حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (حيسڪو) سب ڊويزن سٽيزن ڪالوني مبينا طور بجلي چوري ۾ ملوث ۽ مختلف علائقن ۾ غيرقانوني ڪنڊا سسٽم جي سرپرستي ڪندڙ شهرين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ پوليس کي ليٽر لکي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ ايس ڊي او سيد عاقب شاهه ليٽر ۾ ڄاڻايو آهي ته ڪجهه پرائيوٽ ماڻهو ڪنڊا سسٽم جي سرپرستي ڪري بجلي چوري ۾ ملوث آهن. سندن اهڙي عمل سان قومي خزاني کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي. ليٽر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گلستان سجاد واري علائقي ۾ مبينا طور بجلي چوري ۾ ظفر علي ۽ عنصر علي ملوث آهن جڏهن ته مڊ سٽي پلازه گلستان سجاد ڪاشف جمالي ۽ شهزاد سومرو جڏهن ته لائيف اسٽائيل پلازه ۾ سجاد مري، ماروي ڪاٽيج ۾ زبير سمون، گولڊ پلازه واري علائقي ۾ نعيم شاهه ۽ مجيب سولنگي، گلستان سجاد ۾ ممتاز هڱورو، منو ابڙو، سٽيزن ڪالوني ۾ اصغر علي، ماڊل ٽائون ۾ لالو چانڊيو، ماروي ٽائون ۾ ذوالفقار علي، علمدار چوڪ وٽ اسلم سولنگي، سونو سجاد آباد ۾ فهد ڏاهري، سٽيزن ڪالوني ۾ ڪنڊا سسٽم توڙي غيرقانوني بجلي استعمال ڪندڙن جي سرپرستي ڪري رهيا آهن جن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي.