه سن 1933 ۾ سن شهر ۾ سائين جي ايم سيد جهڙي قدآور شخصيت جي گهر ۾ جنم ورتو. هن شروعاتي تعليم به سن مان ورتي پر بعد ۾ سائين جي ايم سيد کيس سندس ننڍي ڀاءُ امداد محمد شاهه سان گڏ ڪراچي ۾ پڙهائي لاءِ ڇڏيو، جتي وري هو علامه آءِ. آءِ قاضيءَ جهڙي وڏي ماڻهوءَ جي نگرانيءَ ۾ مئٽرڪ تائين پڙهيو. جنهن کان پوجءِ پڙهائيءَ لاءِ هو لنڊن تائين به ويو. امير حيدر شاهه ولايت مان واپس اچي سياست بدران پنهنجي زمين سنڀالي.
سائين جي ايم سيد پاران سنڌ جي قومپرست سياست ڪرڻ دوران هن سياست ۾ گهڻو سرگرم رهڻ بدران تر جي راڄن ڀاڳن تي هٿ رکيو ۽ ماڻهن جا ننڍ وڏا فيصلا ڪرڻ لڳو. جڏهن نوازشريف جي پهرئين دور ۾ سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ پنهنجي عروج تي هو تڏهن سيد امير حيدر شاهه تمام گهڻي اثر رسوخ وارو ماڻهو سمجهيو ويندو هو. سيد امير حيدر شاھ عوامي فيصلا ڪرڻ طور به گهڻي مشهوري ماڻي. ايم پي اي رهڻ دوران هن سن، مانجهند ۽ ڀرپاسي جي سوين ماڻهن کي نوڪريون پڻ ڏياريون. سندس ڀرتي ڪيل ڪيترائي ماستر اڄ ڪلھه رٽائر ٿيڻ کان پوءِ پينشن جا پئسا وٺڻ مهل کيس دعائون ڏين ٿا. پنهنجي ڪيل فيصلي تي سختي سان عمل ڪرائڻ لاءِ به امير حيدر شاھ مشهور هو مذهبي تعلق جي حوالي سان امير حيدر شاهه پڪو شيعو هو، محرم جي مهيني ۾ نذر نياز ڪرڻ سان گڏ مجلسون به ڪرائيندو هو.
سيد امير حيدر شاهه 1961ع ۾ پنهنجي ڳوٺ جي يونين ڪائونسل جو چيئرمين ٿيو جنهن کان پوءِ هو سياست ۾ به بهرو وٺڻ لڳو. 1965ع ۾ جنرل ايوب خان جي دور ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. ان دور ۾ دادو ضلعي جي قومي اسيمبليءَ ۾ فقط هڪ سيٽ هوندي هئي. نواز شريف جي پهرئين دور اقتدار ۾ امير حيدر شاهه آزاد اميدوار طور سنڌ صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. اڳتي هلي هن قومي توڙي صوبائي اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ پنهنجي ڀائٽي ۽ ناٺي جلال محمود شاهه جي حمايت ڪئي ۽ ملڪ اسد سڪندر جي حمايت سان جلال شاهه هٿان پيپلزپارٽيءَ جي مضبوط اميداوار ۽ سنڌ جي اڳوڻي وزيراعليٰ سيد عبدالله شاهه کي سندس تڪ ۾ شڪست ڏياري. ملڪ اسد سڪندر سان اتحاد ڪري ان جي حمايت سان کٽي آيل جلال محمود شاهه اڳتي هلي سنڌ اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر ۽ قائم مقام اسپيڪر به ٿيو.
امير حيدر شاھ جو هڪ پٽ پي آءِ اي ۾ پائلٽ هو، ٻيو ڊاڪٽر آهي جڏهن ته ڪل چار پٽ اٿس. سندس هڪ پٽ منير حيدر شاھ گذريل بلدياتي اليڪشن ۾ سن ٽائون ڪميٽي جو چيئرمين چونڊيو هو. سنڌ جي سائينءَ جي ايم سيد جو وڏو فرزند ۽ پڳدار پٽ امير حيدر شاھ 89 سالن جي عمر ۾ گذريل ڏينهن ڪراچي جي هڪ خانگي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي.