رت جي راند آخر ڪيستائين؟

0
246
“مسئلا گھر بڻيل” سول اسپتال ڪراچي ۽ سرڪار جون دعوائون!!

ڪنڌڪوٽ مان عمران علي کوسو لکي ٿو

ڪنڌڪوٽ ضلعي اندر خوني جهيڙا ختم ٿيڻ ضلعي جي عوام جو ديرينا خواب آهي. خوني جهيڙن سبب ضلعي جو امن تباهه جڏهن ته صورتحال ڪشمير جهڙي بڻجندي وڃي پئي، جتي ظلم و ستم جا داستان هر اک ۾ سمايل آهن. ضلعي اندر مختلف ڌرين ۾ خوني جهيڙا ڏهاڪن کان هلندا پيا اچن، پر هنن جهيڙن کي روڪڻ ۽ ختم ڪرائڻ ۾ ضلعي جي ڪنهن به چونڊيل نمائندي ڪردار ادا نه ڪيو آهي ۽ نه ئي قانون خوني جهيڙن کي روڪڻ لاءِ پنهنجي گرفت مظبوط ڪري سگهيو آهي. هڪ طرف ڊزنين ماڻهو قتل ڪرايا پيا وڃن ته ٻئي طرف حڪومتي رٽ ۽ قانون جي رٽ کي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا هٿياربند سرعام چيلينج ڪري رهيا آهن. هڪ ئي ڏينهن هڪ ئي گهر جي 9 گهر ڀاتين کي قتل ڪندڙ ۽ علائقي ۾ قيامت برپا ڪندڙن خلاف ڪنهن به قسم جي ڪاروائي نه ٿيڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته صورتحال ڳنڀير ۽ ضلعو هٿياربندن هٿان يرغمال ٿيل آهي ۽ ضلعي جي عوام کي هنن جي رحم و ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي.
2 ڏينهن اڳ ڪنڌڪوٽ جي ڪچي دراني مهر جي ڳوٺ رئيس مينگل چاچڙ ۾ خوني راند کيڏندي 9 انساني جانين جو پکين جيان شڪار ڪندڙ گروهه خلاف ڪابه ڪاروائي نه ٿيڻ مقتولن جي وارثن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر آهي.2 ڏينهن اڳ پوري سنڌ کي ڏک ڏيندڙ ڪنڌڪوٽ جي صورتحال کان پنهنجي پڙهندڙن آڏو درد بيان ڪيون ته ڪنڌڪوٽ دراني مهر جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ رئيس مينگل چاچڙ ۾ رت جي راند کيڏندي هٿياربند ٽولي حملو ڪري 9 ڄڻن کي قتل ۽ هڪ کي زخمي ڪيو هو. لاش 3 ڪلاڪن تائين واقعي واري هنڌ پيل رهيا جڏهن ته هٿياربند جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪندا رهيا. 3 ڪلاڪن جي فائرنگ ۾ به پوليس بيوس رهي ۽ جهيڙي کي ٽارڻ لاءِ ڪنهن به قدم نه کنيا. علائقي ۾ جديد هٿيارن سان فائرنگ سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙيل رهيو ۽ آس پاس ۾ رهندڙ علائقي واسي گهرن تائين محدود رهيا. واقعي جو پس منظر اهو آهي ته ڳوٺ رئيس مينگل چاچڙ ۾ چاچڙ برادري جو چوپايو مال گم ٿيو جنهن بعد چاڇڙ برادري جي ماڻهن مال جو پيرو کنيو ۽ ڪچي طرف روانا ٿيا هٿياربندن مورچا سنڀالي پنڌ ايندڙن مٿان حملو ڪري ڏنو. کليل ميدان هجڻ ڪري آساني سان ماڻهن کي نشانو بڻايو ويو. مارجي ويل 9 ڄڻا 3 سڳا ڀائر، چاچا ڀائٽيا آهن. 2 لاشن جي پوسٽ مارٽم ڪنڌڪوٽ سول اسپتال جڏهن ته 7 جو ڳوٺ رئيس مينگل چاچڙ ۾ ڪيو ويو جڏهن ته زخمي ذوالفقار چاچڙ جو علاج هلندڙ آهي. واقعي بابت چاچڙ برادري جي چڱي مڙس عرض محمد چاچڙ جو چوڻ هو ته اسان جي ماڻهن کي ٽڪر سبزوئي ۽ سندس ساٿين گڏجي ماريو آهي. جاگيراڻين سان اسان جو جهيڙو هلندڙ آهي پر هن واقعي ۾ صرف ٽڪر سبزوئي ئي ملوث آهي. هن جو چوڻ هو ته مارجي ويلن جي تدفين بعد ئي ڪيس داخل ڪرايو ويندو. مارجي ويل 9 ڄڻن ۾ هڪ اڌڙوٽ ۽ 8 ڄڻا نوجوان هئا.
واقعي بابت پوليس جو چوڻ هو ته واقعي ۾ ملوث هٿياربندن خلاف مختلف نوعيت جا ڪيس داخل آهن جيڪي پوليس کي گهربل آهن. وڌيڪ خونريزي کان بچڻ لاءِ پوليس علائقي ۾ الرٽ آهي ۽ پوليس علائقي ۾ پڪٽون قائم ڪري ورتيون آهن. قبائيلي خوني جهيڙن ڪري ئي علائقي جو امن خراب آهي پوليس چيو ته ڌرين جا چڱا مڙس اڳتي اچن ۽ قبائيلي جهيڙن جي خاتمي لاءِ ڪردار ادا ڪن. جڏهن ته مارجي ويلن جي جنازه نماز ڳوٺ رئيس مينگل چاچڙ ۾ هزارين ماڻهن جي موجودگي ۾ ادا ڪئي وئي. 9 ڪونڌرن جا لاش کڄڻ تي قيامت جهڙا منظر هئا هر طرف روڄ راڙو متل رهيو. يقينن جي قانون ۽ حڪومت اهڙن دردناڪ واقعن تي خاموشي اختيار ڪندا ته سنڌ اندر هر روز ڊزنين لاش ملندا رهندا. هاڻ ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته ڌرين جا چڱا مڙس سردار چونڊيل نمائندا ۽ حڪومتون هلائيندڙن کي سنجيدگي سان سوچي ضلعي اندر خوني جهيڙا ختم ڪرائڻا پوندا ۽ ضلعي جي پوليس کي هٿياربندن خلاف سخت ڪاروائي ڪرڻي پوندي، جيئن هن ضلعي مان گولين جي ڌپ هٿياربندن سميت ختم ٿي سگهي.