ڪراچي (رپورٽ: دودو چانڊيو) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته آدمشماري ۾ سنڌ جي ڏيڍ ڪروڙ آبادي گهٽ ڏيکاري وئي، سنڌ ۾ رهندڙ ٻين صوبن جي ماڻهن کي سنڌ ۾ ئي ڳڻيو وڃي، آدمشماري وارو معاملو فوري طور پارليامينٽ ۾ کڻي وينداسين ، سي سي آءِ پهريون ڀيرو قاعدن جي ڀڃڪڙي ڪندي اتفاق راءِ بدران اڪثريت راءِ سان آدمشماري جي منظوري ڏني، 3 وڏن وزيرن حمايت ۾ ووٽ ڏنا، جڏهن 3 وفاقي وزير خاموش رهيا، جن مان 2 سنڌ سان تعلق رکن ٿا. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ۽ وزير اعظم کي خط لکي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته آدمشماري ۾ سنڌ سان ناانصافي ڪئي وئي، 2017ع ۾ آدمشماري ٿيڻ وقت ئي آواز اٿڻ شروع ٿيا، پنجاب جي وڏي وزير ۽ ٻين به اعتراض واريا، ان وقت قانون واري وزير چيو ته جيڪڏهن اسان آدمشماري کي تسليم نٿا ڪريون ته پوءِ 2018ع جون چونڊون پراڻي آدمشماري تي ڪرائڻيون پونديون، سڀني گڏجي آئين ۾ ترميم ڪري رڳو اليڪشن لاءِ نتيجا تسليم ڪيا، پهرين هڪ سيڪڙو بلاڪ چيڪ ڪرائڻ جي ڳالهه ٿي، پوءِ 5 سيڪڙو تي اتفاق ٿيو، مارچ 2018ع ۾ سي سي آءِ جو اجلاس ٿيو، 27 مئي واري گڏجاڻي ۾ چيو ويو ته هاڻ 5 سيڪڙو نٿو ٿي سگهي ۽ نه وري ان تي پارليامينٽ ۾ اتفاق ٿيو، پي ٽي آءِ حڪومت سي سي آءِ جا 4 اجلاس گهرايا پر ان ۾ آدمشماري جو ذڪر نه هو، وفاقي ڪابينا ڪاميٽي جوڙي، آئون انتظار ڪندو رهيس ته اها ڪاميٽي صوبن کان راءِ وٺندي پر ائين نه ٿيو، بعد ۾ وفاقي ڪابينا به آدمشماري جي منظوري ڏئي ڇڏي پر ڪنهن صوبي سان مشاورت جي زحمت نه ڪئي. هن چيو ته سي سي آءِ جي حڪمن کي رد جي ٽوڪري ۾ اڇلايو ويو، قانون موجب پهرين گهر شماري ڪئي ويندي آهي، پوءِ وري ماڻهو ڳڻيا ويندا آهن، هن چيو ته سنڌ جي آدمشماري 6 ڪروڙ 10 لک 41 هزار 938 ٿئي ٿي پر 2017ع واري آدمشماري ۾ 4 ڪروڙ 78لک 54هزار 510 ڏيکاري وئي، هن چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ سراسري طور گهر ڀاتين جو تعداد گهٽ ڏيکاريو ويو آهي، هن چيو ته مون آدمشماري نتيجن جي مخالفت ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيو، جڏهن ته 3 وڏن وزيرن يس پرائيم منسٽر چيو، هن چيو ته سنڌ سرڪار سي سي آءِ فيصلي خلاف پارليامينٽ ۾ ريفرنس موڪل جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن جي سنڌ ڪابينا منظوري به ڏئي ڇڏي آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه وزير اعظم عمران خان کي لکيل خط ۾ ڄاڻايو آهي ته آدمشماري ۾ سنڌ سان انصافي ٿي آهي، سي سي آءِ اتفاق راءِ بدران اڪثريت سان فيصلو ڪيو، جنهن خلاف اسان پارليامينٽ ۾ وينداسين. وڏي وزير خط ۾ سي سي آءِ جي ٿيل مختلف اجلاس جو به ذڪر ڪيو آهي ۽ گڏوگڏ آئيني حوالا ڏئي وزير اعظم کي ياد ڏياريو آهي ته سنڌ حڪومت آدمشماري نتيجن خلاف پارليامينٽ ويندي. وڏي وزير ملڪي معيشت تي ڳالهائيندي چيو ته هلندڙ سال گروٿ ريٽ ڏيڍ سيڪڙو کان گهٽ آهي، بيروزگاري وڌي رهي آهي، ماڻهن مٿان قرض ٻيڻو ٿي ويو آهي، حڪمران آءِ ايم ايف جي چوڻ تي سوچڻ سمجهڻ بنا ڪيترائي قانون تبديل ڪري رهيا آهن، نيپرا قانون تبديل ڪري ٻڌايو و يو ته جون تائين بجلي سوا پنج رپيا في يونٽ مهانگي ٿي ويندي، جيڪا ايندڙ 2 سالن تائين انهيءَ اضافي سان مهانگي ٿيندي رهندي. هن چيو ته امپورٽ ۾ واڌ ۽ ايڪسپورٽ ۾ گهٽتائي سان معيشت ڪمزور ٿي رهي آهي، پرڏيهه ۾ وڏي انگ ۾پاڪستاني بيروزگار ٿيا آهن، جن کي سندن ڪمپنيز رٽائرمينٽ ۽ رهيل پئسا ڏنا آهن، اهي پئسا اچڻ ڪري ڪرنٽ اڪائونٽ ۾ ڪجهه بهتري نظر اچي پئي پر اڳتي هلي ڪرنٽ اڪائونٽ ۾ اها بهتري برقرار رهڻ ممڪن ناهي. هن چيو ته حڪومت اسٽيٽ بينڪ کي احتساب کان مٿانهون ڪري ڇڏيو آهي، عالمي قانون آهن ته ملڪي جي ڊي پي جي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ قرض وٺي نٿو سگهي پر عمران حڪومت 90سيڪڙو قرَض ورتو آهي، جنهن جا اڳتي هلي نتيجا نڪرندا. وڏي وزير سنڌ جَي 3 اسپتالن بابت ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جَي 3 اسپتالن وارو معاملو پراڻو آهي، خبر ناهي ته ڪنهن وزير اعظم کي غلط بريف ڪري تڪرار پيدا ڪيو، وزير اعظم پهرين ئي ملاقات ۾ چيو هو ته اسان کان اسلام آباد جي پمز اسپتال نٿي سنڀالجي، سنڌ جون جناح، اين آءِ سي ايڇ ۽ اين آءِ سي وي ڊي ڪيئن سنڀالينداسين؟.هن چيو ته سي سي آءِ اجلاس کان اڳ منهنجي وزير اعظم سان ڳالهه ٻولهه ٿي هئي، وزير اعظم پاڻ چيو هو ته اهي اسپتالون سنڌ هلائي، ڊاڪٽر فيصل سلطان کي معاملا بهتر ڪرڻ جي هدايت به ڪئي اٿس، گذريل ڏينهن ڊاڪٽر فيصل چيو ته عدالتي فيصلي جي روشني ۾ حل ٻڌايو، جيڪڏهن ڪا وچ ۾ رڪاوٽ نه آئي ته مسئلو حل ٿي ويندو. ڪورونا صورتحال تي ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ ٻين صوبن کان صورتحال بهتر آهي، ماڻهن کي رمضان ۾ ڊيڄارڻ نٿو گهران پر ڪورونا جي پکيڙ ۾ تيزي اچي رهي آهي، وفاق کي بين الصوبائي ٽرانسپورٽ، ٽرين سروس ۽ ايئرپورٽس عارضي طور بند ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي پر اڳڀرائي نه ٿي، وائرس برطانيا مان پکڙيو، برطانيا وري پاڪستان مان شهرين جي انٽري بند ڪري ڇڏي، حڪومت وٽ ڪو پلان ناهي، رڳو سکڻيون ڳالهيون ڪري رهي آهي، ٿيڻ ته ايئن کپندو هو ته برطانيا مان پاڪستان پهتل 25000 ماڻهن کي ٽريس ڪري ڪورونا جي پکيڙ کي روڪڻ گهرجي ها پر ائين نه ٿيو. مذهبي جماعت جي احتجاج جي حوالي سان هن چيو ته اسان کي وفاقي حڪومت ڪجهه نه ٻڌايو، قانون لاڳو ڪندڙ اداري هڪ ڪلاڪ اڳ فون ڪري ٻڌايو، ڪراچي ۾ احتجاج شروع ٿيا ته هر پاسي ڌرڻا هئا، ٽريفڪ روانگي متاثر ٿي وئي، جيستائين پوليس پهتي تيستائين صورتحال خراب ٿي چڪي هئي، احتجاج دوران 5 شهري مارجي ويا، 18 زخمي ٿيا، جن ۾ 12 پوليس اهلڪار به شامل هئا، شهرين جو مالي نقصان ٿيو. هن چيو ته صوبي ۾ 26 هنڌن تي احتجاج ٿيو، اسان 26 مان 24 هنڌن تان احتجاج ختم ڪرايا آهن. پريس بريفنگ دوران هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته وزير اعظم جڏهن به سنڌ جي دوري تي ايندو آهي، ميڊيا ذريعي پتو پوندو آهي، ڪڏهن به وزير اعظم مونکي ناهي ٻڌايو ته آئون اچي رهيو آهيان، هاڻ به جيڪڏهن وزير اعظم سنڌ جي دوري تي اچي رهيو آهي ته ان جو پتو به صحافين ذريعي پئجي رهيو آهي.