گهوٽڪي(رپورٽر)گهوٽڪي عدالت مان جهيڙي ڪيس ۾ ضمانت ڪرائي گهر ويندڙ ڳوٺاڻن جو پوليس پيڇو ڪيو ته ٻئي ڄڻا ڪمند جي فصل ۾ لڪي ويا، پوليس پاران ڪمند جي فصل مان هڪ ڄڻي کي مقابلي بعد پسٽل سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، 13ڊي ۽ پوليس مقابلي جا 2 الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا، گهوٽڪي پوليس موجب ته شهر جي ڪلمه چوڪ وٽ پوليس معمول مطابق چيڪنگ ڪري رهي هئي ته موٽرسائيڪل سوار ٻن ڄڻن کي پوليس روڪڻ جو اشارو ڪيو ته موٽرسائيڪل سوار فائرنگ ڪري فرار ٿيا ته پوليس پيڇو ڪري باءِ پاس ڀرسان صديق آباد کهاوڙ ڀرسان موٽرسائيڪل سوار ڪمند جي فصل ۾ لڪي ويا جنهن بعد وڌيڪ پوليس نفري کي طلب ڪيو ويو ۽ پوليس پهچي ڪمند جي فصل جو گهيرو ڪيو ڪري هڪ ڄڻي عبدالحميد سندراڻي کي پسٽل سميت گرفتار ڪري ورتو ۽ اطلاع تي پوليس جي مدد لاء ڀرپاسي جا ڳوٺاڻا به پهچي ويا جن ڪمند جي فصل ۾ لڪي ويل ٻئي جوابدار جي ڳولا ڪئي پر ٻيو جوابدار نه ملي سگهيو. رابطو ڪرڻ تي گهوٽڪي پوليس ٻڌايو ته گرفتار ڪيل جوابدار عبدالحميد سندراڻي ۽ فرار ٿي ويل جوابدار قادرو سندراڻي مٿان سرڪار جي فرياد تي 13ڊي ۽ پوليس مقابلي جا 2 الڳ الڳ اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، هوڏانهن پوليس جي ڪمند ۾ سرچ آپريشن واري هنڌ وڪيل علي بخش مهر پهچي ايس ايڇ او اي سيڪشن گهوٽڪي کي ٻڌايو ته عبدالحميد سندراڻي ۽ قادرو سندراڻي عدالت ۾ برادري سان جهيڙي ڪيس ۾ ضمانت لاء آيل هئا جن جي عدالت 50.50 هزار عيوض ضمانت منظور به ڪري ورتي آھي واپس گهر ويندي پوليس جي چيڪنگ جي خوف سبب فرار ٿيا آهن باقي چور يا ڌاڙيل ناهن ڀل پوليس جاچ ڪري.