حيدرآباد (بيورو رپورٽ) جي او آر پوليس ڪمشنر جي حڪم بعد سيپٽمبر 2012ع دوران ڊاڪٽر ڪليم الله شيخ کي الاٽ ٿيل بنگلو زبردستي خالي ڪرائي ڇڏيو، فيملي کي حراسان ڪرڻ بعد ٻه ڀائر گرفتار ڪري جي او آر ٿاڻي منتقل ڪيا ويا. ٻڌايو پيو وڃي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد به ڪجهه عرصو اڳ اهو بنگلو خالي ڪرائڻ کان انتظاميا کي منع ڪئي هئي پر تنهن باوجود انتظاميا سرڪاري مشينري جو استعمال ڪندي سڄو ڏينهن ڊاڪٽر ڪليم الله شيخ جي گهر کي گهيرو ڪري سندس فيملي کي حراسان ڪرڻ بعد زبردستي گهر خالي ڪرائي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جڏهن ته پوليس مزاحمت ڪرڻ تي سندس ٻن ڀائرن پراسيڪيوٽر سليم الله شيخ ۽ اسد الله شيخ کي تحويل ۾ وٺي جي او آر ٿاڻي منتقل ڪيو. ڪمشنر جي حڪم تي گذريل ڏينهن جي او آر، ڪينٽ، حسين آباد، حالي روڊ، سائٽ، بي سيڪشن ۽ اي سيڪشن سميت 10 ٿاڻن جي پوليس گهر خالي ڪرائڻ لاءِ پهتي جنهن دوران سڄو ڏينهن پوليس عملدارن ۽ انتظامي عملدارن گهرڀاتين کي حراسان ڪيو ۽ بعد ۾ پوليس مک گيٽ ٽوڙي گهر ۾ اندر داخل ٿي عورتن ۽ ٻارن کي زبردستي ٻاهر ڪڍيو جنهن تي گهر ۾ موجود سندس ٻن ڀائرن مزاحمت ڪئي ته پوليس کين تشدد جو نشانو بڻائي پوليس موبائيلن ۾ ويهاري جي او آر ٿاڻي منتقل ڪيو. پوليس ڄاڻايل ڪارروائي مختيارڪار ۽ ٻئي عملي جي موجودگي ۾ ڪئي. ڊاڪٽر ڪيلم الله شيخ جو چوڻ آهي ته اڳوڻي ڪمشنر قانوني طور تي 11 سال اڳ کيس ڄاڻايل گهر الاٽ ڪيو هو جنهن جو هو هر مهيني ڪرايو به ادا ڪندو رهيو آهي. جوائنٽ فيملي هئڻ سبب سندس ٻه ڀائر به گڏ رهن ٿا پر تنهن باوجود موجوده ڪمشنر ڄاڻايل گهر ٽريزري آفيس ڄامشورو جي ملازم گلشير علي کي الاٽ ڪندي کانئس زبردستي خالي ڪرائي ڇڏيو آهي جڏهن ته ان کان اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ به سندس گهر خالي ڪرائڻ کان انتظاميا کي روڪيو هو ۽ هاڻي به هن عدالتي حڪم نه مڃڻ تي انتظاميا خلاف ٻيهر سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪيو جنهن جي ٻڌڻي 11 جولاءِ تي رکيل آهي پر ان کان اڳ ئي ڪمشنر جي حڪم تي پوليس ۽ مختيارڪار سندس زوري گهر تي قبضو ڪري ورتو آهي. پوليس هٿان گرفتار ٿيل پراسيڪيوٽر سليم الله شيخ ۽ سندس ڀاءُ اسد الله شيخ جو چوڻ آهي ته ايس ايڇ او حالي روڊ نثار احمد شاهه ۽ ٻين پوليس عملدارن مٿن تشدد ڪري فيملي کي حراسان ڪيو آهي جنهن جو نوٽيس ورتو وڃي. ڊاڪٽر ڪليم الله شيخ جي وڪيل محمد آصف شيخ جو چوڻ آهي ته تازو انهن ڪمشنر پاران ٻيهر گهر خالي ڪرائڻ تي عدالت سان رجوع ڪيو جنهن جي ٻڌڻي 11 جولاءِ تي رکيل آهي ۽ ان کان اڳ انتظاميا توڙي پوليس غيرقانوني طور گهر خالي ڪرائي قبضو ڪيو آهي جيڪو عمل غيرقانوني آهي جنهن خلاف ٻيهر هو عدالت سان رجوع ڪندا. جي او آر ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل گهر هاڻي ٽريزري ملازم کي الاٽ ٿيو آهي ان ڪري انهن ڪمشنر جي حڪم بعد ڪارروائي ڪري پرامن طريقي سان گهر خالي ڪرايو.