روهڙي ويجهو ناري کي مبينا اغوا ڪرڻ جي ڪوشش، ماءُ ۽ ڀاءُ زخمي

0
350

روهڙي (ن پ ا) روهڙي ويجهو پٽڻي ٿاڻي جي حد ۾ ٽنڊو ٻوراهو واري علائقي مان نوجوان ناري کي مبينا طور اغوا ڪرڻ جي ڪوشش مزاحمت تي ماءُ ۽ ڀاءُ زخمي ٿي پيا جن احتجاج ڪيو، مير حسن شيخ پنهنجا معصوم ٻارڙا ۽ عورتون ساڻ ڪري نياڻي جي ساھرن ۽ پاڙي ۾ رهندڙ شيخ برادري جي ماڻهن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، هنن چيو ته ٻہ سال اڳ نياڻي جي شادي ميرپور واسي معشوق سميجو سان ڪرائي ھئي جتي نياڻي تي سخت تشدد ڪيو ويندو هو، جيڪا مڙس جي ظلمن کان تنگ اچي ھتي پھتي آهي ۽ عدالت سڳوري جي مدد سان طلاق وٺڻ چاهي ٿي، هنن چيو ته ناري جو مڙس اسان جي پاڙي وارن سان ملي نياڻي کي زبردستي اغوا ڪرڻ لاءِ گهر تي حملو ڪرايو آهي مذمت تي اسان جا ماڻهو زخمي به ٿيا آهن، مظاھرين آئي جي سنڌ ڊي آئي جي سکر ايس ايس پي سکر کان کان مطالبو ڪيو آهي تہ واقعي جو نوٽيس وٺي انصاف ڏياريو وڃي.