”دي ڪپل شرما شو“ تي ٻيهر ڪيس داخل

0
244

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارت جو مشهور ڪاميڊي پروگرام ”دي ڪپل شرما شو“ هڪ ڀيرو ٻيهر ڏکيائين جو شڪار ٿي ويو.ڀارتي ميڊيا موجب پروگرام جي ميزبان ڪپل شرما خلاف مڌيا پرديش جي شيو پوري عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.رپورٽن موجب پروگرام جي هڪ قسط ۾ عدالت جي ڪمري جو منظر پيش ڪندي عدالت ۾ ماڻهن کي شراب پيئندي ڏٺو ويو جنهن تي ڪپل شرما شو جي انتظاميا تي توهين عدالت جو الزام لڳايو ويو ۽ ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي.ڪيس ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي وڪيل سريش ڌاڪڙ داخل ڪرايو جنهن موجب شو جي ميزبان ڪپل شرما ۽ ڀارتي چينل سوني ٽي وي جي ڊائڪريٽر ايم پي سنگهه جي خلاف آءِ ٽي ايڪٽ ۽ اڪسائيز ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ان معاملي جي ٻڌڻي پهرين آڪٽوبر کان ٿيندي.واضح رهي ته دي ڪپ شرما شو جي جنهن قسط تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي اهي اها گذريل سال 19 جنوري تي نشير ڪئي وئي هئي جڏهن ته هلندڙ سال 24 اپريل تي ان کي ٻيهر ٽي وي تي ڏيکاريو ويو هو. ياد رهي ته دي ڪپل شرما شو تقريبن 7 مهينا بند رهڻ کان پوءِ 21 آگسٽ کان ٻيهر ڀارتي ٽي تي نشر ڪيو پيو وڃي.