شهدادڪوٽ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف مظاهرو، ڌرڻو

0
230

شھدادڪوٽ (رپورٽر) شهدادڪوٽ ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن پاران بجلي جي اڻ اعلانيه لوڊ شيڊنگ ۽ سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف سبزي منڊي کان ريلي ڪڍي ڪوٽو موٽو چوڪ تي 2 ڪلاڪ ڌرڻو ھنيو ويو، جڏهن ته ڌرڻي سبب ٽرئفڪ پڻ معطل ٿي وئي، ڪامريڊ حيات تنيو، شبير مگسي، امداد سومرو، شهيد ڀٽو اڳواڻ منير بروهي ۽ ٻين چيو ته سيپڪو عملدار 8 کان 10 ڪلاڪ اڻ اعلانيه لوڊ شيڊنگ ڪري رهيا آهن، شھر جي ڪيترن ئي محلن جا ٽرانسفارم سڙيل آھن، تبديل ڪرڻ لاءِ سيپڪو وارا ڳري رشوت طلب ڪري رهيا آھن.