حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ کپرو واسڻ زينب ڀيو سان زيادتي واري ڪيس ۾ سزا مليل 5 جوابدارن جي اپيل تي عارضي طور سزا وارو فيصلو معطل ڪندي ٻيهر ٽرائل هلائڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي، کپرو واسي اٺين ڪلاس جي شاگردياڻي زينب ڀيو سان اجتماعي زيادتي ڪري سندس وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرڻ واقعي جو ڪيس کپرو پوليس 4 آڪٽوبر 2010ع تي سندس چاچي ڊاڪٽر محمد امين جي فرياد تي داخل ڪيو، فريادي ڄاڻايو ته سندس ڀائٽي زينب ڀيو ڌيءِ لعل محمد کي سندس سهيلي فراصت ڌيءِ خالد پنهنجي گهر وٺي وئي جتي سندس ٻن ڀينرن زينب کي نشو مليل مٺائي کارائي ۽ بيهوش ٿيڻ کان پوءِ زينب سان اجتماعي زيادتي ڪري سندس وڊيو به ٺاهي وئي، ڪيس جو ٽرائل مڪمل ٿيڻ بعد ايڊيشنل سيشن جج کپرو عنايت الله ڀٽو جي عدالت 24 سيپٽمبر 2019ع تي ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي ڏوهه ثابت ٿيڻ جوابدار جهانزيب، دانش ۽ وسيم قائمخاني کي ڦاهي ۽ جوابدار سهيل قائمخاني کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي، جڏهن ته عدالت ڪيس ۾ مسمات ناياب، مسمات تحرين ۽ مسمات فراصت کي بري ڪيو هو، جوابدارن وڪيلن معرفت سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ۾ سزا خلاف نظر ثاني جي اپيل داخل ڪرائي، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس راشده اسد تي مشتمل بئنچ اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي. وڪيل پوليس پاران جاچ دوران ڪيل لاپرواهي جي نشاندهي ڪرڻ سان گڏ هيٺين عدالت جي فيصلي جي مختلف رخن سان مخالفت ڪئي، عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو سمورن جوابدارن کي آيل سزا وارو فيصلو عارضي طور معطل ڪندي ٻيهر ٽرائل هلائڻ جو حڪم ڏنو، عدالت تحريري فيصلي ۾ ڄاڻايو آهي ته جوابدار هاڻي عام قيدين جيئان جيل ۾ رهندا، گڏوگڏ هو ضمانت درخواست به ڏئي سگهن ٿا، واضح رهي ته ڄاڻايل ٻڌڻي 23 سيپٽمبر تي ٿي هئي پر ڪيس جو فيصلو عدالتي چيمبر مان گذريل ڏينهن جاري ڪيو ويو آهي.