تاريخ سائنس آھي!

0
314
ماسيءَ جي نانءُ!

 تاريخ جو پيٽ مِٺاڻ ۽ ڪَڙاڻ، کاراڻ ۽ چرڪاڻ سان ڀريو پيو آھي. تاريخ ماضيءَ جو هڪ خوبصورت باغ آھي جنھن ۾ گلاب جون مُکڙيون ٽڙيل آھن ته تاريخ هڪ مقتل گاھه به آھي جتي ڳڀروئن جي رت جي دوشي بوءَ به آھي. تاريخ سنڌو جي ڇوليءَ جھڙي رقاصه مست الست به آھي ته تاريخ ساڌ ٻيلي ۽ سکر جي ڀوڳنا به آھي. تاريخ تنبوري جي تند ۽ رباب جيان وڄندي به آھي ته تاريخ پارڪر جي مندرن ۾ ٽنگيل گهنڊن جيان ڊگهي سانت به آھي. تاريخ کارو ڇاڻ جي ٻيٽ ۾ جيئڻ جا جتن ڪندڙ مهاڻن جي سفر جھڙي اذيتناڪ به آھي ته تاريخ موهن جي دڙي جھڙي مھان به آھي. تاريخ سياري جي سرد شام به آھي ته اونھاري جو تتل ڪاڙھو به. تاريخ پنھنجي هنج ۾ مختلف دورن ۽  واقعن کي ٻچن جيان سانڍيندي آھي. تاريخ ايتري ئي پراڻي آھي جيترو ڪائنات جو جنم ۽ انساني ارتقا جو سفر.

  عالمي تاريخ، علائقائي تاريخ، ملڪي تاريخ، تھذيبن جي تاريخ، يونان، روم، عراق ۽ سنڌو جي تاريخ، عيسائين، يهودين، مسلمانن ۽ هندوئن جي تاريخ، ظالم ۽ مظلوم جي تاريخ، قومن جي ويڙھه، فتح ۽ جيت جي تاريخ، سائنس، سماج، ادب ۽ فلسفي جي تاريخ، ديو ديوتائن، بادشاهن ۽ ڏاهن جي تاريخ اهڙا جملا روزمره اسان جي ڪنن سان ٽڪرائجن ٿا پر اسين تمام گهٽ سوچيندا آھيو ته تاريخ خود ڇا آھي؟ تاريخ جي تاريخ ٻُڌائي ٿي ته هن جي ڇڪتاڻ ۽ بحث مباحثن واري سموري سفر ۾ اهو طئه ناهي ٿي سگهيو ته آيا تاريخ فلسفو آھي، سائنس آھي، ادب آھي، آرٽ آهي يا اڃا ڪجھه ٻيو؟ تاريخ بابت فلسفو ۽ سائنس پاڻ ۾ وڙھندا رهيا آھن ۽ ساهيون پٽندا رهيا آھن ۽ ان وچ ۾ تاريخ اڳتي وڌندي رهي آھي.

جيڪڏھن اسين اهو سمجهون ته تاريخ دنيا ۾ پيش ايندڙ واقعن ۽ حادثن جو هڪ رڪارڊ آھي ۽ انھي سلسليءَ ۾ وري تاريخ ۾ اهم تاريخ ساز شخصيتن جي دورن ۾ ٿيندڙ واقعا، حادثا ۽ اهم ڳالھيون قلمبند ڪيل آھن ۽ هڪ لحاظ کان مختلف دورن جون تاريخون انھن دورن جي اهم شخصيتن جون آتم ڪھاڻيون ٿيون لڳن ته ڇا سڪندر، سيزر، چنگيز، هلاڪو يا نادر جي زندگين جا احوال، سندن بھادريءَ جا داستان، سندن ڪاميابين جو ذڪر، سندن ڪارنامن جي بيان کي سائنس چئي سگهجي ٿو؟ يا سندن ڪارنامن جي سماج تي اثر کي سائنس چئي سگهجي ٿو؟سائنس ۾ ته جيڪو هڪ قانون يا اصول مرتب ڪيو وڃي ٿو انهيءَ کي تبديل ڪرڻ ضروري آھي ته ٺوس پختن ثبوتن ۽ علمي مظاهرن ذريعي انھيءَ جي متبادل اصول جي حقيقت کي ثابت ڪيو وڃي، جڏھن ته سڪندر، سيزر، چنگيز ۽ هلاڪوءَ جي ڪارنامن کي هر مورخ پنھنجي پنھنجي سمجهھ ۽ ڏات مطابق لکندو. هڪ شخص کي ڪو بھادر چوندو ته ٻيو بزدل، ڪو سندس ڪمن ۽ ڪارنامن جو ذڪر احترام سان ڪندو ته ٻيو وري نفرت سان، هڪ شخص جو ڪارنامو هڪ  مورخ کي سڄي سماج جي ڀلائي جو لڳندو ۽ ٻيو وري انھيءَ ساڳئي ڪارستاني تي تنقيد ڪندو. انھي ڳالھه مان سمجهڻ  گهرجي ته تاريخ جا اهڙا ڪتاب جن ۾ چند تاريخ ساز شخصيتن جي زندگيءَ جا احوال ڏنل آھن سندن ڪامرانين ۽ ڪارنامن جو ذڪر ڪيل آھي، تن کي تاريخ ئي نٿو چئي سگهجي ته سائنس ته پري جي ڳالھه آھي.

تاريخ سياسيات، معاشيات ۽ جاگرافيءَ سان لاڳاپيل هڪ اهڙو علم آھي جيڪو رڳو داستان، واقعا ۽ حادثا لکڻ جو نالو ناهي پر تاريخ، پرکڻ، سمجهڻ، تنقيد ڪرڻ، پيش آيل واقعن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ، ماحول، عوامي نفسيات ۽ فلسفي تي غور و فڪر ڪرڻ جو علم به آھي. تاريخ يوناني ٻوليءَ جي لفظ هسٽوريا مان ورتل آھي جنھن جي معنيٰ آھي ڳولا، تحقيق، حق يا سچ تلاش ڪرڻ. هر انهيَ شخص کي مورخ نٿو چئي سگهجي جيڪو تاريخ جي ڪنھن هڪ عنوان تي قلم کڻي ۽ هر ان لکڻيءَ کي تاريخ نٿو چئي سگهجي جيڪا تاريخ جي ڪنھن عنوان متعلق هجي، ڇاڪاڻ جو تاريخ ۽ رپورٽنگ ۽ مورخ ۽ رپورٽر ۾ فرق آهي. واقع نگاري سان گڏ سوانح نگاري پڻ تاريخ ناهي. سوانح نگار اسان کي انهيءَ تفصيل کان آگاهه ڪندو ته لينن ڪيتري بھادري سان روس ۾ انقلاب آندو ان ۾ چاهه استقامت ڪيتري هئي پر مورخ اهو ٻڌائيندو ته لينن انقلاب ڇو آندو اهي ڪھڙا عنصر هئا جن لينن کي انقلاب آڻڻ لاءِ مجبور ڪيو. اهي ڪھڙا سبب هئا جن ڪري انقلاب وڌيڪ جٽاءُ نه ڪري سگهيو. مطلب ته تاريخ رڳو واقعن، حادثن جو داستان ناهي پر تاريخ انھن جي سببن ۽ نتيجن جو علم پڻ آھي.

اڳي ته تاريخ ڄڻ رڪارڊ ئي مذھب جو هئي. مذھبي ڏند ڪٿائون تاريخ جو حصو هيون ۽اڄ به آھن. اڳي جي ڪنھن ملڪ ۾ عوام ۽ حاڪم ٽولن ۾ جنگ لڳي ۽ حاڪم ٽولو تباهه ٿي ويو ته انھي کي ايئن بيان ڪيو ويندو هو ته حاڪمن خدا کي ناراض ڪيو هو تنھن ڪري مٿن خدا جو قھر نازل ٿيو ۽ هو تباهه ٿي ويا پر جي حاڪم ڪامياب ٿيا ۽ عوام کي شڪست آئي ته حاڪمن کي خدا جو نائب قرار ڏنو ويندو هو ۽ چيو ويندو هو ته عوام خدا جي نائبن کي رنجايو تنھن ڪري کين شڪست کائڻي پيئي. تاريخ جا قديم ترين ڪتاب مصرين، بابلين، اشورين ۽ عبرانين جا لکيل آھن انھن دورن جي تاريخي ڪتابن جو انداز نصيحت وارو آھي جڏھن ته يونان جي مورخن جيڪي ڪجھه لکيو آھي سو انھن کان گهڻو مختلف آھي.

چون ٿا يونانين کان اڳ جي لکيل تاريخ ڪو برجستي ڪانه هئي انھن جيئن ٻڌو ٿي تيئن لکي ٿي ڇڏيائون پر يونان ۾ پھريائين هيڪيٽ پوءِ هيرو ڊوٽس، ٿيوسي ڊائڊز ۽ پولي بيٽس سچائي ۽ حقيقتن جي جاچ کان پوءِ لکيو.مارڪس جي فلسفي موجب تاريخ هڪ لاڳيتو، مسلسل ۽ جاري رهندڙ عمل آھي، جيڪو معاشي عمل جي نتيجي ۾ جاري رهي ٿو. پيدائشي ذريعن  وسيلي سموري سماج جي تعمير ۽ جوڙجڪ جو ڪم جاري رهي ٿو ۽ انھن ذريعن ۾ ڪنھن به قسم جي مداخلت يا تبديليءَ سان پوري سماجي ڍانچي ۾ انقلاب اچيو وڃي ۽ تاريخ جو وهڪرو ٻي طرف مڙيو وڃي پر ڪٿي به اهو عمل بند نٿو ٿئي باقي انهي سفر کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم عنصر معاشي جوڙجڪ آھي.

 علم التاريخ بي شڪ ان لحاظ کان سائنس نه آهي، جيئن علم طبعي ۽ علم ڪيميا سائنسي علم آهن.

علم التاريخ جون حقيقتون آسمان تي تارن وانگر نه آهن. جن جي روزاني ۽ سالياني گردش مقرر ۽ متعين وقت تي ٿئي ۽ نظام شمسي ( The Solar system) يا اجرام فلڪي (Heavenly bodies) وانگر انهن جو مشاهدو ڪيو وڃي. نه ئي علم التاريخ علم طبعي ۽ علم ڪيميا وانگر آهي، جو ان جي حقيقتن بابت تجربا ڪيا وڃن.

علم التاريخ هڪ اهڙي سائنس آهي، جنهن کي ڳولا ۽ تحقيق، تنقيد ۽ تبصري واري سائنس چئي سگهجي ٿو. ان جي تنقيد ۽ تبصري لاءِ هيٺيان شرط ضروري آهن:

(1) ضروري ۽ اهم واقعن ۽ تاريخي ڳالهين لاءِ محنت ۽ دانائيءَ سان تجسس ۽ ڳولا ڪرڻ.

(2) خبرداريءَ سان هٿ ڪيل ڳالهين ۽ واقعن کي جاچي ۽ پرکي ڏسڻ ته ڇا اهي ڳالهيون ممڪن آهن.جي ممڪن آهن ته پوءِ اهو معلوم ڪرڻ ته سچيون آهن يا ڪوڙيون.

(3) آخر ۾ انهن ڳالهين جو مطلب سمجهڻ ۽ ان مطلب مان ڪارائتا نتيجا اخذ ڪرڻ.

تاريخ حق، سچ ۽ صداقت جي ڳولا سائنسي نقطه نگاھ (Scientific method of investigation) سان ڪرڻ جو نالو آھي ان ڪري هڪ مورخ ۽ محقق جي دل ۽ دماغ عصبيت، تعصب ۽ فرضي مغالطن کان آجو هجڻ گهرجي.

تاريخ علم آھي يا هنر جو جواب اهو آھي ته تاريخ علم به آھي ته هنر به جيڪڏھن تاريخ حقيقي ۽ سچن واقعن جي کوجنا جو نالو آھي ته تاريخ علم آھي ۽ جيڪڏھن تاريخ واقعن ۽ ڳالھين جي بيان ۽ تذڪري جو نالو آھي ته تاريخ هڪ فن آھي ۽ هجڻ گهرجي پر تاريخ علم پھرين آھي ۽ هنر پوءِ آھي ڇاڪاڻ جو فن بيان جو نالو آھي، انداز جو نالو آھي پر اهو انداز ۽ بيان يا چٽسالي تڏھن ڪبي جڏھن ڪنھن شيءَ جو وجود هوندو ڀت بنا چٽ نه ڪڍي سگهبو خيال بنا لکي نه سگهبو.

تاريخ علم آھي ۽ تاريخ نويسيءَ آرٽ آھي.علم تاريخ هڪ سائنس آھي ڇاڪاڻ جو هي واقعن ۽ گذريل وقت جو سائنسي نقطه نگاهه سان پيش ڪيل حقيقت تي مبني رڪارڊ هوندو آھي جيڪو وڏي تحقيق سان لکيو ويندو آھي ۽ رونما ٿيندڙ واقعن جي سببن ۽ نتيجن تي روشني وڌي ويندي آھي ۽ اهي سبب ۽ نتيجا ئي هوندا آھن جيڪي سکيا جو سبب بڻجندا آھن.