روس ۾ رو ٽيوب جي شهرت

0
106
فضائي آلودگي جا ويم تي اثر

 روسين جو گھرو سوشل ميڊيا ڏانهن لاڙو وڌي ويو آھي.روس ۾ فيسبوڪ  ۽ انسٽاگرام وغيره تي پابندي مڙھجڻ کان پوءِ ڪيئي گھرو ايپ متبادل طور تي سامھون آيل آهن. گذريل ڪجھه هفتن ۾ انهن ايپس جو استعمال تيزي سان وڌيو آهي. روس جي طرفان يوڪرين تي حملي کان پوءِ جڏهن يو ٽيوب روسي يو ٽيوبرز جي لاءِ پنهنجي وڊيو سان ناڻي ڪمائڻ واري سهولت کي بند ڪري ڇڏيو آهي ته 60 هزار فالوئرز واري يوٽيوبرس جارج ڪاوانوسيان پنهنجو ڌيان مقامي ويبسائٽ رو ٽيوب ڏانهن موڙيو آهي. پر جيئن جيئن حڪومت جي سختي وڌي رهي آهي تيئن تيئن سندس پريشاني ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي. روٽيوب سرڪاري انرجي ڪمپني گازپروم جي ميڊيا ڊويزن ويبسائٽ آهي.

                 35 سالن جو ڪاوانوسيان ٻڌائي ٿو ته،“منهنجي پهرين وڊيو جي ٻن ٽن ڏينهن تائين نگراني ڪئي وئي ۽ ان جي پوسٽ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ ۾ ايترو وقت ورتو ويو جو ان جي اهميت ئي ختم ٿي وئي.“

 روٽيوب 2006ع ۾ قائم ڪئي وئي هئي. اها انهن ڪيترين ئي روسي سوشل ميڊيا پليٽ فارمن مان هڪ آهي جن ڏانھن يوڪرين جنگ ٿيڻ بعد ماڻھن جو لاڙو وڌيو آهي. يوڪرين تي پنهنجي “خاص فوجي مهم” جي شروعات کان پوءِ روسي سرڪار انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا تي سختي وڌائي ڇڏي آهي. روس جو الزام آهي ته روس جي “خاص فوجي مهم” جي باري ۾ غلط معلومات ڦھلائڻ لاءِ اولهه وارا ملڪ سوشل ميڊيا پليٽ فارمن کي استعمال ڪري رهيا آهن. روس ٽوئٽر، فيسبوڪ ۽ انسٽاگرام تي اڳ ۾ ئي پابندي مڙھي ڇڏي آهي. يوٽيوب تي به پابندي جا خدشا موجود آهن. ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ انفارميشن ريگوليشن جو دٻاءُ وڌي رهيو آهي. هونئن پرڏيهي سوشل ميڊيا تي ڀاڙڻ کي گھٽائڻ لاءِ ڪا مرڪزي پاليسي نه آهي پر تازو ئي سرڪار مڪاني آءِ ٽي ڪمپنين کي ڪيترين ئي قسمن جون سهولتون ڏيڻ وارا اعلان ڪيا آهن. انهن سهولتن ۾ ٽيڪسن ۾ فائدي سميت قرض جي سهولت کان ويندي ڪمپنين جي اهلڪارن لاءِ فوجي خدمتن جي التوا جهڙا اعلان شامل آهن. سياستدان به ماڻھن کي گھر ويٺي سوشل ميڊيا جي استعمال ڪرڻ جون اپيلون ڪري رهيا آهن.پابندين ۽ رعايتن سبب روس جا اهي گھرو سوشل ميڊيا پليٽ فارم ماڻھن جي لاڙي وڌڻ سبب انهن جي ويبسائيٽ وارا خوش آهن. پر نقادن جو چوڻ آهي ته انهن پليٽ فارمن تي سرڪاري دٻاءُ ۾ اچڻ ۽ سرڪار جي چوڻ تي مواد جي هٽائڻ جا امڪان گھڻا آهن .

واشنگٽن ۾ واقع هڪ ٿنڪ ٽينڪ سينٽر فار پاليسي اينالاسس جي سربراهه ايلينا پولياڪووا جو چوڻ آهي ته،“اصل ۾ اهو سڀ ماڻھن کي ملندڙ معلومات تي وڌ کان وڌ ضابطي جو طريقو آهي.“ ڊيٽا اينالسٽسڪس ڪمپني سينسر ٽاور مطابق يوڪرين جنگ جي دوران چاليهن ڏينهن ۾ رو ٽيوب اٽڪل 14 لک ڀيرا ڊائون لوڊ ڪيو ويو آهي جيڪو گذريل 40 ڏينهن کان 2000 في سيڪڙو وڌيڪ آهي. انهي ريت فيسبوڪ جهڙي هڪ ويبسائٽ ويڪناڪٽي آهي جنهن جو بازار تي پهرين ئي ڌاڪو آهي. مارچ واري مهيني ۾ فيسبوڪ جهڙي هڪ ويبسائيٽ جي گراهڪن جي سرگرمين ۾14 سيڪڙو جو واڌارو ڏسڻ ۾ آيو.

هڪ ٻي ڪمپني برينڊ انيلٽڪس جو چوڻ آهي ته ٽيليگريم ۾ 23 سيڪڙو جو اضافو ريڪارڊ ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ميسيجنگ ايپ اوڪي 6 سيڪڙو وڌي آهي. انسٽاگرام جو متبادل فئيسٽا ايپ مارچ جي آخر ۾ روسي ايپ سٽور تي نمبر ون بڻجي ويو هو. جڏهن ته انسٽاگرام سان ملندڙ جلندڙ ايپ روسگرام به بازار ۾ پير رکيو آهي. انسٽاگرام جو هڪ بليڪ اينڊ وائيٽ نقل گرسٽنوگرام جنهن جو ترجمو سيڊ گرام ٿيندو، گذريل ڪجهه هفتن ۾ ئي بازار ۾ آيو آهي جتي ماڻھو اداس تصويرون شيئر ڪري سگھن ٿا. گھرو انٽرنيٽ متبادل تيار ڪرڻ وارو روس پهريون ملڪ نه آهي، چين ۽ ڀارت به انهيءَ قسم جون ڪوششون ڪندا رهيا آهن جن مان ڪيتريون ئي ڪامياب به رهيون آهن. انهن ملڪن ۾ به اهڙا متبادل سوشل ميڊيا ايپ تيار ڪيا ويا آهن جن تي حڪومتن جو ڪنٽرول آهي. چين ۾ گوگل ۽ فيسبوڪ تي پابنديءَ کان پوءِ وي چيٽ ملڪ جو سڀ کان وڏو ڊجيٽل پليٽ فارم بڻجي ويو آهي چين ۾ مبينه طور گريٽ فائروال جي ذريعي اوڀر جي ويبسائيٽن تي سخت پابندي آهي تنهن ڪري مڪاني سرچ انجڻ بايڊُو ۽ ٽوئيٽر جهڙي ويبسائيٽ بائبو تمام گھڻي استعمال ۾ آهن. جيتوڻيڪ نقادن انهن تي سينسر شپ جي سطح تمام گھڻي سخت هئڻ وارا الزام مڙهين ٿا.

ڀارت ۾ به گذريل سال ٽوئيٽر سان سرڪار جي اڻبڻت کان پوءِ ھڪ مڪاني ويبسائيٽ ڪُو سامھون آئي آھي جنھن کي سرڪاري کاتن ۽ وزيرن طرفان خوب ھٿي ڏياري پئي وڃي. ان ريت چين جي وڊيو شيئرنگ ايپ ٽڪ ٽاڪ تي پابندي مڙھڻ کان پوءِ ڀارت ۾ جوش ۽ موج جھڙيون ڪيئي ايپ سامھون اچي چڪيون آھن ۽ آھستي آھستي پير پکيڙي رھيون آھن. جوش جا ڏيڍ ڪروڙ کان وڌيڪ يوزر بڻجي چڪا آھن.