ساک کي ڇيهو رسائڻ جو ڪيس: سعيد غني ۽ حليم شيخ عدالت ۾ پيش

0
145
ساک کي ڇيهو رسائڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ، سعيد غني طرفان سندس خلاف داخل ڪيل ڪيس ختم ڪرائڻ لاءِ عدالت پهچي ويو

ڪراچي جي عدالت ۾ صوبائي وزير جي ساک کي ڇيهو رسائڻ خلاف داخل دعويٰ تي ٻڌڻي دوران سعيد غني ۽ حليم عادل شيخ عددالت ۾ پيش ٿيا

حليم عادل شيخ پنهنجي درخواست ۾ چيو آهي ته عدالت کي ڪيس تي ٻڌڻي جو اختيار نه آهي، الزام ۽ درخواست خارج ڪئي وڃي

عدالت حليم عادل جي درخواست تي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي پهرين مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي