رئيس غلام قادر مري ۽ سلامت لاکو تڪرار نه نبريو، خوني ويڙهه جو خدشو

0
754

ٽنڊوالهيار: ٽنڊوالهيار جي پ پ اڳواڻ رئيس غلام قادر مري ۽ ميرپورخاص بار ڪائونسل جي ميمبر سلامت لاکو ۾ هلندڙ تڪرار جي خاتمي لاءِ پ پ اڳواڻ مير منور ٽالپر جي ٽياڪڙي به ڪم نه آئي، ڪنهن به وقت ٻنهي ڌرين ۾ خوني ويڙھ ٿيڻ جو انديشو آهي ۔ ٻنهي ڌرين پاران هڪ ٻئي تي مختلف الزام هڻي ڪيس داخل ڪرائڻ جي جدوجهد جاري آهي. ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي سلامت لاکي ٻڌايو ته ميرمنورٽالپر جي چوڻ تي مون تمام اختلاف ختم ڪرڻ پي چاهيا پر غلام قادر مري منهنجي 13 ورهين جي پٽ اسد لاکي کي آزاد ڪرڻ لاءِ ميرپورخاص ۾ ڪٽيل سوسائيٽي جو 60 سيڪڙو حصو گهري پيو جنهن ۾ هڪ بلڊر مافيا به ملوث آهي. هن چيو ته ٽنڊوالهيار جي ايس ايس پي غلام قادر مري جي اشارن تي منهنجي خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آهن، آئون پنهنجي پٽ جي بازيابي لاءِ ۽ اسان مٿان داخل ڪوڙن ڪيسن خلاف عدالتن جا دروازا کڙڪائي رهيو آهيان مونکي اميد آهي ته عدالتون مون سان انصاف ڪنديون. هن چيو ته مير منور ٽالپر مون لاءِ محترم ۽ عزت لائق آهي پر غلام قادرمري هن جي حڪم کي نه مڃيندي مون سان نا انصافيون ڪيون آهن. ان ڏس ۾ رئيس غلام قادر مري سان رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر سندس نمبر مسلسل بند پيو وڃي.