ڪوٽ غلام محمد ويجهو موٽرسائيڪل ۽ رڪشا ۾ ٽڪر، 2سڳا ڀائر فوت، 5ڄڻا زخمي

0
243

ڪوٽ غلام محمد (رپورٽر) ڪوٽ غلام محمد ويجهو برکورا بس اسٽاپ وٽ تيز رفتار موٽرسائيڪل ۽ رڪشا ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار طارق پٽ رتي مئيو ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته طاهر مئيو، سليمان خاصخيلي، نجمه خاصخيلي، ڪامران خاصخيلي، عبدالله ڀٽي ۽ سڪندر ڀٽي زخمي ٿي پيا، اطلاع تي پوليس پهچي لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، طاهر ميئو پٽ رتي ميئو به زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو.