سني ليون ماضي جي ڪم تي شرمندگيءَ جو اظهار ڪري ڇڏيو

0
520
سني ليون ماضي جي ڪم تي شرمندگيءَ جو اظهار ڪري ڇڏيو
سني ليون ماضي جي ڪم تي شرمندگيءَ جو اظهار ڪري ڇڏيو

نئين دهلي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا سني ليون پنهنجي ماضي ۾ ڪيل هڪ پروفيشنل ڪم تي شرمندگيءَ جو اظهار ڪري ڇڏيو.

اهڙو اظهار هن او ٽي ٽي پليٽ فارم لاءِ ٺاهيل ڪاميڊي شو جي هڪ ٽريلر دوران ڪيو، جنهن ۾ کيس اهو چوندي ٻڌي سگهجي ٿو ته مان سني ليون آهيان ۽ توهان مون کي ماضي جي ڪم سان ڄاڻو ٿا.

ان دوران 40 ورهين جي اداڪارا اهو به چيو ته مون کي ماضي جي ان ڪم تي شرمندگي آهي.پنهنجي ڳالهه جاري رکندي سني ليون بالي ووڊ فلم ”مستي زادي“ جو نالو کنيو، جنهن تي ٻڌي اتي موجود ماڻهو کلڻ تي مجبور ٿي پيا،

جڏهن ته انهن ۾ ويٺل سني ليون جو مڙس به مُنهن تي هٿ ڏئي کلندو رهيو.