اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت سعودي کان عالمي ادارن کان به وڌيڪ 3.2 سيڪڙو وياج تي قرض وٺي ڇڏيو، مسلم ليگ (ن) جي حڪومت سعودي عرب کان ڏيڍ ارب ڊالر جي رقم بنا وياج جي مالي مدد طور وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي هئي، جڏهن ته پي ٽي آءِ حڪومت کي سعودي عرب 3.2 سيڪڙو وياج جي ادائگي جي شرطن تي 4.2 ارب ڊالر جو مالياتي پيڪيج ڏنوآهي، جيڪو آءِ ايم ايف کان ٿورو سستو آهي، هٿ ڪيل معلومات مطابق مسلم ليگ (ن) مٽا سٽا جي ناڻن جي ذخيرن کي مستحڪم رکڻ لاءِ سعودي حڪومت کان پنهنجي 2018ع ۾ ختم ٿيل حڪومتي دور دوران ڏيڍ ارب ڊالرن جي مالي امداد ورتي جيڪا سعودي عرب پاران پاڪستان کي مالي مدد طور تي رقم فراهم ڪئي وئي، جنهن جو ڪو به وياج پاڪستان کي ادا نه ڪرڻو پيو، جڏهن ته آءِ ايم ايف پاڪستان کي لڳ ڀڳ 4 سيڪڙو جي وياج جي شرح تي قرض فراهم ڪري رهيو آهي، ورلڊ بينڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بينڪ پاران ترقياتي اسڪيمن لاءِ ڏيڍ سيڪڙو تائين به وياج جي شرح تي پاڪستان کي رقم فراهم ٿيندي آهي، سعودي عرب پي ٽي آءِ حڪومت کي 4.2 ارب ڊالر جو پيڪيج 3.2 سيڪڙو وياج جي شرح تي ڏنو آهي.