حيدرآباد ۾ مبينا طور خانگي بئنڪ جو سيڪيورٽي گارڊ قتل، وارثن جو احتجاج

0
278

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد جي سٽيزن ڪالوني ۾ قائم خانگي بئنڪ مان سيڪيورٽي گارڊ جو لاش هٿ آيو، پوليس موجب 35 سالن جي شاهد خاصخيلي کي اڻ ڄاتل ڦورن رات دير سان بئنڪ ۾ مبينا ڌاڙي جي ڪوشش دوران مزاحمت تي قتل ڪيو آهي، اڻ ڄاتل ڦورو بئنڪ جو لاڪر به ٽوڙي رقم کڻي ويا آهن، في الحال بئنڪ عملو ڪجهه نه ٿو ٻڌائي، سيڪيورٽي گارڊ جي وارثن بئنڪ عملي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.