سنڌڙي (ن پ ا) سنڌڙي لڳ ديهه 72 ۾ ڳوٺ مٺو مھر ۾ چلهه مان اٿيل چڻنگ سبب 4 گھر سڙي رک ٿي ويا، باهه لڳڻ ڪري يار محمد منڱريو، خان محمد منڱريو، جان محمد منڱريو، بھادر مڱريو جي گھرن ۾ پيل الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پھتو، ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آندو. متاثر کليل آسمان ھيٺ ويٺل آھن، متاثر پاران وس وارن کان مدد جي اپيل ڪئي وئي.