اسرائيل جي دهشتگردي جاري، شهيد فلسطينين جو تعداد 209 ٿي ويو

0
499

غزا (ڊيسڪ رپورٽ) غزه جي پٽي تي اسرائيلي جهازن هڪ ڀيرو وري شديد بمباري شروع ڪري ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ عمارتون ڊهي پٽ ٿي ويون، پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطينين جو تعداد 209 ٿي ويو ۽ 1200 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي آهن، اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي ته آهن غزه ۾ دهشتگردن کي نشانو بڻايو آهي، جڏهن ته عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيلي جهازن 70 حملا ڪيا، ميزائل سامونڊي علائقن ۾ ڪريا، ٻئي طرف حماس طرفان غزه کان اسرائيلي آبادي تي جوابي راڪيٽ حملا ڪيا ويا.