ڪابل (م ڊ) افغانستان ۾ ويڙهه جاري، غزني جي اڌ شهر تي طالبان قبضو ڪري ورتو، فورسز پاران وڌيڪ 266 طالبان کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، غزني جي ضلعن ۾ افغان فورسز ۽ طالبان ۾ جهڙپون جاري آهن، ويڙهه غزني شهر تائين پهچي وئي، صوبائي ڪائونسل سربراهه اعتراف ڪندي چيو آهي ته تقريبن اڌ غزني شهر جو ڪنٽرول وڃائي چڪا آهيون، افغان فورسز دعويٰ ڪئي آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران مختلف صوبن ۾ 266 طالبان ويڙهاڪ ماريا ويا آهن، واضح رهي ته افغانستان ۾ طالبان جي حملن ۾ هن وقت تائين 3500 ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ 2 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن، هوڏانهن آمريڪي ميڊيا طالبان افغان فوج جي هٿيار ڦٽا ڪندڙ 22 ڪمانڊرز کي قتل ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ته طالبان افغان ڪمانڊرز کي قتل ڪرڻ جي ترديد ڪئي آهي، طالبان هڪ بيان ۾ چيو آهي ته فارياب مان پڪڙيل افغان ڪمانڊرز اسانجي تحويل ۾ آهن، جڏهن ته افغانستان جي دفاعي وزارت جو چوڻ آهي ته فارياب ۾ افغان ڪمانڊرز ويڙهه دوران مارجي ويا هئا.