سنڌ نئين بيوه جو روپ بڻيل

0
184

هن سنڌ جي ڪھڙي تعريف ڪجي، جتي وحشيپڻي ۽ درندگي جو ناچ هلي رهيو آهي. جتي قبيلائي، سرداري، وڏيرڪي نظام جو هڪ مضبوط ڄار وڇايو ويو آهي، جنهن ۾ اٻوجھه ماڻهو ڦاٿل آهن.
هن سنڌ لاءِ ڇا ٻڌائجي جيڪا ڪووڊ 19 جي لهرن جي لپيٽ ۾ آهي. جيڪا امڪاني طوفان جي خوف ۾ جڪڙيل آهي، جيڪا پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي، جنهن ۾ بک، بيروزگاري، بدحالي، اغوا، چوري، ڦرلٽ سان گڏ بيڊگورننس باوجود ڪوڙي انا جي تسڪين خاطر پنهنجا ويڙها ويران ٿيندي رڙيون ۽ رانڀاٽ ڪندي ڏسجي رهي آهي.
هن سنڌ جي ڪھڙي ڳالھه ڪجي، جنهن سنڌ جو سرداري ۽ ڀوتارڪو نظام خونريزي ۾ ئي پنهنجي بقا سمجهي ٿو.
ان سنڌ لاءِ ڇا چئجي جنهن ۾ قتلام ۽ ڏوهن جو بنيادي ڪارڻ ڪمزور سياسي نظام ۽ مضبوط وڏيرا شاهي بڻيل آهي. ان سنڌ جي شعور کي اهڙي بربريت خلاف ڀرپور آواز اٿارڻ گهرجي. ڇا اهو شعور ان جهالت سان جنگ جوٽڻ جي لاءِ تيار آهي؟! ڇا سنڌ جو شعور وکون کڻندو پنهنجي ڌرتيءَ جي بقا لاءِ…؟!
ڇا شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي ان سنڌ ۾ ڪا رياستي رٽ قائم ٿيندي نظر اچي ٿي؟ ڇا هتي سردار، ڀوتار، وڏيرا سڀ ڪنهن نه ڪنهن طرح پنهنجن پٽڪن ۽ انائن جي فڪر ۾ ڳري ناهن رهيا.؟ ان سنڌ جي ننڍڙي شهر ڪنڌڪوٽ ۾ جڏهن هڪ ئي خاندان جي 9 ڄڻن جا جنازا نڪتا ان پل سنڌ جي هنيانءَ ۾ گهرو چَڪُ لڳو ۽ ڌرتيءَ جي ھر فرد جي اک آلي ٿي. پياري قاسم راڄپر چواڻي اجتماعي جنازا پڙهڻ بدران سردارن جا انفرادي جنازا پڙهي سرداري ۽ برادري نظام کي دفنايو وڃي، ته سنڌ ۾ امن ٿي ويندو ۽ ان امن جي بحالي لاءِ فرد کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ٻئي طرف سنڌ ۾ اُن وقت تائين امن، ڀائيچارو پيدا نه ٿيندو جيسيتائين تعليم کي عام نه ڪيو ويندو. تيستائين ھيءَ وڏيرا شاهي ختم نه ٿيندي جيستائين سنڌ جو هر ٻار اسڪول ۾ داخل نه ڪيو ويندو. سنڌ مٿان زوري مڙهيل هيءُ جڙتو سرداري نظام ئي ڏوهن جو بنيادي ڪارڻ آهي. جنهن کي تعليم سان ئي ختم ڪري سگهجي ٿو. جنهن لاءِ اچو سنڌ ۾ تعليم کي عام ڪريون ۽ پنهنجي حصي جو ڪم پورو ڪريون.