خبردار: اوهان منهنجي پيار ۾ مبتلا نه ٿي وڃو: مهوش حيات جي مداحن کي وارننگ

0
204

لاهور(شوبز نيوز) خوبصورت اداڪارا مهوش حيات مداحن کي خبردار ڪندي چيو آهي ته خبردار، اوهان منهنجي پيار ۾ مبتلا نه ٿي وڃو.

تفصيل موجب اداڪارا سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي پنهنجي اولهه واري لباس ۾ نڪتل هڪ نئين تصوير شيئر ڪري ڇڏي آهي تصوير ۾ هو پينٽ شرٽ پائي سيلفي ڪڍي رهي آهي،

مهوش حيات جي اها نئين تصوير سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي وئي جڏهن ته اداڪارا جي دلچسپ جملي تي پڻ مداحن پاران واکاڻ ڪئي وئي آهي.

ڪجهه مداحن جوابي جملن ۾ لکيو آهي ته اسان اڳ ۾ ئي اوهان جي پيار ۾ ورتل آهيون، پريشان نه ٿيو بس ائين ئي خوش رهو.