روسي فوج يوڪرين جي شهر ڪريمنا تي قبضو ڪري ورتو

0
328
روسي فوج يوڪرين

روسي فوج يوڪرين جي شهر ڪرمينا تي قبضو ڪري ورتو، پرڏيهي خابرو اداري موجب يوڪريني فوج شهر مان ٻاهر نڪري وئي آهي

ڪريمنا جي گورنر شهر تي روسي قبضي جي تصديق ڪئي آهي، پرڏيهي خابرو اداري موجب روسي حملي کان اڳ يوڪريني شهر ڪريمنا جي آبادي 18 هزار هئي، جڏهن ته اوڀر يوڪرين ۾ تازن حملن کانپوءِ ڪريمنا روس جي قبضي ۾ آيل پهريون شهر آهي

گورنر ڪريمنا موجب روسي حملي ۾ 200 شهرين جي مارجڻ جا اطلاع آهن، جڏهن ته ڪيتريون ئي عمارتون تباهه ٿي ويون آهن

واضح رهي ته روسي فوج هلندڙ سال 24 فيبروري تي يوڪرين تي حملو ڪيو هو، ٻنهي ملڪن وچ ۾ ويڙهه دوران وڏو جاني ۽ مالي نقصان پڻ ٿيو آهي