سماج ۽ انتظاميا جي بي حسي کي ظاهر ڪندڙ حادثا

0
209
“مسئلا گھر بڻيل” سول اسپتال ڪراچي ۽ سرڪار جون دعوائون!!

عرفان ڦلپوٽو خيرپور ميرس مان لکي ٿو

ڪو وقت هو جڏهن ڪو حادثو ٿيندو هو ته عام ماڻهو حادثي واري جاءِ تي پهچي زخمين جي واهر لاءِ انساني فرض محسوس ڪندي خدمت جي جذبي سان ايئن پهچندا هئا ڄڻ اهو حادثو انهن جي ويجهن عزيزن سان ٿيو هجي ۽ انهن پرديسي زخمي مسافرن جي پرگهور ۾ جنبي ويندا هئا پر هاڻ هي به وقت آيو آهي جو جيڪڏهن ڪو حادثو ٿئي ٿو ته ڪجهه لالچي ماڻهو حادثي واري جاءِ تي مڪروه ۽ انسانيت لڄائيندڙ نيتون کڻي پهچن ٿا ۽ زخمين جون تلاشيون وٺي انهن جا پيسا ۽ سامان کسڪائين ٿا. ٻه ڏينهن اڳ خيرپور جي پراڻي نيشنل هاءِ وي تي حسين آباد ويجهو بدنصيب مسافر وين ۽ مسافر ڪوچ حادثي ٻارنهن قيمتي جانيون ڳڙڪائي ڇڏيون، اهڙي ڏکوئيندڙ واقعي تي جيتوڻيڪ خيرپور سميت سنڌ جا احساس وند ماڻهو حادثي ۾ فوت ٿيندڙ مسافرن ۽ انهن جي وارثن لاءِ اکين ۾ آب آڻي رنا پر سماج جا ڪجهه اهڙا فرد به حادثي واري جاءِ تي موجود هئا جيڪي زخمين جي مدد ڪرڻ بدران وڊيو ٺاهي فيس بڪ ۽ سوشل ميڊيا تي رکڻ ۾ مصروف هئا، سندن اهڙي رويي تي سوشل ميڊيا تي ئي جيڪي رايا جڙيا اهي ڪنهن به ريت ڪنهن مثبت سماج جو دليل نٿا ڏين.ڇاڪاڻ ته زخمي تڙپي رهيا هجن ۽ ماڻهو انهن جي مدد ڪرڻ بجاءِ سوشل ميڊيا جي نشي ۾ غلطان هجن ته اهو سماج جي پستيءَ جو اهڃاڻ آهي. حادثي ۾اجل جو شڪار ٿيندڙن جي وارثن اهو به ٻڌايو ته انهن جي رشتيدارن جي لاشن مان پيسا ۽ موبائيل فونون به ڪڍيون ويون آهن جيڪي حادثي واري جاءِ تان ناهن مليون جيڪي واهر جو ڊرامو رچائيندڙ مال غنيمت سمجهي کڻي ويا. اهڙي قسم جون خبرون اهو ٻڌائين ٿيون ته اسان ڪيترا بي حس ٿي ويا آهيون. اڄ جي جديد مواصلاتي نظام جو فائدو اهو به پيو آهي ته حادثي جي چند لمحن ۾ خيرپور جي پوليس ۽انتظاميه واقعي واري هنڌ پهچي ويئي ۽ زخمين توڙي اجل جو شڪار ٿيندڙ بدنصيب مسافرن کي سول اسپتال خيرپور آندو ويو. حادثي جو ريسڪيو ڪندڙ عملي جيتوڻيڪ سول اسپتال انتظاميا کي بروقت اطلاع ڏنو ويو ته اهي ايمبولينسون حادثي واري هنڌ اماڻين پر حادثي وارو هنڌ جيڪو سول اسپتال خيرپور کان 15منٽن جي ڊرائيو تي آهي ان باوجود ايمبولينسون ۽ انهن ۾فرسٽ ايڊ ڏيندڙ ڊاڪٽر سول اسپتال انتظاميا موڪلڻ ۾ دير ڪئي جنهن سبب زخمي تڙپندا رهيا ۽ ڪيترائي مريض زخمن جا سور سهندي ساهه ٻوساٽجڻ ۽ دل جا دورا پوڻ جو شڪار ٿيا. هڪ ته ايمبولينسون دير سان پهتيون ٻيو انهن ۾ ڪوبه ڊاڪٽر يا ڪوبه پيراميڊيڪل عملو ڪونه هو، صرف ڊرائيورن سان ٻه ايمبولينسون اماڻيون ويون اهڙي صورتحال ۾ خيرپور پوليس جي موبائيلن ۾ زخمين کي سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ آندو ويو. هونئن ته شهرن ۾ قائم سول اسپتالن ۾ اهڙن واقعن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسپتال انتظاميا پاران ايمرجنسي لڳائي ويندي آهي پر سول اسپتال خيرپور انتظاميا شروع کان وٺي حسين آباد حادثي جي زخمين لاءِ ڪنهن به قسم جي هنگامي صورتحال لاڳو نه ڪئي هئي جنهن ڪري ايمرجنسي وارڊ وٽ هڪ ته زخمين کي کڻڻ لاءِ اسٽريچر به ڪونه هئا ٻيو ته ايمرجنسي وارڊ ۾ بيڊ به خالي نه ڪرايا ويا هئا جنهن ڪري زخمي ڪيترو وقت ڪيولٽي جي ڪاريڊور جي فرش تي پيا رهيا ۽ سرد خاني جي فرش تي لاش پڻ لاوارث انداز ۾ پيل رهيا.جڏهن سول اسپتال انتظاميا ميڊيا جي ماڻهن کي ڏٺو ته ڪجهه تحرڪ ۾ آيا. حادثي جي ڪجهه ڪلاڪن بعد اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه حادثي جي زخمين ۽ مري ويلن جي وارثن سان ملڻ سول اسپتال پهچي زخمين جي عيادت ڪئي پر هن موقعي تي هن به زخمين توڙي فوت ٿي ويلن لاءِ ڪنهن به قسم جي مالي سهائتا جو اعلان نه ڪيو اهڙي قسم جو حادثو جيڪڏهن ملڪ جي ٻي صوبي ۾ ٿئي ها ته واقعي جو نوٽيس صوبائي سرڪار وٺي ها ۽ زخمين توڙي مري ويلن لاءِ معاوضي جو اعلان به ٿئي ها.سچ چوندا آهن ته جهڙي رعايا تهڙي سرڪار ، عوام جيڪو حادثن مان مال غنيمت ميڙڻ لاءِ سرگردان رهي ٿو ته ان جي سرڪار به وري اوتري ئي ٻاجهه ان سان رکي ٿي.