ڪراچي ۾ ڌماڪي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو: ڪيترائي زخمي

0
238
ڪراچي ۾ ڌماڪي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو
ڪراچي ۾ ڌماڪي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو: ڪيترائي زخمي

ڪراچي جي علائقي صدر ۾ دائود پوٽا روڊ تي ڌماڪو ٿيڻ جا اطلاع آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترين ئي گاڏين کي نقصان پهتو آهي

اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته ڌماڪو ڪوسٽ گارڊ جي گاڏي ڀرسان ٿيو، پر ان جي تصديق نه ٿي آهي

ڊي آءِ جي ڏکڻ موجب ڌماڪي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ 13 زخمي ٿي پيا. زخمين کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

 قانون لاڳو ڪندڙ ادارا واقعي واري هنڌ پهچي ويا آهن ۽ ڌماڪي جي نوعيت جي جاچ ڪري رهيا آهن


ڪراچي جي مصروف ترين ڪاروباري ضلعي صدر ۾ ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا

پوليس موجب ڌماڪو مرشد بازار جي ڀرسان هڪ بيڪري ۽ هوٽل ٻاهران ٿيو جتي هن وقت رات جي وقت تمام گهڻي سرگرمي ٿيندي آهي

پوليس موجب ڌماڪو ڪچري جي ڍير ۾ ٿيو، جنهن ۾ باهه لڳي وئي ۽ ڀرسان بيٺل ڪيتريون ئي گاڏيون تباهه ٿي ويون

ڌماڪي ڀرسان هوٽلن ۽ رهائشي عمارتن جا شيشا ٽٽي ويا. ايڌي فائونڊيشن جي ترجمان چيو ته ڪيترن ئي زخمين کي انهن جي گاڏين ۽ عملي واقعي واري هنڌ تان کڻائي جناح اسپتال پهچايو

اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو. پوليس موجب واقعي واري هنڌ بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي به طلب ڪيو ويو آهي