ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) سنڌ حڪومت پاران عدالتي حڪم تي مختلف پوسٽن تي اضافي چارج طور ويٺل 19هين ۽ 20هين گريڊ جي 29 ڪامورن کان اضافي چارجون واپس، 18هين کان 20 هين گريڊ جا 150 ڪامورا اڃا ڊبل ڊيوٽين تي برقرار، ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب سنڌ ۾ 18 کان 20 هين گريڊ جون اهم پوسٽون اڃا تائين اضافي چارجن تي من پسند ڪامورن حوالي ٿيل آهن. 5 مهينا اڳ سروسز کاتي جي اختيارين عدالت ۾ جمع ڪرايل تفصيلي رپورٽ ۾ اعتراف ڪيو هو ته صوبي جي مختلف کاتن ۾ ڪامورن جي بحران سبب مجموعي طور تي 825 ڪامورن کي اضافي چارجون مليل آهن. سروسز کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته مختلف کاتن خاص طور تي ڪيڊر پوسٽن تي اضافي چارجن تي ويٺل ڪامورن کي عهدن تان هٽائي اصل هنڌن ڏانهن اماڻيو ويو هو. جڏهن ته ڪالهه سروسز کاتي جي اختيارين پاران 19هين ۽ 20هين گريڊ جي رڳو 29 ڪامورن کان اضافي چارجون واپس ورتيون ويون آهن. ان ڏس ۾ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب 20هين گريڊ جي نورمحمد شاھ کان صحت کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري، 20هين گريڊ جي محمد ياسر جان بلوچ کان پي اينڊ ڊي مان سروسز ميمبر، 20هين گريڊ جي فيصل عقيلي کان شهيد بينظير ڀٽو هائوسنگ سيل جي چيئرمين، 20 هين گريڊ جي اختر ڀرڳڙي کان مائنز اينڊ منرل جي ڊائريڪٽر جنرل، 20 هين گريڊ جي انجم اقبال جماڻي کان ڪچي آبادي کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل، 20 هين گريڊ جي عابده لوڌي کان سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن جي سيڪريٽري،20 هين گريڊ جي رفيق مصطفيٰ شيخ کان سنڌ سسٽين ايبل ڊولپمينٽ گولز پراجيڪٽ جي پراجيڪٽ ڪوآرڊينيٽر واري اضافي چارج واپس ورتي وئي آهي. سيد سلمان شاھ کان سنڌ ريلائنس پراجيڪٽ جي پي ڊي، 19هين گريڊ جي راجا شاهه زمان کهڙو کان گورک هل ڊولپمينٽ جي 20هين گريڊ واري ڊي جي،19هين گريڊ جي اسد زمان کان ڪي4 فيز ون جي پي ڊي،19هين گريڊ جي زبير چنا کان سوئيپ جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر، 19هين گريڊ جي احمد سلطان کوسو کان لاڙڪاڻي جي ايڊيشنل ڪمشنر، ڊي جي ثقافت عليم لاشاري کان ڊائريڪٽر ڪلچر، 19هين گريڊ جي صلاح الدين ميمڻ کان انڊسٽريز جي ڊائريڪٽر، 19هين گريڊ جي صفدر رضوي کان سول اسپتال ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر ۽ پرڪيورمينٽ ڊائريڪٽر، 19هين گريڊ جي صفدر ٻگھيو کان هيومن رائيٽس کاتي جي ڊائريڪٽر، فرحان قاضي ۽ طارق علي کان وزيراعليٰ انسپيڪشن ٽيم جي ميمبر، محمد سالڪ نقرچ کان هيومن سيٽلمينٽ، اسپيشل ڊولپمينٽ اينڊسوشل هائوسنگ ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽر واري اضافي چارج واپس ورتي وئي آهي، نجيب الدين سهتو کان سيسي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر، مصطفيٰ سهاڳ کان مانيٽرنگ اينڊ ايووليشن جي پي ڊي، تحسين فاطمه کان اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي ڊائريڪٽر (ايڇ آر)، عظميٰ اسماعيل کان ڊائريڪٽر اسپورٽس، مشتاق سومرو کان تعليم کاتي جي ڊائريڪٽر (ايڇ آر)، دادلو زهراڻي کان صحت کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري، شاڪر قيوم خانزاده کان نوجوانن جي معاملن واري کاتي جي ڊائريڪٽر، مقصود ڪلهوڙي کان لياري جنرل اسپتال ۾ ايڊمنسٽريٽر اينڊ پرڪيورمينٽ ڊائريڪٽر، معين الدين صديقي کان هيڪ سيڪريٽري ۽ شفيق شيخ کان تعليم کاتي ۾ اسڪول انفرااسٽڪچر ڊولپمينٽ جي پي ڊي وارا اضافي عهدا واپس وٺي کين پنهنجن اصل کاتن ڏانهن اماڻيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪيڊر پوسٽن سميت مختلف کاتن ۾ 18هين کان 20هين گريڊ جي اهم پوسٽن تي 150 کان وڌيڪ ڪامورا اڃا به اضافي چارجن تي مقرر ٿيل آهن. هوڏانهن سروسز کاتي جي اختيارين صحت، تعليم، ڪاليج ايجوڪيشن، پاپوليشن، ورڪس، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ، منارٽي، مڪاني ادارن، زراعت، گھرو معاملن سميت سمورن کاتن جي سيڪريٽرين کي هدايت ڪئي آهي ته اضافي چارجن تي ويٺل ڪامورن کي اضافي عهدن تان هٽايو وڃي. ٻئي طرف سروسز کاتي جي اختيارين “پنهنجي اخبار” کي ٻڌايو ته اضافي چارجن تي ويٺل ڪامورن کي هڪ ٻن ڏينهن ۾ هٽائي اصل عهدن ڏانهن اماڻيو ويندو.