اشو آف دي ڊي نمرتا ۽ نوشين جو آپگهات نه پر قتل آهي: هراسان ۽ بليڪ ميل ڪندڙ جوابدارن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن: سوشل ميڊيا تي مطالبو

0
190
اشو آف دي ڊي نمرتا ۽ نوشين جو آپگهات نه پر قتل آهي: هراسان ۽ بليڪ ميل ڪندڙ جوابدارن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن: سوشل ميڊيا تي مطالبو

چانڊڪا جي شاگردياڻي نمرتا ڪماري ۽ نوشين شاهه جي جسم ۽ ڪپڙن مان هڪ ئي مرد جا جزا ملڻ جو انڪشاف ٿيڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل ظاهر ڪيو ويو ۽ ذميوارن کي سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ حبيب جمالي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻين نمرتا ۽ نوشين آپگھات ڪيس ۾ اھم انڪشاف ٿيو آهي، نوشين جي جسم ۽ ڪپڙن مان مرد جا جزا مليا آهن، نمرتا ۽ نوشين جي ڪپڙن ۽ جسم مان ملندڙ جزا ھڪ ئي مرد جا آھن ، ڊي اين اي رپورٽ پڌري ئي وئي آهي. جنهن تي علي احمد رند لکيو ته اھي سڀ قتل آھن ھاڻ پروين رند ھمٿ ڪئي آھي ھاڻ نياڻين کي اتساهه مليو آهي سنڌ جو شعور جاڳي پيو انشاء الله ھاڻ تعليمي ادارن۾ اھي عمل بند ٿيندا ۽ شھيد ٿيل نياڻين کي انصاف ملندو،

مير محمد سنجراڻي لکيو ته اهي آپگهات نه پر قتل آهن.امداد ساگر پنهور افسوس جو اظهار ڪيو. مرڪ منان چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته چانڊڪا ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ خودڪشي ڄاڻايل ٻن شاگردياڻين نمرتا چنداڻي ۽ نوشين شاهه سان زيادتي ٿيڻ وارو معاملو، نمرتا ۽ نوشين جي جسم ۽ ڪپڙن مان مليل جزا هڪ ئي مرد جا آهن. لمس ڄامشورو فارنزڪ ۽ ڊي اين اي ٽيسٽنگ ليب رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، سڀ کان پهريان وي سي کان پڇاڻو ڪجي، هي هڪ تمام اهم ڪڙي آھي، هاڻي ڏسجي اهو ته اسان وٽ انصاف جي تقاضا ڇا آھي؟!! اسان ته پهرين ڏينهن ئي چيو هيو ته هي سڌا سنوان قتل آھن جن کي خودڪشي جو نالو ڏنو پيو وڃي، مختيار عباسي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ‏چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻين نمرتا ۽ نوشين آپگھات ڪيس ۾ اھم انڪشاف سامھون آيا آھن.

نمرتا ۽ نوشين سان ھڪ ئي مرد پاران زيادتي جي رپورٽ. ٻنھي شاگردياڻين جي ڪپڙن ۽ جسم مان ملندڙ جزا ھڪ ئي مرد جا آھن .جنهن تي سورٺ ٿيٻو لکيو ته هٿ وٺي ماريون ويون، عامر درازي لکيو ته سنڌ جي مختلف يونيورسٽن توڙي ڪاليجز ۽ اسڪولن ۾ پڙهندڙ نياڻين کي آئون گذارش ڪندس ته اگر ڪوبه استاد يا وري ايڊمنسٽريشن جو ڪوبه فرد اگر توهان کي مسلسل هراسان ڪري رهيو آهي ته توهان ڊڄو نه ان مسئلي کي پنهنجي فيملي سان شڪايت ڪيو، اگر ائين به نٿا ڪري سگهو ته هيومن رائيٽس سيل سان رابطو ڪريو جنهن جو نمبر توهان کي گوگل مان به ملي سگهي ٿو، يا وري ڀاءُ يا سوٽ فيملي ۾ وڪيل هجي ته ان سان رابطو ڪيو ان ذريعي هراس ڪندڙ فرد کي ليگل نوٽيس موڪليو. آئون يقين سان ٿو چوان ته ليگل نوٽيس جي قانون ۾ ايڏي وڏي اهميت آهي جو ان ملازم جي نوڪري به خطري ۾ پئجي سگهي ٿي. شفاءُالله شفا لکيو ته اگر جوابدار گرفتار به ٿيندو وري ضمانت تي آزاد ڪيو ويندو ائين ئي ڪيس ڪمزور ٿي ويندو فريادي ٿڪجي پوندا جوابدار آزاد ٿي ويندا،

امداد ناريجو لکيو ته  اسان وٽ انصاف وٺڻ تمام ڏکيو آھي ھاڻي اھا رپوٽ پڌري ٿي آھي ھن واقعي کي ڪيترو ئي عرصو ٿي چڪو آھي جوابدار کي سزا ڏيارڻ لاءِ اڃا به پنج سال ڪورٽن جا چڪر ڪاٽين تڏھن وڃي جوابدار کي ڪا سزا ايندي، علي اصغر سولنگي لکيو ته وڏا ڪلور ٿيل آھن، لالي نظاماڻي به راءِ جو اظهار ڪيو، زاهد ريحان لکيو ته ڪيڏي صفائي سان قتل کي خودڪشي جو رنگ ڏنو وڃي ٿو، لياقت جمالي لکيو ته حڪمرانن مان انصاف جي ڪهڙي اميد، انور علي شاهه لکيو ته ٻڏي مرڻ جو مقام آهي، رفيق سنڌي لکيو ته اسان جي باشعور عوام سول سوسائيٽي سياسي ۽ سماجي تنظيمن کي ان ظلم ۽ قتل عام خلاف آواز اٿارڻ گهرجي سنڌ ۾ اڳ ئي نياڻين کي پڙھائيڻ جو رواج گهٽ آھي مٿان وري اهڙا ناحق ڏسي ڪير پنهنجي نياڻي کي يونيورسٽين ۾ موڪليندو، سڪندر علي لکيو ته هاڻي جڏهن رپورٽ آئي آهي ته انصاف ڪرڻ ۾ دير ڇو ٿي رهي آهي،

مهتاب احمد سومرو لکيو ته سنڌ جون نياڻيون آھن ٻئي ڪنهن صوبي جون هجن ها شايد قاتل ڦاسي جي ڦندي تي لٽڪي چڪا هجن ها، چيتن جوشي لکيو ته سمورن مائٽن کي گھرجي ته گڏ ٿي فيصلو ڪن، حميرا خان لکيو ته يونيورسٽي استادن کان مارڪن جو اختيار کسيو وڃي، استادن جو ھڪ طبقو ان کي بليڪ ميلنگ لاءِ استعمال ڪري ٿو. جنھن جو وڏو شڪار نياڻيون بڻجن ٿيون. اسرار احمد ويسر لکيو ته ايڏو سارو نياڻي تازو انڪشاف ڪيو آھي ته مون کي جنسي هراسان ڪري تشدد ڪري مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي، نمرتا ۽ نوشين سان ته هيل تائين انصاف ناهي ٿيو، ان نياڻي سان ته انصاف ڪيو وڃي، ناطق وفا خاصخيلي لکيو ته سنڌ جون نياڻيون ماريون وڃن ٿيون، قاتل آزاد ٿي وڃن ٿا ۽ وري انهن ئي پوسٽن تي رهي وري وري هڪ نئون داستان جوڙين ٿا.

فياض قادري لکيو ته چانڊڪا جي آفيسرن ۽ مٿين عملي جي گڏيل ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائي وڃي، اربيلو ٻرڙو لکيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي، محمد امين لکيو ته اهڙن ماڻهن کي ڦاهي ڏني وڃي، عرفان عباسي لکيو ته وڏو ظلم ته اهو آهي ته انهن خلاف ڪا به ڪاروائي ناهي ٿي، سيد آصف حسين لکيو ته ڪجهه نه ٿيندو، عرفان عمراڻي لکيو ته جيڪڏهن نمرتا سان انصاف ٿئي ها ته نوشين ڪاظمي بچي وڃي ها، شعيب محمد مري لکيو ته ايترو ھي ڇوڪري رڙيون پئي ڪري ته اسان ڇوڪريون خودڪشيون ناھيون ڪنديون اسان کي بليڪ ميل ڪري مرڻ تي مجبور ڪيو ويندو آھي پر پوءِ به اسان جي ملڪ ۾ اڄ تائين ڪنھن کي به انصاف ناھي مليو جو انھن کي ملندو، علي انور، لال امر، شاهجهان جمالي، وجي ڪمار، امير تڳو، موهن رام، ڌرتي ڏنو سمون، نظير احمد، زاهد ريحان، شهداد علي راٺوڙ، غلام مرتضيٰ بلوچ، وسند بلوچ، سيد مزمل شاهه،شهداد علي راٺوڙ، ظفر علي سنجراڻي، علي گوهر هليو، ظفر لنجار، عمران مغيري، عنايت ، سوز جتوئي، بابر جمالي، فيض محمد، محمد مينگل، ثمر علي راشدي، گل شاهه سيد، غلام سرور ۽ ٻين به واقعي تي ردعمل ڏنو. حيدر سنڌي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ مبينا طور آپگهات ڪندڙ شاگردياڻين سان جنسي زيادتي جو انڪشاف ٿيو آهي،

بلاول لاکو لکيو ته چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي جي ميڊيڪل اسٽوڊنٽس نمرتا ۽ نوشين ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، ٻنهي نارين جو قاتل هڪ ئي نڪتو، همت مغيري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڊي اين اي رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ڊاڪٽر نمرتا مهرچنداڻي ۽ نوشين جي جسم ۽ ڪپڙن مان مليل جزا هڪ ئي مرد جا آهن، وير لنڊ لکيو ته مجرم اڄ به گرفتار ٿي سگهي ٿو، شرط انهي سان ته جي ڪوئي مجرم کي گرفتار ڪرڻ چاهي توهان کي هاسٽل ۾ رهندڙ ڇوڪريون ئي ٻڌائينديون ته مجرم ڪير آهي، بس انهي جو ڊي اين اي ئي ميچ ڪرڻو آهي. راجپوت درشن لکيو ته انهن جوابدارن کي سوگهو ڪرڻو پوندو، راهول دولتاڻي لکيو ته سڄاڻ ڌرين کي ان مامري تي اڳتي اچڻ گهرجي، صدام رانجهاڻي لکيو ته تعليمي ادارن ۾ سنڌي نياڻين جي ريپ قتل ۽ بليڪ ميلنگ جو سبب اتان جي سياست ۾ بيلنس نه هجڻ آهي، ڇوته شاگرد سياست نه هجڻ سبب استادن ۽ آفيسرن جي سياست جي هڪ طرفي حڪمراني آهي ۽ ادارا صفا برباد ٿي چڪا آهن.

فقير سليم لکيو ته نا اهل اسان جو مالهي آ، معصوم گلن جو ڇا ٿيندو… گڻيش شرما لکيو ته هي هڪ تمام اهم ڪڙي آھي، هاڻي ڏسجي اهو ته اسان وٽ انصاف جي تقاضا ڇا آھي؟!! قاضي رابيل لکيو ته چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي ٻن شاگردياڻين نمرتا ۽ نوشين بخاري سان ھڪ ئي شخص پاران زيادتي جي انڪشاف وڏا سوال اٿاري ڇڏيا آھن، ملوث جوابدارن کي وائکو ڪيو وڃي. نور احمد ڪاتيار لکيو ته هي سڀ ڀيانڪ واقعا پدرشاهي جو بگڙيل روپ آهن، ان ظلم جي رستا روڪ نه ٿي ته سڀاڻي ڪنهن جي به ڪائي نياڻي وحشين جي سازشن جو شڪار ٿي زندگي وڃائي ويهندي. امر سنڌو لکيو ته ڊاڪٽر نوشين جي جسم مان ورتل جزن جي ڊي اين اي رپورٽ ڊاڪٽر نمرتا جي جسم مان مليل  مرد جي جزن سان ميچ ڪندڙ آھي. اھو انڪشاف  نه رگو ڇرڪائيندڙ آھي پر حقيقت ۾ اھو اسان جي ادارن جي انتظاميه سان گڏ پوليس جي نااھلي، کوکلائپ ۽ دورانديشي جي کوٽ کي پڻ وائکو ڪيو آھي.

جڏھن پوليس ۽ عدالت پاران نمرتا ڪيس جي تفتيش مڪمل ٿي ته ان کي سيڪريٽ ڇو رکيو ويو…؟ ان کي پبلڪ نه ڪري ھڪ ٻي قتل جو جو موقعو ڇو فراھم ڪيو ويو؟ ھاڻي ادارتي انتظاميه سان گڏ انصاف جي فراهمي لاءِ پابند بنائڻ لاءِ پڻ سياسي ۽ سماجي دٻاءُ وجھڻ کپي، جيستائين انصاف فراھم ڪرڻ بدران جوابدارن جي پرداپوشي ڪئي ويندي تيستائين ادارن اندر ھراسمينٽ جاري رھندي، حسين مسرت لکيو ته سڀني ادارن جي ڪارڪردگي تي سواليه نشان آهي، ڪامريڊ سرتاج چانڊيو لکيو ته ان جوابدار کي سزا ڏيارڻ اسان سڀني جو فرض آهي، فرحان تنيو لکيو ته سنڌ ۾ درسگاهن اندر نياڻين کي هيسائيندڙن کي سرعام عبرتناڪ سزا ڏئي مثال قائم ڪيو وڃي. حسين منصور لکيو ته فوري طور چانڊڪا جي سڀني مرد ملازمن جي ڊي اين اي جا سيمپل ورتا وڃن. پوري انتظاميا کي جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي.