لنڊن(م ڊ) تحريڪ لبيڪ پاڪستان فرانس جي سفير کي نيڪالي ڏيڻ جو مطالبو ڪري رهي آهي پر ان جا ڪهڙا نتيجا نڪرندا ان باري ۾ بي بي سي جو چوڻ آهي ته فرانس جي سفير جي ملڪ نيڪالي جو معاملو نه رڳو منجهيل آهي پر پاڪستان جي عالمي ساک ۽ لاڳاپن تي ان جا سڌا اثر پوندا. اڳوڻي سفير غالب اقبال جو چوڻ آهي ته ڪجهه عرصي کان پاڪ- فرانس لاڳاپا خراب ٿيا آهن، جنهن جو مک سبب فرانس جا ڀارت سان بهتر ناتا آهن. سفير کي نيڪالي ڏيڻ سان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ يورپي يونين ۾ پاڪستان کي ڏکيائيون پيدا ٿينديون. ان سان فرانس ۽ ٻين يورپي ملڪن جو سخت ردعمل ايندو، پاڪستان جو يورپ سان واپار متاثر ٿيندو ڊاڪٽر خرم اقبال چيو ته فرانس ايف اي ٽي ايف جو اهم ميمبر آهي ۽ سفير کي نيڪالي جو پاڪستان جي پوزيشن تي ضرور اثر پوندو.