حيدرآباد (بيورو رپورٽ)سنڌ هاري ڪاميٽي ڪراچيءَ ۾ سنڌي وسندين کي ڊاهڻ ۽ رهواسين کي هراسان ڪرڻ خلاف اڄ کان سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪيو آھي. سنڌ هاري ڪاميٽي جو هنگامي اجلاس صدر ثمر حيدر جتوئي جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ ڪراچي جي مختلف سنڌي وسندين تي حملن ۽ ڳوٺاڻن مٿان تشدد جي مذمت ڪندر اڄ کان سموري سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪيو ويو.