ڪراچي (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي اڳوڻي گهرواري ريحام خان پنجاب جي وڏي وزير بابت عدالتي فيصلي تي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ريحام خان چيو ته هڪ پارٽي جي سربراهه جي خط تي 25 ميمبرن جي اسيمبلي رڪنيت ختم ڪئي وئي ۽ ٻي پارٽي جي سربراهه جي خط تي اعتراض آهي، اهو ٻٽو معيار جيستائين ختم نه ٿيندو، ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي. هن پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته پرويز الاهي وڏو وزير بڻجڻ تي تحريڪ انصاف ائين خوش ٿي رهي آهي، ڄڻ هو پي ٽي آءِ جو نظرياتي ڪارڪن هو.