ڪراچي (رپورٽ: اياز بروهي) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ 2017ع واري آدمشماري جي نتيجن جو حتمي نوٽيفڪيشن 10 مئي تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڪالهه ايم ڪيو ايم ۽ ٻين پاران سنڌ ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ داخل ڪيل درخواستن جي ٻڌڻي دوران شماريات ڊويزن جي آفيسر عدالت کي ڄاڻ ڏيندي چيو ته سي سي آءِ 12 اپريل تي 2017ع ۾ ٿيل آدمشماري جي نتيجن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن تي عدالت پڇيو ته انهي جو نوٽيفڪيشن ڪٿي آهي؟ جنهن تي سي سي آءِ جي نمائندي چيو ته ايندڙ ٻن هفتن اندر آدمشماري جي نتيجن بابت نوٽيفيڪشن پڻ جاري ڪيو ويندو، جنهن تي جسٽس محمد علي مظهر چيو ته سي سي آءِ ايتري ننڍي مسئلي تي فيصلي ۾ ايترو وقت لڳايو، 2017ع ۾ آدمشماري ٿي، 2021ع تائين نتيجن جو اعلان نه ڪري سگهي؟ عدالت شماريات ڊويزن پاران آدمشماري جي نتيجن بابت پيش ڪيل رپورٽ کي رد ڪندي چيو ته وفاقي سرڪار کي 10 مئي تي آدمشماري جي حتمي نتيجن بابت نوٽيفڪيشن پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، جسٽس امجد علي سهتو چيو ته آدمشماري جا نتيجا ظاهر ٿيڻ بعد مڪاني ادارن جي تڪبندين جو جائزو ورتو ويندو. واضح رهي ته ايم ڪيو ايم ۽ ٻين پاران داخل ڪيل درخواست ۾ اهو موقف اختيار ڪيو ويو هو ته ڪراچي ۾ مڪاني ادارن جون شفاف تڪبنديون ڪري نيون چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي، جنهن تي سنڌ سرڪار ۽ اليڪشن ڪميشن پاران اهو موقف اختيار ڪيو ويو هو ته نئين آدمشماري جي نتيجن جو حتمي نوٽيفيڪشن جاري ٿيڻ تائين مڪاني ادارن جون نيون تڪبنديون ٿي نه سگهنديون.