حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حسين آباد پوليس  مقابلي بعد هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس جو چوڻ آهي لطيف آباد يونٽ نمبر 4 جي علائقي ميرن جي مشين وٽ ڦر جي ارادي سان بيٺل 3 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جن پوليس کي ڏسندي فائرنگ ڪئي ۽ جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڦورو عابد سولنگي زخمي ٿيو جڏهن ته سندس 2 ساٿي اونداهي جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا، جن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي، پوليس زخمي جوابدار کي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪري سندس قبضي مان ٽي ٽي پستول هٿ اچڻ ۽ پوليس سان مقابلي جا 2 ڌار ڌار ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن.