دادو (رپورٽر) دادو ڀرسان ڳوٺ عيسيٰ ٻٻر ۾ سڳي ڌيءُ اکين کان نابين پيرسن پيءُ گهنور فقير کي تشدد ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو، پيرسن شهيد مخدوم بلاول جي درگاھ تي پناھ ورتي آهي، ان حوالي سان پيرسن گهنور فقير ٻٻر زارو قطار روئيندي ٻڌايو ته زال، پٽ ۽ ڀائر ناهن، صرف سڳي ڌيءُ آهي، جيڪا روز روز مارڪٽ ڪري گهران ڪڍي ٿي، هن چيو ته ڌيءُ کي 4 ايڪڙ زرعي زمين به لکي ڏني آهي، جڏهن ته پيرسن جي اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد شهيد مخدوم بلاول ٿاڻي جي اهلڪارن پيرسن وٽ پهچي کيس رپورٽ داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي هلڻ جو چيو، جنهن تي پيرسن گهنور پوليس اهلڪارن کي ڌيءُ خلاف رپورٽ داخل ڪرائڻ کان جواب ڏئي واپس ڪري ڇڏيو، پيرسن جو چوڻ هو ته نياڻي کي پالي وڏو ڪيو آهي، ان کانسواءِ منهنجو ڪير به ناهي، ڌيءُ جي پوليس هٿان تذليل نه ٿو ڪرائڻ چاهيان.