حڪومت غريبن لاءِ پيٽرول سستو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

0
294
ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وري واڌ جو امڪان
ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وري واڌ جو امڪان

حڪومت غريبن لاءِ پيٽرول سستو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، موٽر سائيڪل سوارن کي في لٽر پيٽرول تي 100 روپيا رليف ڏنو ويندو

 پيٽروليم بابت مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته وڏين گاڏين وارا پيٽرول جي وڌيڪ قيمت ادا ڪندا، هاڻي امير في لِٽر پيٽرول تي 100 روپيا وڌيڪ ڀريندا

مملڪتي وزير مصدق ملڪ جو چوڻ هو ته گئس جي اگهن بابت فيصلو پهرين جنوري کان لاڳو ٿي چڪو آهي، حڪومت گئس جي اگهن کي به ورهائي ڇڏيو آهي، غريبن ۽ اميرن کي گئس جا بل ڌار ڌار اُماڻيا پيا وڃن

هي به پڙهندا

عمران خان جي نفرت واري سياست سان ملڪ کي نقصان پهچي رهيو آهي: بلاول ڀٽو زرداري