ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ لسانيت خلاف ۽ سنڌ پشتون ڀائيچاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ  امن ريليون ڪڍيون ويون، مٺي ۾ پٺاڻ ۽ سنڌي برادري پاران امان پٺاڻ، رشيد خان، جان محمد، صابر فقير ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ صادق فقير چوڪ کان ڪشمير چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي، ڇاڇرو ۾ پوليس طرفان امن ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، اسلام ڪوٽ ۾ واپارين، شھرين  ۽ پٺاڻ برادري پاران ھريش ڪمار، پريم مکي قيمت لوهاڻو، پرديپ ڪمار، اشوڪ ڪمار، مجنو ميگھواڙ، يوسف جوڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ امن ريلي ڪڍي وئي، ڍورونارو ۾ سنڌي ۽ پشتو ڳالھائيندڙن پاران لالا يعقوب، فيروز خان پٺاڻ، امير علي راڄڙ، عارف قريشي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اسان سالن کان سنڌ ۾ گڏ رهون ٿا، ڪجهه ماڻه سازش ڪري فساد ڦھلائڻ چاهين ٿا، جن جي مذمت ڪيون ٿا، هنن چيو ته اسان امن چاھيون ٿا، لسانيت جي خلاف آھيون، سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي، پشتو يا مھاجر بلوچي سڀئي پاڻ ۾ ڀائر آهن،