نواز الدين صديقي دنيا جي بهترين اداڪارن مان هڪ آهي: ڪنگنا

0
160

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ڪنگنا رناوت اداڪار نواز الدين صديقي کي دنيا جي بهترين اداڪارن مان هڪ قرار ڏئي ڇڏيو.هر وقت زهر اوڳاڇيندڙ اداڪارا ڪنگنا رناوت گھٽ ماڻهن جي تعريف ڪندي آهي، پر هن نواز الدين صديقي جي تعريف ڪئي آهي.حقيقت ۾ ڀارتي فلم انڊسٽري جي ورسٽائل اداڪار نواز الدين صديقي کي هن جي فلم ”سيرس مين“ ۾ اداڪاري لاءِ انٽرنيشنل ايمي اويوارڊ ۾ بهترين اداڪار لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي.اداڪارا ڪنگنا رناوت نواز الدين صديقي کي انٽرنيشنل ايمي ايوارڊز ۾ نامزد ٿيڻ تي مبارڪ ڏيندي چيو آهي ته ”ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اوهان دنيا جي بهترين اداڪارن مان هڪ آهيو“.