رهيل ڪچهريون ۽ خالي دل

0
531
رهيل ڪچهريون ۽ خالي دل

زندگيءَ جي حسناڪيءَ کي فقط ڄمڻ ۽ مَرڻ جي وقتي گهاڙيٽي تائين محدود نٿو رکي سگهجي. زندگي ته ڄَمڻ ۽ مَرڻ جي محدود وقت کان بلند ۽ مٿاهين روشني آهي، جيڪا موت کي به مات ڏئي مختلف روپن ۾، آوازن ۾، ڌُنن ۾، رقص ۾، رنگن ۾، دِلين جي ڌڙڪنن ۾، يادن ۾، مَيلن ۽ اڪيلاين ۾، ڪچهرين ۽ خاموشين ۾، تصورن ۽ شاعري ۾، ڏکن ۾ سکن ۾، خاموشين ۽ پڙلائن ۾ ۽ گلن جي خوشبوئن ۾ هميشه جيئي ٿي.

 ڊاڪٽر نظير شيخ 61 ورهين جي عُمر جو هر حصو انهن ئي زندگيءَ جي روشنين جو نمايان نمونو آهي. هڪڙا ماڻهو وقت کي جيئندا آهن ۽ ڪجهه ماڻهو زندگي جيئندا آهن. ڊاڪٽر نظير مختصر وقت ۾ زندگيءَ جي اٿاهه گهرائي ۽ اوچائي جا ماڻڪ ماڻيا.

محبت مين هم تو جيئي هين جيئين گي

وه هونگي ڪوئي اور مرجاني والي

(جگر مراد آبادي )

ڪردار جو ئي ڪمال آهي، جو انسان کي وقت جي طويل سفر ۾ زندهه رکي ٿو. اهڙو ڪردار جيڪو ادا ٿيڻ کان پوءِ ان دور جي هم عصرن،  سماجي حالتن ۽ ان کان پوءِ به، هڪ مثالي اثر ڇڏي. ڊاڪٽر نظير به ايئن ئي ڪنهن نه ڪنهن روپ ۽ مختلف ڪردارن ۾ نظر ايندو رهندو. ڪنهن دلير ۽ بيباڪ ڪميٽيڊ ۽ قرباني ڏيندڙ ڪارڪن جي روپ ۾، ڪنهن دَردِ دل  رکندڙ سُريليءَ آواز ۾، ڪنهن آزاد انسان جي رقص ۾، ته ڪنهن محفل جي مَورَ ۾ هو هميشه چمڪندو رهندو.

ڊاڪٽر نظير ذهني، خيالي، نظرياتي ۽ عملي طور اسانجي سوسائٽي کان تمام ايڊوانس شخص هو. زندگيءَ جي باري ۾ بنيادي ڳالهيون ۽ مسئلا هن شروع ۾ ئي، تمام جلد، پنهنجي ذهانت سان سمجهي ورتا. هو ريتن ۽ رسمن کي پابنديءَ سان استعمال ڪندي جديد ۽ ترقي پسند سماجي ۽ سياسي ڳانڍاپا پيدا ڪرڻ جو ماهر هو ۽ انهن ڳانڍاپن کي پنهنجي نه، بلڪه اجتماعي مفاد لاءِ ڪارآمد بنائڻ وارو هڪ آرٽسٽ هو. هُن ۾ اها جرئت هئي ته هو نظرياتي ۽ علمي پختگيءَ کي روا رکي بيخوف ٿي پنهنجي شرطن تي زندگي گذاري، ۽ هو گذاريندو هو. ان معنيٰ ۾ هو هڪ مڪمل آزاد شخص هو. کليو ذهن ۽ هاڪاري سوچ هن جي شخصيت جون خاص طاقتون هيون.

هو دلير شخص هو، جنهن پنهنجي ذاتي ۽ خاندان جي خسيس ۽ مٿاڇري ترقي ترڪ ڪندي، سادگيءَ کي اوليت ڏيندي، زمين تي هلڻ کي عَار نه سمجهندي ۽ ڪنهن به قسم جي محروميءَ  اڳيان بيوس نھ بڻجي، ڏکين حالتن ۾ مايوسين کي لتاڙي بيباڪيءَ سان، اعتماد سان ۽ شَانَ سان پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهيو. هو ماڻهوءَ لاءِ طاقت يا خوشحالي جا وسيلا ۽ سامان مهيا ڪرڻ بجاءِ ماڻهوءَ کي طاقتور ۽ خوشحال بنائڻ جو ماحول ۽ صلاحيت پيدا ڪرڻ ۾ ايمان رکندو هو.

ڊاڪٽر نظير شيخ ويساهه، وفا ۽ واعدي جو پڪو ماڻهو هو. هو ويساهه رکندڙ ۽ ويساهه ڏياريندڙ، پنهنجي ساٿين لاءِ ڏَڍُ ۽ ڏکين حالتن ۾ هميشه گڏ رهي ساٿ نڀائيندڙ هو. هو قومي انقلابي جدوجهد جو عاشق، انقلابي ۽ جديد خيالن جو عاشق، شاعري، گيت ۽ موسيقي جو عاشق، سنگت جو عاشق، سياسي ايڊونچرن جو عاشق ۽ هڪ اتساهيندڙ اڳواڻ هو. هو جدوجهد جي ميدانن تي وڏا رسڪ کڻندڙ سياسي سپاهي هو . پوءِ  اها ضياءَ جي مارشلا ۾ جمهوريت جي بحاليءَ جي جدوجهد هجي يا مشرف جي آمريت ۾ سنڌ لاءِ پاڻيءَ جي حق جي جدوجهد هجي. ڊاڪٽر نظير ڏينهن ۽ رات پنهنجي وطن ۽ ماڻهن لاءِ پنهنجي گهر ۽ گهروارن جي سهولتن کي پاسي رکي سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ جاڳرتا ۽ عملي مهم هلائي. هو جلسن، جلوسن، مظاهرن ۽ لانگ مارچن ۾ نمايان ۽ قائداڻو ڪردار پيش ڪندو هو. قومي ۽ انقلابي گيت ڳائي، پرجوش تقريرن ذريعي ۽ دوستاڻو رَوَيو رکندي ڊاڪٽر نظير سدائين دلين تي راڄ ڪندو رهيو.

“هڪ دفعي عوامي تحريڪ جي قائد رسول بخش پليجي سنگت کي چيو ته ڊاڪٽر نظير هڪ ماڻهو هوندي تمام گهڻن ماڻهن وارا ڪم ڪري ٿو، هو منهنجي سفر جو بهترين ساٿي به آهي ته منهنجي گاڏيءَ جو بهترين ۽ ڀروسي وارو ڊائيور به، جلسي ۾ پهچون ٿا ته انائونسمينٽ به ڪندو ته گيت به ڳائيندو، نعرا به هڻندو ۽ عاليشان تقرير به ڪندو. آخر ۾ اسانجي ميزبان ساٿين کي جلسي جا خرچ به مختلف دوستن کان فنڊ وٺي ڏيندو. نه صرف ايترو پر، رات جو دير تائين محفلن جو اهتمام ڪرڻ ۽ انهن محفلن کي جشن ۾ تبديل ڪرڻ واريون سڀ صلاحيتون به هن۾ موجود آهن.”

ڊاڪٽر نظير طنز ۽ مزاح وارو  مزاج رکندڙ خوشيون ورهائيندڙ دوست ۽ ساٿي هو. مذاڪرن ۽ مذاڪرات جو ماهر، دليلن جي طاقتور اظهار سان پنهنجي مخالف کي قائل ڪري پنهنجو دوست ٺاهيندڙ ڊاڪٽر نظير عوامي تحريڪ جو برجستو ڏاهو ۽ اڳواڻ رهيو.

ڊاڪٽر نظير هڪ اهڙي مٽيءَ مان ڳوهيل ۽ ٺهيل انسان هو، جنهن ۾ سندس خاندان، دوستين، علمي ڪلچر، تنظيمي صحبت، انقلابي خيال ۽ ايڊوينچرن جا انڊلٺي رنگ شامل هئا. هن جي زندگيءَ جو رومانس بنيادي طور جديد سياسي تحرڪ هو. اهڙن بي لوث ماڻهن جي زندگي حَسين ۽ مشڪل واقعن سان ڀرپور گذري ٿي، پر اهڙا ڪردار سماج ۽ ان ۾ موجود سياسي پارٽين لاءِ ڪافي سوال ڇڏي وڃن ٿا. جيڪي سوال شايد ڪير سوچي ئي نه، جيڪڏهن اهڙا ڪردار جنم نه وٺن.

ڊاڪٽر نظير شيخ جي اڄ پهرين ورسي آهي منهنجي اها خوشنصيبي آهي جو ڊاڪٽر نظير منهنجي زندگيءَ، ڏکن ۽ خوشين جو ساٿي ۽ دل جو دوست هو. اڃا هن سان ڪچهريون رهيل هيون. هن جي موڪلائڻ سان دل جو هڪ حصو هميشه خالي رهندو.